Page:Zeenat.pdf/52

This page has not been proofread.

ڌيڻين مس مس بيٺي آهي. پوءِ ته مائي به نڪري ٻاهر آئي، بختاور وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي.

ٻنپهرن جو وري مائيءَ شهربانوءَ وڃي ڪوٺيءَ ۾ آرام ٿي ڪيو ته اتي حامد به آيو، تنهن کي سڏي ڀر ۾ ويهاريائين، هن سان اهو ذڪر چوريائين ۽ جيڪي چوڻو هوس سو چڱيءَ طرح سمجهايائينس. حامد ته علي رضا جو سنگتي هو ۽ هن جي هلت چلت جو چڱيءَ طرح واقف هو، سو انهيءَ رٿ ۾ ناراض نه ٿيو باقي پنهنجي شاديءَ بابت ته هو پاڻ به انهيءَ ڳالهه تي بيٺو ته ”اڃا منهنجي شاديءَ جي تڪڙ ڪانه پيئي آهي، نڪو اڃا آءٌ کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيو آهيان.“ ٻيو هيءُ به چيائين ته ”مامي جي ڌيءَ اڃا ننڍڙي آهي، جڏهن ڪا وڏي ٿئي، تنهن کان سواءِ هن کي سڱاوتيءَ جو سودو پسند ناهي. آءٌ جڏهن شادي ڪرڻ جهڙو ٿيس، تڏهن پاڻهي پنهنجي زال جو بندوبست ڪندس، اوهان کي هلاڪي ڪانه ڏيندس.“ حامد ته اهي ڳالهيون علي رضا، توڙي شهر جي ٻين ڪن سنگتين جي صحبت ۾ سکيو هو، ۽ شهربانوءَ کي به اڳ ئي هن جي دل جي خبر هئي، تنهن هينئر کڻي ماٺ ڪئي.

زينت بانوءَ جو پنهنجي دائي کي نئين رٿ جي پسنديءَ جو اهڙو جلد جواب ڏنو، سو گهڻي خيال ۽ ويچار کان سواءِ نه هو، اڳئين ڏينهن ماڻس سان جان بيبيءَ جا سُس پس پئي ڪئي، تنهن مان ٿورو گهڻو شڪ اڳيئي پيو هوس. وري هن ڀيري جان بيبيءَ به اڳي کان وڌيڪ پيار ڏيکاريو هوس، ۽ اشاري طرح ايترو به چئي چڪي هيس ته تون اسانجي گهر ڪڏهن ايندينءَ، تنهن مان هن کي پڪو گمان پيو ته منهنجي بابت ذڪر هليو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي هوءَ انهيءَ ڳالهه تي خيال ڪرڻ لڳي. علي رضا جي گهر جي خبرچار ساري هيس، سندس گڻن جي تعريف ڀاءُ کان به ٻڌي هئائين، جو هن جو پڪو سنگتي هو. سندس شڪل به ڏٺي هئائين جو هڪڙي ڏينهن اتفاق سان نانگ مارڻ جي لاءِ اندر آيو هو ۽ سندس منهن پئجي ويو هو. هن جي تصوير به ڀاڻس وٽ هئي، جا ڀاڻس جي ڪتابن سان گڏ سندس جاءِ ۾ رکي هوندي هئي. تنهن کي هن وري به هاڻي چتائي ڏٺو، جنهن هن جي دل تي زياده اثر ڪيو. مطلب ته هوءَ ٿوري عرصي منجهه پنهنجي دل ۾ چڱيءَ طرح ويچار ڪري رهي هئي، ۽ اها جاءِ هر طرح پسند آئي هيس، تنهن