Page:Zeenat.pdf/53

This page has not been proofread.

ڪري جڏهن دائيءَ ساڻس ذڪر چوريو، تڏهن هن کي ڪا مشڪلات ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، ٿورن ئي لفظن ۾ اشاري طرح مرضي ڏيکاريائين، جو بختاور جي ڳالهائڻ مان صاف سمجهائين ٿي ته ماڻس انهيءَ ڪم ۾ راضي آهي ۽ ڀاڻس به ضرور خوش هوندو.

انهيءَ وقت کان وٺي، انهيءَ گهر جا سڀ ڀاتي سرها ڏسڻ ۾ آيا. ڇالاءِ جو جنهن ڳالهه جو سڀني جي دل تي بار هوندو هو، تنهن جو فيصلو هاڻي اچي ويجهو ٿيو هو.

ساڳيوئي حال هنن مغلن جي گهر جي ڀاتين جو هو. گذريءَ ملاقات کي ٽي يا چار ڏينهن مس گذريا هئا، ته علي رضا ماءُ کي چيو ته ”امان، بهتر صلاح آهي ته سرائيءَ جي گهران سماءُ وٺجي ته ڪهڙو حال آهي، هيستائين مائي به پنهنجي دل ۾ ٺهراءُ ڪري رهي هوندي، بهتر آهي ته ترت جواب وٺجي، متان ڍر ڏني ڪم بگڙي وڃي!“

اها صلاح ماڻس به مناسب ڄاتي، تنهن ڪري مريم جي هٿان ڪي گل جا هار به سوکڙي ڪري ڏياري موڪليائين ۽ مائي شهربانوءَ ڏي چوائي موڪليائين ته ”جنهن ڳالهه جو مون تاڪيد ڪيو هو، تنهن جو ڀلائي ڪري اسان ڏي جواب جلد موڪلجئين، جو اسان جو سڄو ئي خيال انهيءَ پاسي ٿي بيٺو آهي.“ ٻيو ته جيڪي مريم کي سمجهائڻو هون، سو سمجهائي هن کي روانو ڪيائون.

مريم وڏن وڏن گهرن ۾ آئي ويئي هئي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ فضيلت واري ۽ چالاڪ هئي، تنهن خلاصو وقت وٺي پنهنجو پيغام چڱيءَ طرح وڃي پهچايو. پاڻ منجهس جيڪا ضروري ڀڃ گهڙ ڪرڻي هيس سا به ڪيائين ۽ جيڪو مڙهو مصالحو وجهڻو هوس سو به وڌائين.

مائي شهربانوءَ ته اڳيئي تن من ڀڃي رکيو هو، پٽ ۽ ڌيءَ جي به دل جي ڳالهه هٿ ڪئي هئائين؛ تنهن مختصر طرح جواب ڏنس ته ”مائي جان بيبي کي منهنجي پاران دعائون ڏج، ۽ چئج ته تو واري ڳالهه اسان کي قبول آهي. پوءِ ڪهڙي به ڏکيائي اسان جي نظر آئي، پر جڏهن تو پاڻ انهيءَ ڪم لاءِ پنڌ ڪيو ۽ وري پنهنجو رستو به ڌارين وارو ناهي، مائٽن وارو آهي – تڏهن آءٌ اها ڳالهه مڃان ٿي،