Page:Zeenat.pdf/54

This page has not been proofread.

اڳتي جيڪي لکيي ۾ هوندو سو ٿيندو. اوهان جي ته الله جوڙي، اسان جي به کڻي جوڙيندو! هاڻي اوهين تياري ڪجو اسين به ڪنداسين. ڪو چڱو وار ڏسي في الحال مڱڻي جو بندوبست ڪجي، پوءِ شادي به ٿي پوندي.“

اهو جواب وٺي مريم سگهوئي پٺتي موٽي، اڳيان ته هنن سندس واٽ پئي ڏٺي، ايندي سان مائيءَ کي ۽ علي رضا کي مبارڪ ڏنائين.

جان بيبيءَ ڊوڙ پائي مصريءَ جو هيڏو سارو ٽڪر کڻي وات ۾ وڌس، پوءِ ته سڀئي پاڻ ۾ خوشيون ۽ چرچا ڪرڻ لڳا ۽ علي رضا ته پنهنجن ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو.