سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/01
سنڌي ادب جو پهريون دور، جنهن جو بيان ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جلد پهرئين ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ نظم ابوالحسن جي سنڌي ۽ تحت لفظي ترجمو آهي. سڀ ڪنهن ٻوليءَ جو ادب مذهبي لٽريچر کان ئي شروع ٿيندو آهي، تنهن ڪري سنڌي ادب جي پهرئين دور جو بہ مذهبي لٽريچر کان شروع ٿيڻ فطرتي ڳالهه آهي. مذهبي لٽريچر سان گڏ انهيءَ دور جي خدا پرست بزرگن جو نج توڙي مجاز جي لباس ۾ ڍڪيل صوفيانو ڪلام خاص مقدار ۾ اچي چڪو آهي.
قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاه ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل فقير، خليفه حاجي عبدالله، فقير محمد صديق (صادق)، فتح فقير، سيد ميان خير شاه ۽ سامي، اهي نج توڙي مجاز گڏيل صوفيانه لٽريچر جا ابا هئا. ميان ابو الحسن، مخدوم محمد هاشم، مولوي عبدالخالق، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، مخدوم محمد ابرهيم ڀٽي، مخدوم محمد حسين، سيد ثابت علي شاهه ۽ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو اهي مذهبي لٽريچر جا باني مباني هئا. ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي پهرئين جلد ۾ انهيءَ سموري لٽريچر جي ڇنڊ ڇاڻ ادبي نقطہ نگاه سان ڪئي ويئي آهي. پر نہ مذهبي نقطہ نظر سان.
انهيءَ دور ۾ سنڌي ٻولي جي صورت خطي مقرر ٿيل ڪا نہ هئي، تنهنڪري سنڌي لٽريچر عربي ۽ پارسي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويندو هو، جي ٻئي صورت خطيون خاص خاص سنڌي اچار ڏيکاريندڙ اکرن کي پاڻ ۾ سمائي نٿي سگهيون، تنهن هوندي بہ اوائلي لٽريچر جي جيڪا حفاظت انهن ٻنهي صورت خطين بجاءِ آندي آهي، سا شڪر گذاريءَ جي نظر سان ڏسڻ جي لائق آهي.
(سنڌي ادب جو پهريون دور سنه 1521ع کان سنه 1843ع تائين ليکيو ويو آهي.)