سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/02

سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
02. سنڌي ادب جو نئون دور1843ع کان 1875ع تائين
328996سنڌ جي ادبي تاريخ — 02. سنڌي ادب جو نئون دور1843ع کان 1875ع تائين1954محمد صديق ميمڻ

1843ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان پوءِ سنڌي ادب جو نئون دور شروع ٿيو.
ارغون گهراڻي جي حڪومت (1521) کان وٺي انگريز سرڪار جي حڪومت جي اوائلي زماني تائين، سنڌ جو سرڪاري دفتر پارسي ٻولي ۾ رکيو ويو ٿي ۽ مسلمان حاڪمن کي مذهبي تعليم تي بہ خاص نظر هئي، تنهنڪري عالم سڳورا پنهنجن مڪتبن ۾ فقط عربي ۽ پارسي ٻولين جي تعليم ڏيندا هئا. مسلمانن سان گڏ خاص طبقي جا هندو بہ مڪتبن ۾ خوشيءَ سان عربي ۽ پارسي جي تعليم وٺندا هئا. مسلمانن کي انهيءَ تعليم مان جهڙو مذهبي روح حاصل ٿيندو هو، تهڙو اخلاقي فائدو ۽ زماني جي عزت نصيب ٿيندي هئي ۽ هندن کي اخلاق جي حاصلات سان گڏ سرڪاري دفترن ۾ عزت ڀريون نوڪريون حاصل ٿينديون هيون. انهن ڏينهن جو هي پهاڪو مشهور آهي:
”پارسي گهوڙي چاڙهسي“

يعني پارسي ٻولي ضرور گهوڙي تي سوار ڪندي (وڏو عهدو بخشيندي)“
انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ بہ ڳچ وقت تائين سنڌ جو سرڪاري دفتر پارسي ٻوليءَ ۾ قائم رکيو، تنهن ڪري ميرن جي صاحبيءَ وارن عربي پارسي سيکاريندڙن مڪتبن ۾ بہ پارسي تعليم ملندي هئي. ديوان ننديرام ميراڻي پنهنجي ڪتاب ”سيکائتو نروار“ ۾ لکي ٿو، ته ”سنڌ ڏيہ جي ٽن ضلعن يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هيلوڪي يعني ارڙهن سو ڇاونجاه عيسوي ورهه جي شروع ۾ اٽڪل هڪ سئو پنجاه فارسي مڪتب هڪيا آهن ۽ تن ۾ جيڪس ٻہ هزار سکندڙ هوندا.“ (سيکائتو نروار صفحه 1).
برٽش سرڪار جلد ئي سنڌ جي سرڪاري دفتر کي سنڌي زبان قائم رکڻ ۽ انگريز عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ مان واقف ٿيڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي، مگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا ڪارگر صورتخطي مقرر ٿيل ڪا نہ هئي، تنهنڪري سربارٽل فريئر صاحب ڪمشنر سنڌ جي ڪن علم دوست بزرگن جي هڪڙي ڪميٽي ڪري موجوده سنڌي آئيويٽا مقرر ڪئي. ڏسو سنڌ جي ادبي تاريخ جلد پهريون، تنهن کان پوءِ هڪ پاسي سرڪار طرفان اهل قلم جي همت افزائي ۽ قيمتي ڪوششون ٿيون ۽ ٻئي پاسي علم دوستن کي پاڻئون تصنيفات جو دلي شوق جاڳيو، تنهنڪري نوان نوان سنڌي ڪتاب لکجڻ ۽ ترجمو ٿيڻ شروع ٿيا. اتان وٺي سنڌي ادب جي نئين دور جو نئون ڀاڱو شروع ٿيو.
جئين سنڌي ادب جو نئون دور نظم کان شروع ٿيو هو، تيئن هي نئون دور وري نثر کان شروع ٿيو، جنهن جي پٺيان نظم جا نوان نوان ڪتاب بہ شايع ٿيندا رهيا. ائين نہ سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي ادب جي هن نئين دور شروع ٿيڻ ڪري پهرئين دور وارو مذهبي ۽ صوفيانو سنڌي لٽريچر بند ٿي ويو. حقيقت ڪري سنڌي ادب جي هن نئين دور شروع ٿيڻ سان گڏ پراڻي دور واري لٽريچر جي اشاعت اٽلندو زياده ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو سڌو لاڳاپو بمبئيءَ سان ٿيو، جنهنڪري پهرئين دور وارو لٽريچر جو ٽي سؤ کن ورهيه رڳو دستخط ڪتابن جي صورت ۾ پيو هلندو هو، سو بمبئيءَ ۾ ليٿو گراف ڇاپخانن جاري ٿيڻ ڪري ڇاپجڻ ۽ سنڌ ۾ عام جام نيڪال ٿيڻ لڳو. مسلمانن جو انهيءَ پراڻي لٽريچر سان مذهبي ۽ خاص روحاني تعلق هو، تنهنڪري خانگي مڪتبن ۾ اهو پارسيءَ سان گڏ عام طرح پاڙهڻ ۾ ايندو هو ۽ اڃا تائين بہ اهو پهرئين دؤر وارو لٽريچر مسلمانن ۾ گهڻي قدر نه، ته بہ ڪي قدر چالو آهي. ڪجهه اصلوڪي صورتخطي جي حالت ۾ ۽ ڪجهه نئين صورتخطيءَ جي صورت ۾.
نئين دور جي پهرئين ڀاڱي واري سنڌي ادب وڌائڻ ۽ اُسرائڻ ۾ ڪهڙن ڪهڙن سنڌي بزرگن، يوروپي عالمن ۽ مرهٽن علم دوستن خاص بهرو ورتو ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيا، تن جي مفصل بيان ڏيڻ کان اڳ هيءَ ڳالهه ظاهر ڪرڻ ضروري آهي ته انهيءَ دور جي لٽريچر ۾ ڪهڙي نموني جي صورتخطي ڪم ايندي هئي ۽ ان وقت جا هندو ۽ مسلمان نثر نويس ڪهڙي عبارت پنهنجي تصنيفات ۾ ڪتب آڻيندا آهن.