سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/37

سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
37. حافظ حاجي حامد (حامد) (1832ع – 1897ع)
329031سنڌ جي ادبي تاريخ — 37. حافظ حاجي حامد (حامد) (1832ع – 1897ع)1954محمد صديق ميمڻ

حافظ حاجي حامد ڳوٺ ٽکڙ تعلقه گوني ضلع حيدرآباد ۾ هجري سنه 1248 مطابق 1832ع ۾ ڄائو هو. هو ميمڻ قوم مان هو. اڃا ٽن ورهين جو معصوم ٻار هو، ته ماتا جي بيماريءَ ڪري صفا نابين ٿي پيو هو. بيشڪ انهيءَ وهيءَ ۾ نابينائي نهايت دلسوز حالت چئبي. حافظ صاحب پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ حالت ڏانهن هن طرح اشارو ڪري ٿو:
”سسئي سرجئي نہ سک ماڻيو
پيس پيوند پينگهي ۾
نماڻي نينهن جا ننڍپڻ ۾
کائي سور ساماڻي.“
(ارمغان حامد صفح 38)
حافظ صاحب ڪچيءَ ۾ ئي پنهنجي ظاهري نابينائيءَ تي دل جي پريشاني ظاهر ڪري خدا تعالى کان باطني بينائي عطا ٿيڻ جو سوال ڪيو هو:
”ڪئي سدا صورت هڻي حيران دل
مون کي ڪر معني جو محرم يا خدا
ڪر سندو حامد سدا تون حفظ سين
دين دنيا ۾ چڱو دم يا خدا.“
(ارمغان صفحه 1)
حافظ صاحب پوءِ ملان ڪاتيار ڳوٺ ۾ مولوي ولي محمد وٽ بر زبان عربي تعليم شروع ڪئي. ”شرح ملا“ تائين اتي تعليم وٺڻ کان پوءِ ٽنڊه سائين داد واري مولوي قاضي ابو الحسن وٽ بر زبان عربي تعليم ورتائين ۽ پوءِ ڪجهه وقت مٽيارين ۾ بہ عربي تعليم جو اڀياس ڪيائين. خدا تعالى حافظ صاحب کي حافظو اهڙو اعلى درجي جو عطا ڪيو هو، جو خود سندس استاد بہ حيران ٿيو ويندا هئا. سندس حافظي جي تيزيءَ ۽ باطني سوجهري جون چشم ديد ڳالهيون ڪرامتن جهڙيون آهن.
ڪجهه وقت ڪپڙي جي واپار جو دڪان ڪاميابيءَ سان هلايائين. ڪپڙي جي جنس ۽ رنگ سڃاڻڻ ۾ اهڙو ماهر هوندو هو، جو جيڪڏهن نالي خاطر چشمو چاڙهي ويهي واپار ڪري ها ته ڪو بہ گراهڪ ڪڏهن بہ پروڙي نہ سگهي ها، ته حافظ صاحب ڪو نابينا آهي. هو بنا چشمي ڪپڙي جو واپار پيو ڪندو هو ۽ ڪڏهن بہ گراهڪ کيس ڌوکو ڏيئي نہ سگهيو.
آسپاس خواه پري پري جا علمي مذاق وارا خاندان حافظ کي سندس خدا داد علمي لياقت ۽ فضيلت توڙي شاعراڻي قابليت جي ڪري دعوتون ڏيو پاڻ وٽ گهرائيندا هئا ۽ کيس بہ سير و سياحت جو شوق گهڻو هوندو هو. جڏهن سندس فرزند لائق ٿيا، تڏهن ته دڪانداري ڇڏي گهڻو وقت سير و سياحت ۾ گذاريندو هو.
سير و سياحت ڪندي هن بزرگ شاعر پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ جوڌپور رياست جي ڄاريلي ڳوٺ ۾ هجري سنه 1315 مطابق عيسوي سنه 1897ع ۾ وفات ڪئي.

حافظ صاحب جو ڪلام
حافظ صاحب گويا ”سنڌ جو ملٽن“ هو. مس قلم جو محتاج شاعر نہ هو. جنهن وقت ڪو خيال حال موافق غزل، قصيدو، مخمس، مسدس وغيره سربستو چئي بنا اٽڪ وڃي پار پوندو هو. حافظ تمام گهڻو ڪلام چيو آهي، پر افسوس! جو سندس وفات کان پوءِ جيڪو بہ ڪلام هٿ ڪري شايع ڪيو ويو آهي، سو ٿورو آهي.
حافظ جا ”خطبا“ قصيدن، مخمسن، مسدسن ۽ ترجيع بندن جي صورت ۾ مولوي هدايت الله (مشتاق) متعلوي مرحوم آڳاٽا ڇاپائي پڌرا ڪيا هئا، سي سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ جي مسجدن ۾ جمع نماز جي موقع تي پڙهيا وڃن ٿا. سندس عربي، پارسي ۽ سنڌي غزل توڙي ٻيو ٿورو گهڻو متفرقو ڪلام گڏ ڪري سندس فرزند ميان محمد هاشم (مخلص) ”ارمغان حامد“ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي جو سنڌ ۾ علم دوستن جي مجلس جي دلچسپ ورونهن آهي.
حافط صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون ۽ ايجادون
1- حافظ حامد جي ڪلام جي پهرئين پهرين خصوصيت آهي حضرت نبي ڪريم (عليه الصلواة والسلام) جو عشق ۽ اهلبيت ڪرام جي محبت، حافظ مرحوم پاڻ فرمائي ٿو:
”ٿا رکن مشتاق سڌ ديدار جي
مون سڪڻ تنهنجي مٿي ڪي اڪتفا
حب حامد هاشمي جو رک هوس
آهه جو محبوب حق جو مصطفيٰ“.
(ارمغان ص 2)
”سسئي ۽ پنهون“، ”سهڻي ۽ ميهار“، ”مومل ۽ مينڌرو“، ”هير ۽ رانجهو“، ”ليلى ۽ مجنون“، ”ليلان ۽ چنيسر“ جي ذڪر ڳائيندي بہ حامد پنهنجو معشوق نبي ڪريم (صلعم) کي ٺهرائيندو ويو آهي، هڪڙي هنڌ حافظ مرحوم فرمائي ٿو:

”گرچه بلبل بر گل آمد با مجاز،
در حقيقت محو بر بوءِ شما.“
(ارمغان ص 5)
هڪڙي هنڌ ته حافظ رواجي ”عشق مجازي“ کي ”هوائي حرص“ ڪري سڏيو آهي:
”رکج عشق عربيءَ سان پختو پرياڻ،
ٻيو حرص حامد هوائي نہ ڪر“.
(ارمغان ص 13)
2- حافظ حامد مرحوم جي ڪلام جي جيڪا ٻي خاص خصوصيت آهي، سا آهي فطرت نگاري، واقعه نگاري ۽ سيرت نگاري. سانگيءَ بہ سسئي جي جهاڳيل جبلن جو نقشو، سهڻيءَ جي تار ترڻ جي ڪيفيت، ”پائر“ ۽ ”کائر“ جي تصوير عمدگيءَ سان چٽي آهي، پر حافظ انهيءَ فن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. حيرت انگيز ڳالهه هيءَ آهي، جو حافظ ٽن ورهين جي عمر ۾ نابين ٿيل، تنهن قدرت جا نظارا ۽ انساني سيرتون بينا شاعرن کان بہ زياده عمديون ڪئن چٽيون!
1- مهراڻ جي مستي ۽ سهڻي جي سيرت:
”ڏسي مهراڻ جي مستي
نه ويرن کان ورڻ گهرجي
ميهر محبوب لئي موجن
۾ منڌ توکي مرڻ گهرجي
ابت ۽ آر اوڀارو
ڪپر ڪنڌئين ڪري ڪڙڪيا
اهو اوڙاهه آڌيءَ جو
طلب وارن ترڻ گهرجي.
سيارو سير سائر جي
سٽائي ڇا جهلي سڪ کي
نماڻن نينهن جي کي نيٺ
هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي
ڪري مر ڪانڌ پيو ڪاوڙ
سدا ساهڙ هجي سر تو
سندو ڏم ڏوم ڏوراپو
نه ڪنهن پر ڪن ڪرڻ گهرجي
چريو ڪيو جنهن چئاڪي چت
سدا سا سرڪ ساريان ٿي
رهي اوراڙ اونهي کان
نه تنهن کيران کرڻ گهرجي
ٻڏيئن تان ٻاجهه ڀانئج
جي رسين تان آهه سڀ رحمت
ڇڏي حيلا حبيبن ڏي
ڀلا ڪا وک ڀرڻ گهرجي
رکڻ ناتو نهارڻ ننگ
حامد ٿئي نہ هيڪاندو
محبت وارئين موران
نه ڏونگهن کان ڏرڻ گهرجي
3- حافظ حامد جي ڪلام ۾ ٽين خصوصيت آهي ”هجويه“ مضمون، حافظ کان اڳ وارن شاعرن يا سندس هم عصر شاعرن مان ڪنهن جي بہ ڪلام ۾ هجويه ڪلام جو نہ ايترو انداز آهي ۽ نہ دلچسپ انداز ۾ هجويه ڪلام ادا ڪيل آهي. سيد ثابت علي شاهه جو ٺاهيل ”چڻنگ“ ۽ ”لڪڙو“ سيد خير شاه جو ٺاهيل ”ناني نور خاتون“ ۽ فاضل شاه جو ٺاهيل ”سڳڙو“ بہ زبردست هجويه ڪلام آهن، پر اهي خاص مذهبي ڇيڙ ڇاڙ سان ڀرپور آهن، جن کي ڪو بہ صلح ڪل سڀاءَ وارو سخن سنج هرگز پسند نہ ڪندو، مگر حافط حامد جو هجويه ڪلام گهڻي قدر پوشيدن لفظن ۾ ۽ عام مجلس کي کلائڻ جهڙو آهي.
”ارمغان حامد“ جي صفحه 45 وارو غزل، صفحه 51 وارو بزم عشق (مثنوي) صفحه 67 وارو گواه نامو (قصيدو) ۽ صفحه 75 وارو غزل هجويه ڪلام آهن.
ويهارو کن ورهيه ٿيندو، جو هڪڙي سنڌي ڇاپيل چوپڙي ٽنڊو محمد خان ۾ ڏٺي وئي هئي، جنهن ۾ فقط حافظ حامد جو ٺاهيل هجويه ڪلام ڇاپيل هو. انهيءَ ڪلام ۾ مير صاحبن جي هڪڙي خاص نوڪرياڻي جي کل چڱيءَ طرح لاٿل هئي، جنهن شايد حافظ کي ڏکويو هو. ان سان گڏ انهيءَ نوڪرياڻي جي ڌڻين جي بہ چڱي ريارام ورتل هئي. مگر افسوس جو هن وقت اها چوپڙي گهڻي ڪوشش ڪندي بہ اسان کي هٿ اچي نہ سگهي.
مثال:
منافق مدعي من ۾
اسان ڀانيو ته ايماني
ڇڏي سادات جي سانڃاه
ٿيو مردود مرواني
گلا گانڊو وهو گس تي
ڪڄاڙي لئي ڪري ڪوفي
عدو ۾ ناهه ڪو اصلئون
ادب اخلاق انساني
قدر ڪاڻي جي پٽ کي
ڪهڙو پوندو پاڪ زادن جو
هچارو ٿيو حيا کان ٻهر
ڏس نر جي ناداني
چوي ڀلجي جو بيهودو
ٻين کي آل کان اڳرو
پيو منجهه پاپ پاراتا
ڇڏي منڪر مسلماني
اڀاڳو عالمن ڏي ٿو
رکي احمق عداوت سو
رهي ٿو ڪين رهزن رول
حرڪت کان هنوماني
4-حافظ حامد جي ڪلام ۾ ايجاد آهي ”خطبه سازي“ حافظ کان اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن بہ برزگ خطبا نہ ٺاهيا هئا. البته حافظ جي هم عصر مولوي محمد عثمان نوررگ زاده کورواهي سنڌي نظم ۾ خطبا پختائيءَ بہ نسبت حافظ جا خطبا بي بها آهن. حافظ جا خطبا ناصحانه ڪلام جو خزانو آهن. جن ۾ مذهبي خواه اخلاقي نصيحتون گويا املهه ماڻڪ آهن، هي خطبا ڇاپيل آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ ۾ مسجدن ۾ سڀڪنهن جمع جي ڏينهن پڙهيا وڃن ٿا.

مضمون
حافظ حامد جي ڪلام ۾ خاص مضمون هي آهن.
(1) عاشقانو مضمون (2) ناصحانو يا اخلاقي مضمون (3) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري (4) مدحيه مضمون (5) هجويه ۽ مذاقيه

(الف) عاشقانو ڪلام؛
حافظ جو عشق سنئون سنواٽو ”حقاني عشق“ هو. خدا تعاليٰ جي صفتن ۽ قدرتن ۾ پڪو ايمان. حضرت رسول ڪريم صلي الله تعاليٰ جو سچو عشق، اهل بيت اطهار، اصحاب سڳورن، اوليائن ۽ درويشن سان صاف محبت کانسواءِ ٻيو ڪو بہ مجازي عشق حافظ کي ڪو نہ هو. ”ارمغان حامد“ ۾ جيڪي مجازي عشق جي مضمون وارا ٻہ ٽي غزل آهن، سي حافظ صاحب جا فرمائشي ڪلام آهن. يعني حضرت گدا، يا مير سانگي جيڪڏهن ڪو عاشقانو ڪلام ٺاهي ان جي تبع تي ڪلام جي گهر ڪندا هئا، ته انهن ڏي موڪليندو هو. جيئن ته مير سانگي مجازي عشق جي مضمون وارو غزل (واسع الشفتين)، جنهنجي پڙهڻ سان چپ چپن سان نٿا گڏجن (ڏسو مير سانگي جي بيان ۾ انجون ايجادون) سو ٺاهي پڇاڙيءَ ۾ لکيو هئائين ته گدا حيدري ۽ شاعر ٽکڙ (حافظ حامد) کي ههڙي غزل ٺاهڻ لاءِ انتظار ڪڍڻو پوندو. اهو غزل جڏهن حافظ حامد کي پهتو تڏهن ان جي جواب ۾ هيٺيون غزل ساڳئي مضمون ۽ ساڳئي سينگار ۽ صنعت سان تيار ڪري سانگي ڏي موڪليائين؛
هوت هينئڙي هار دلجا ٺار گلرخ گلعذار،
جڳ اندر جاني نہ ٿيو ڪو جوڙ توسان جيءَ جيار.
جلهه سان جهونجهار جنگي عاشقن جي سر اچيو،
نازنين نت نيڻ تنهنجا ڪن قتال و ڪار زار،
ڇو هڻي هر هر هلان ڪيو تيغ اکڙين جا تکا،
گهور هڪڙي سان گهايل تو ڪيا هرجا هزار.
حضرت سانگي جو يڪتا شعر لاثاني سڄو،
هر غزل ان جو ته هڪ نوطرز تي آهي نگار.
ان جي نڪته کان نزاڪت ناسخ و ناصر سکي،
ان جي عزو جاه کان آهه شوڪت شهريار،
آهه سنجيدو سخن سيد گدا ان ساڻ گڏ،
ٿو ڪري اهڙي ئي غزالن جي غزلن جو شڪار،
چست ۽ چالاڪ آهي هوش جنهن جو هر طرح
ڪئن ڪڍي سو شاعر ٽکڙ ادا اڄ انتظار.
(ارمغان – ص 14-15)
”ارمغان حامد“ جا ٻيا ٻہ ٽي عاشقانه مضمون وارا غزل بہ انهيءَ طرح فرمائشي شعر آهن، جن ۾ حافظ صاحب پنهنجي حال حقيقت جو فقط ڪو هڪڙو ٻہ بيت شامل ڪندو ويو آهي.
خدا تعاليٰ جي توحيد ۽ قدرت ۾ ايمان
لزب الخلق حمد باالثناءِ هو الله الذي رفع السماءِ
الله قادر برصغير تبارڪ ربنا ذوالڪبرياءِ
هو الحي المدبر ڪل امير هو القيوم ابد باالبقاءِ
فلرحمان نشڪر شڪر نعم و للجبار نرضيٰ باالقضاءِ
ملڪ منا جوڙي خلق خالق
ڪي پڌري پانهنجي واحد وڌائي
صمد صانع ڌڻي داناءُ دائم
عدم کان سڀ اپت آگي اپائي.
اڀن ڀولين جو او معبود مالڪ
ٿي هرجا حق سندي خاوند خدائي
سگهي سيڪائي پاڻان پاڪ پرور
ڪري منجهه ڪم ڀيڙو ڪو نہ ڀائي

(ب) ناصحانو مضمون
شاعراني دستور موجب ”ارمغان حامد“ ۾ جا بجاءِ اخلاقي نصيحتون درج ٿيل آهن. پر حافظ جي خطبن مان هر هڪ خطبي ۾ مذهبي خواه اخلاقي نصيحتون علحدي علحدي ۽ عمدي نموني ۾ ڏنل آهن. مثال خاطر فقط هڪڙي خطبي مان ناصحانو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
الحمد الله الذي اظهر و آمن من حذر
اڪرم و انجح من شڪر، اخزى و ردى من ڪفر،
مؤمن ڪريو مردانگي دل مان ڪڍو ديوانگي
هي سڀ هوس حيرانگي آهن اڀاڳائي اثر.
پورا پڙهو واجب فرض قادر ڪيو جيڪي قرض
غفلت منجهان ڪهڙو غرض هردم هلو ٿي هوشور،
سمجهي سڌاريو سنتون تان ٿين رب جون رحمتون
بلڪل سڀ ڇڏيو بدعتون جنهنڪري سندا ڏاتار ڏمر.
(ت) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري
فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري جا مثال خصوصيات واري باب ۾ ڏنا ويا آهن.

مدحيه مضمون
حافظ جي ڪلام ۾ مدحيه مضمون بہ تمام گهڻو آهي.”خطبات حامد“ جي هر هڪ ”خطبئه ثاني“ ۾ حضرت نبي ڪريم عليہ الصلوات والسلام جي ساراهه، اصحابن سڳورن ۽ اهلبيت اطهار جي واکاڻ ڳايل آهي. ”ارمغان حامد“ ۾ حضرت پير جيلاني بادشاه (قدس الله سره العزيز) جي صفت ۽ ساراهه ۾ بہ سندس ڪلام چيل آهي.
سڀ خلق جو ڪيو صاحب مهندار محمد
قرآن ۾ ڪيڏي ٿي ڀلي ڪاڻ ڀلائي.
احمد جي اشاري سين ڦٽي چنڊ ٿيو ڦارون
سين معجزي مرسل جي اٿي ڳوهه ڳالهائي.
معراج جي منان ڪي تڪريم تنهين کي
صلوات مٿي سيد فائق فرمائي.
خلفاء سندس خاص ٿيا چارا ڀلارا
تعظيم سندين توڙ ڳنان رب رکائي.
بوبڪر ڀلي ڄام سندو صادق سهرو
سرمال جي سرورسين ڪي صديق سچائي.
فاروق ڏنا فيض سدا حق هميشہ
باطل جي بهادر ته وڍي بيخ وڃائي.
سر مهڙ سخاوت جو اجهو اڪمل عثمان
سختيءَ ۾ صحابن کي مدد مير ملائي.
سر صف جنهين سوره اسدالله آيو
ذري ۾ ذوالفقار سين سالار سمجهائي.
حسنين شهيدين اکين ٺار علي جا
سي کوهه پون خارج جن مڪر مٺائي.
سچ بضع ڀلي ڄام جي بيبي جا بتولہ
خاتونءَ ته خدا ساڻ سدا ورونہ وڌائي.
عمين سندا سيد عباس ۽ حمزه
رحمان ات رحمت هر ويل وسائي.
اصحاب اچا شاه جا انصار مهاجر
سي روهه رلن رافضي جن بغض برائي.

هجويه مضمون
حافظ جيڪي هجويه ڪلام چيا آهن، تن مان ”گواه نامه“ واري قصيدي جي ستٽيهين بيتن مان ٿورا بيت نمونه خاطر هيٺ ڏجن ٿا، جن مان هجو ۽ ظرافت يا مذاق جي مزيداري بہ روشن ٿيندي.
”دوست دل سين ٻڌو
مون کان مڙي هي ماجرا
ڪئن مسلمانن مڙي
آل نبيءَ مان ڪيو اذا
هن ته پنهنجو حق ڇڪيو
سرڪار ۾ سادات ٿي
ننهن ڏسي مومن مڙئي
شاهد لکايا شهر جا
زور لائي ظالمن
ڪاريو گواهن کان گناهه
سي ڪڏي هليا قسم
ڪوڙي تي ڪورٽ ۾ ڪتا
ٿيا مگر مؤمن منجهن ڪي
دل سچيءَ سان ديندار
جي نہ ڀو ڪنهنجي کان ڀليا
رب جي ڳوليئون رضا
نام ان جا ٿو ڪريان
نروار آءٌ هن نظم ۾
جي ٿيا مؤمن موافق
يا مخالف ٿيا مٺا
پهرين پيئڙو پاپ ۾
قاسم قسم کاڻو کڻي
سخت ڄاتي ڪين سنهن جي
تنهن جهريل جاهل جزا
پيٽ ۾ پيءُ ڏاڏي کان
ٺٽوي کي هو جنهجو نمڪ
ڪي وفا بدران ولي
نعمت سين تنهن جوڙي جفا
اؤ ٻهر نڪتو ته ٻيو
ڪورٽ وري ڪوڪاريو
لالچي لينڊو لبوسي
ڀوڪ اٿيو بي حيا
ايءُ نہ هو ارباب اصلي
هئي پڻس تي ڪانه پڳ
ڄم کڻي ڄاموٽ بڻيو
ڪالهه يارو سين قضا
حيف هوئي ٿئين حلالي
ڪين مالون مل مکي
هر طرح حقدار جو
کائي نمڪ ڪئي تو خطا
بنديون باسيئي نہ بلڪل
جي لکيو تو بي لحاظ
حق ٻوڙيي جئن هٿن سان
تئن ٻڏن تنهنجا ٻچا
ڪانه خوبن ڪي.....
جو اسان ڀانيو امين
ٻڌ ڇڏي ٻاتي جي پٽ
ٿيو حق چوندي تنهن جا حيا
تف هجئي ڙي....
ڪاڻ توکي ڪانه هئي
ڪئن ڪتا ڪوڙي قسم جي
بي سبب کاڌين بلا.