سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/36
1- سنڌ جي قديم خواه جديد شاعرن ۾ پهريون پهريون شاعر مولوي الهه بخش صاحب ئي آهي، جنهن جو ڪلام نج قوميت جي رنگ ۾ بهاريل ۽ وطني حب جي سامان سان سينگاريل آهي.
مولوي صاحب وطني حب ۽ قومي اصطلاح کي اهڙي پيرايه ۾ بيان ڪيو آهي، جو لعل بہ لڌائين ۽ پريت بہ رهجي آيس. سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪنهن بہ غير مسلم فرد کي مولوي صاحب جي ڪلام ۾ ڪڙائي نظر ڪانه ايندي، ڇاڪاڻ جو سارو ڪلام نيڪ نيتي ۽ سچي خير خواهيءَ جي جذبات سان ڀرپور آهي ۽ منجهس ٻہ اکيائي ۽ تعصب جي بوءِ ئي ڪانهي. ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، جن کي شاعراڻي نازڪ خياليءَ ۽ جذبات جي ڪا بہ پروڙ ڪانهي، سي چوندا آهن، ته سنڌ جي شاعرن جي ڪلام ۾ ڳوڙهن صوفيانه خيالن ۽ عاشقي ۽ معشوقي ڌاران ٻيو رکيو ڇا آهي؟ تن صاحبن لاءِ مولوي صاحب جو مسدس اٻوجهو هڪڙو لاثاني جواب آهي.
مولوي سنڌ جو هڪ مايه ناز فرزند هو. سنڌ جي ماڻهن خاص طرح مسلمانن جئن پنهنجن ٻين قومي ۽ مذهبي پيشوائن جي حالات کي غفلت جي دفتر ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، تئن هن مذهبي ۽ قومي اڳواڻ ۽ اهل قلم کي بہ وساري ڦٽو ڪيو آهي، ان ڪري معلوم نہ آهي ته مولوي ڪهڙي مبارڪ سال ۾ هن دنيا ۾ قدم رکيو. مگر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته مولوي صاحب خانبهادر حسن علي آفندي سنڌ مدرسه جي باني جو همعصر هو.
1899ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسه ڪراچي جو پرشن ٽيچر مرزا عبدالحسين پنهنجي ملازمت ڇڏي ويو، تڏهن ان جي جاءِ تي کين مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ هاءِ اسڪول جا پرشن ٽيچر ٿي رهيا هئا. 1889ع کان 1901ع تائين سنڌ مدرسه ۾ ملازمت ۾ ئي رهيا.
سنڌ مدرسه جي شروع ٿيڻ وقت مولوي ”معاون“ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي هئي جا سنڌ مدرسه جي پريس ۾ ڇاپبي هئي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ پهريون ماڻهو مولوي ئي هو جنهن مسدس حالي جي نقش قدم تي مسدس اٻوجهو تيار ڪيو.
2- مولوي صاحب جيتوڻيڪ ڪسر نفسيءَ ڪري پاڻ شاعر هئڻ جي دعوى نٿو ڪري ۽ پنهنجو تخلص بہ رکيو اٿس اٻوجهو (اڻ ڄاڻ)؛ پر حقيقت ڪري هو سچو قومي جذبات رکندڙ بي بها شاعر هو. مولوي جن جو زمانو اهو هو، جنهن ۾ مولوي حالي، اقبال ۽ شبلي جهڙن قومي شاعرن جا ڪلام هندستان جي مسلمانن جون سرد دليون گرم ڪري کين تعليم ۽ تهذيب جي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپائي رهيا هئا. ساڳئي وقت سنڌ ۾ خدا تعالى جي مهربانيءَ سان جهونن خواه نوجوان شاعرن جو سڪار هو: جهڙوڪ قاسم، حامد، فاضل، گدا، عاجز، سبزپوش، علوي، بلبل، سانگي، وغيره وغيره پر وطني حب ۽ قومي جذبات واري ڪلام جو سهرو فقط مولوي مرحوم جي سڳوري سر کي حاصل هو.
3- مولوي جن مسدس اٻوجهي جي شروع ۾ ڳچ جيترا پنهنجا ٺاهيل بند ڏيئي پوءِ مسدس حالي جا اهي شروعاتي بند ترجمو ڪيا اٿس. جن ۾ اسلام کان اڳ ۽ پوءِ عربستان ۽ آسپاس جي حالتن جو دلچسپ نقشو ڪڍيل آهي. مولوي اهو ترجمو بہ اهڙيءَ خوبيءَ سان ڪيو آهي، جو اصلوڪي اردو شعر جي هر هڪ مصرعه جي مراد ساڳي بحر ۽ ساڳئي وزن ۾صاف سنڌي مصرعه ۾ سمائيندو ويو آهي، جنهن جو مسدس حالي پڙهيل نہ هوندو، سو ڪڏهن بہ سمجهي نہ سگهندو ته اهو ڪو اردو شعر جو ترجمو آهي. دنيا جي اگهور جهالت تي اسلامي تعليم ۽ تهذيب جي روشني ۽ اثر جو بيان پورو ڪري پوءِ مسدس حالي کي ڇڏي ڏنو اٿس ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري لاءِ مشرقي تعليم سان گڏ مغربي تعليم ضروري آهي، انهي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ مولوي صاحب پنهنجي سر توڙي ساٿين سان گڏ جيڪي اٽڪاءَ ۽ مشڪلاتون پيش آيون اٿن، سي ۽ آخر ڪيئن سنڌ مدرسه ڪراچي جو بنياد وڌائون ۽ ڪيئن سوڀارا ٿيا، سو ذڪر نهايت مزيدار پيرايه ۾ ڏنل آهي. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي هندن مسلمانن کي بي تعصب ٿيڻ ۽ اچي دل سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي نصيحتون ڏنيون اٿس ۽ نماڻا ننگ وڌا اٿس سي پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. مثلاً:
صلح سانت سان جي سڀئي گڏ گذاريو
انهيءَ ڳالهه ۾ جي سچي سمجهه ڌاريو
نمي ننگي وطني اوهين جي نهاريو
انهيءَ ڳالهه کي غور سان جي وچاريو
ته ڪهڙو نہ سک ٿي پوي سڀڪنهين کي
ٿئي سنڌ ڪشمير وطني ٻنهين کي!
جي گڏجي سڀئي سنڌ جا زور لائن
گڏه جا گتل گپ ڪنان سا ڇڏائن
گڏي زور سان زور پنهنجو وڌائن
هڻي مشڪلاتن کي ماري مڃائن
جو جيسين ڌرين جي ملي مٺ نہ ٿيندي
ڪڏهن من گهرولي هڏهن هٿ نہ ايندي
آنريبل ديوان ڏيارام ڄيٺمل کي مسلمانن سان تعليمي مسئله ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندي ڏسي مولوي صاحب کيس سڀاڳو ڪري سڏي ٿو ۽ سندس تعريف هن طرح ڪري ٿو:
سڀاڳو جو ٿو هومچاري سڀا جو
رکيل هو منجهس خلق خالق خدا جو
ڏنل هوس جو هر ذرو دل صفا جو
سو هو راست رو راست راهه هدا جو
نه دل ۾ رعونت نہ سر ۾ وڏائي
اهي ڳڻ هئس دان داد خدائي
برٽش سرڪار جي شڪر گذاري بہ مولوي صاحب نهايت سنجيدن لفظن ۾ ڪئي آهي.
وڏا بار احسان سرڪار جو ٿئون
۽ ٿورو حڪامن مددگار جو ٿئون
سندن زر عطيہ گران بار جو ٿئون
سڀن کان وڏو شڪر ڪرتار جو ٿئون
ڪري جيڪڏهن ها نہ سرڪار واهر
ڪڍي ها مٿو ڪين هي سوڀ ٻاهر
آنريبل خانبهادر حسن علي جو سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ تهذيب جي ترقي واري تحريڪ جو روح روان هو، تنهن کي مولوي صاحب سٻوجهو (داناءُ) سڏي ٿو ۽ سندس باب ۾ هيئن چئي ٿو:
سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا
انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا
وڏي هوش سان ڪارخانا هلايا
وڏي عقل سان ٺاهه ڏاڍا ٺهايا
سڀئي مشڪلاتون وييون حل ٿينديون
۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون
پڇاڙيءَ ۾ مولوي صاحب سنڌ مدرسه جي شاگردن کي علم ۽ تهذيب حاصل ڪرڻ جي ترغيب سان نهايت گرمجوشي ۽ صدقدليءَ سان ڪتاب کي ختم ڪيو آهي.
هن ڳالهه ۾ ذرو بہ وڌاءُ ڪونهي ته، مضمون جي مدنظر تي ”مسدس اٻوجهو“ مسلمانن جي ماضي ۽ حال جي سچي تصوير، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت ۽ ترقي جي روشن تاريخ ۽ سنڌ جي رهاڪن خاص طرح مسلمانن لاءِ قيمتي نصيحت نامو آهي.
4- ”مسدس اٻوجهو“ سنڌي نظم جو اهو بي نظير نمونو آهي، جنهن ۾ سراسر نج، صحيح ۽ صاف سنڌي زبان ڪم آيل آهي، ۽ منجهس ڪو بہ تصنع يعني زور مس جو ٺاهه ڪتب ئي آيل ڪونهي. صاف ۽ سليس زبان هونءَ بہ قدرتا فصاحت بلاغت جو باغ بڻجي بيهڻي آهي، تنهنڪري جڏهانڪر علم عروض جي اصولن تي سنڌي نظم ٺهڻ لڳو آهي، تڏهانڪر سنڌي ٻوليءَ ۾ مسدس اٻوجهو فصاحت ۽ بلاغت بنسبت ٻيو نمبر نظم آهي. (پهريون نمبر ديوان گل آهي). اهو هن ڪري جو مسدس اٻوجهي ۾ بہ جيڪي اصطلاح، پهاڪا، تشبيهون ۽ استعارا ڪم آيل آهن، سي سڀ نج سنڌي آهن.