سچل جو رسالو/سسئي/داستان پنجون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
سسئي
298445سچل جو رسالو — سسئي1958سچل سرمست

داستان پنجون

1
ڪيچَئُون آيو قافلو، مون ڪَر پُڇيائون؛
ڪَرم ڪيائون، ھن مون نِماڻِيءَ تي.
2
ڪيچَئُون اچي قافلو، مون وٽ ٿيو مِھمان؛
”سچل“ ساري ساٿ جو، ھو آرياڻي اڳوان؛
مولىٰ مھربان، نِڌر نماڻيءَ تي ٿيو.
3
ڪيچَئُون آيو قافلو، رات موچاريءَ رُوءِ؛
مڙيوئي خوشبوءِ، ٿيو سارو شھر ڀنڀور جو.
4
ڪيچَئُون آيو قافلو، کڻي کٿوري بار؛
ھر ڪَنھِن ھَنڌ ھُٻڪارَ، ڪَيَئِين سارو شھر ڀنڀور جو.
5
ڪيچَئُون آيو قافلو، رُوءِ موچاريءَ رات؛
سنديءَ جَتَن جاتِ، واسيو شھر ڀنڀور کي.
6
ڪيچَئُون آيو قافلو، کڻي عطر عنبيرُ؛
تنھن سَرھائيءَ تاثير، ڪيو ساري شھر ڀنڀور کي.
7
ڪيچَئُون آيو قافلو، کٿوري کڻي؛
تنھن جي ھُٻ ھڻي، واسيو شھر ڀنڀور کي.
8
ڪيچَئُون آيو قافلو، خوب ٿيس خوشحال؛
چڱو ٿِـيَڙُم حالَ، پَسَڻ ساڻ پرينءَ جي.
9
ڪيچَئُون آيو قافلو، ڀينَرُ منجهہ ڀنڀور؛
ھيءَ ڪميڻي ڪمزور، پر پرينءَ پنھنجو وڙُ ڪيو.
10
ڪيچيڙن مون ڪالهہ، دم دم دلاسا ڏنا؛
ھَي ھَي منھنجي حال، جي ويھي ھِت وساريان.
11
شال نہ وسرين ھوتَ، ٻيو سڀ مون وسري؛
مون کي تائين موت، ھئين اکڙين ۾.
12
ويُم نڪري قافلو، آءٌ مٿي راھ رھي؛
ٻاروچا ٻَھي، ھِت ٿي ورھُ وسائيان.
13
ويم نڪري قافلو، ھاڻي ڪيئن ڪريان؟
ويٺي ڏک ڏريان، پرين ريءَ پرڏيھ ۾.
14
ويم نڪري قافلو، ڏاڍو ڏيئي ڏُک؛
ويٺي ساريان سُک، جو ھيڪَند ھُيس ھوت سان.
15
ويم نڪري قافلو، ڪائي نہ پيئي ڪَل؛
سيني اَندر سَل، اَٿم آريءَ ڄام جا.
16
ويم نڪري قافلو، اَديون آڌيءَ رات؛
ٻاروچاڻي ذات، ڏسان شال اکين سان.
17
ويم نڪري قافلو، ڪَل نہ مون پيئي؛
حال سندم ھيئي، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وري.
18
ويم نڪري قافلو، آءٌ مٿي راھ رھياس؛
جيڏيون آءٌ جِياس، جي مُنھن ٻاروچي ڏسان.
19
ويم نڪري قافلو، آيل، چُپ چُپات؛
ٻاروچاڻي ذات، مانَ مون سين ڪو وڙ ڪري.
20
ويم نڪري قافلو، آءٌ پيرين پيادي؛
ٿئي مُون شادي، جي منھن ٻاروچي ڏسان.
21
ويم نڪري قافلو، آءٌ پُڻ کڻان پيرَ؛
ڏک ڏيئي ويا ڏيرَ، مانَ ٻاروچو ٻاجهہ ڪري.
22
ويٺي ورھ وسايان، ڪانڌَ، اچي لهہ ڪَل؛
جانِي تنھنجي جَل، منھنجو اَندر اڌ ڪيو.
23
منھنجو اَندر اڌ ڪيو، فَنا ھِن فراق؛
مري ٿي مُشتاق، ڪا ڪر ور ولهيءَ جي.

ڪافي 1
مون ڏِي واڳ ورائيندا، سرتيون، سِگَهڙا ٻيلَڙا ڪوھيارا!

پَکا پَکن سامهون، اوري آڻي اَڏائيندا.
ڀينر ھن ڀنڀور جا، وري ڀاڻ وسائيندا.
سڀيئي ڏسنديون سرتيون، روندي ھوت کلائيندا.
پاڄياڻيءَ جا پاڻهين، پَکا پاڻ پُڇائيندا.
سور ”سچو“ ڙي، ھوت سان، ھِيءَ غريب گڏائيندا.

ڪافي 2
آءُ ھَلي ڏس حال، منھنجو ٻاروچل ڙي، ميان!

راتو ڏينھان روح ۾، تنھنجو خاص خيالُ.
اَوھان ٻاجهُون سُپرين، ساعت ڀايان سالُ.
مون تا نماڻيءَ سان، ڪر ڀلائي ڀالُ.
سارڻُ سِڪَڻُ اَن جو، مون کي مِلڪِ آئون مالُ.
مرشد سارو مَڃيو، ”سچوءَ“ جو بہ سوالُ.

ڪافي 3
پڇُون ڪِينَ پِرن، ميان، حال منھنجي جون خبران،
ساٿيو ڙي، پانڌيو ڙي!

آھي ٻاجهہ ٻروچ کي، مٿي مَعذورن، ميان.
ساھ سِڪي ٿو جن لءِ، سي مون ڪي سارن، ميان.
ھِن دم دلاسا ڏنا، سرتيون مون ساٿِن، ميان.
تون ھِت ڪھڙيءَ ڳالهہ ۾، تو ھُت ياد ڪرن، ميان.
تون جنين جي آسري، سي تو ڪٿي ڇڏنِ، ميان.
”سچو“ سَنگت پانھنجي، مانَ غريبِ گڏنِ، ميان.

ڪافي 4
ڪيچي ويڙم ڪالهہَ، آءٌ ٿي ورھ وسايان!

مانَ نماڻيءَ ھِن جِي، سِگهِي لَھَن سنڀال.
ڀينر آھي ڀَنڀورَ ۾، جِيَڻ منجهہ جنجال.
جَن لءِ ڏونگر ڏوريان، سي ئي ڏسان شالَ.
آءٌ پيادي نہ پُڄان، ڏاڍا ڪافَ ڪشالَ.
مون جِياريو جيڏيون، سَندن خوابَ خيالَ.
ساڻ ”سچوءَ“ ڪَنِ سُپرين، ڀَلائيءَ جا ڀالَ.

ڪافي 5
ٻاروچي لؤن لائِي، وو مِيان، ڪوھياري لؤن لائِي!

ڳالهہ نہ ڳَرھڻ جھڙي، ڏاڍي سُورَ سَلائي.
سرتيون مون سان سُورَ ۾، ڀينر ڪا نا ڀائِي.
ھِيرَ وڻي سا ھانوَ کي، ڏانھُن عَجِيبن آئِي.
سِر ڏيوڻ سڄڻ کي، ”سچو“ آھي سَچائِي.

ڪافي 6
اُھي ڪاڪيون ڪوھيارا،
اَڄُ اڱَڻ منھنجي آيا!

پيھي پاڻهي آئيا، جَن ڏور ٿي ڏَسايو؛
ھَٿـئُون جَنِين ھِنيَڙو، اَديون مون ٿي کَسايو؛
جَن جي ڪارڻ جيڏيون، مون ٿي پانڌي پُڇايا.
ھُيس جَنِين ڪاڻِ آءٌ، آيَل اُٻائون؛
دل ۾ دردمنديءَ جي، وڏو ورھُ وڌائون؛
پوٿيون پَٽايَم جَن لءِ، اُھي مولىٰ مِلايا.
وعدا پانھنجا سرتيون، اُھي پاڻهي پاڙيائون؛
نِماڻيءَ جي نجهري، اَچي پَکا اَڏيائون؛
اُنھن ڪارڻ ڪاڪِيون، مون ٿي وِرھ وَسايا.
ڪَرم ڪيائون پانھنجو، ھاڻي حال ڏسي ھيئي؛
وائِي فلڪ فراق جي، ھاڻي وچَؤن ئي ويئي؛
”سچو“ گَڏيو سَڄَڻا، جنھن ٿي ڪانگ اُڏايا.

ڪافي 7
مُڪا دلاسا ڏيئي، ري سڄڻ مُون ڏي!

دوستن دلداريون ڏنيون، حال ڏسي تان ھيئي.
پَسي عيب اسان جا، مِھَر پُنهونءَ کي پيئي.
وريو ورق وصال جو، وائي ھِجر جي ويئي.
ماريون ملاقات جا، وس ڪيا ھم ڪيئي.
”سچو“ سي ئي آئيا، جِيءَ گُهريا ھَم جيئي.

ڪافي 8
آھي منھنجو سَڱ، تان پُنھَل توئي ساڻ!

آءُ اوري تون وڃ نہ پري، ساھ وٺي وڃ ساڻ.
ھوت جي ني ھلڻ جو، ڪو نہ پيم اُھڃاڻ.
ڇُلي پِيس ڇپرين، سڱ پنهل تنھنجي ساڻ.
لڳو آھي دل کي، ٻاروچل تنھنجو ٻاڻ.
سِر ”سچوءَ“ جو يار اَوھان تَئُون، ڪوڙين ٿئي قُرباڻ.

ڪافي 9
جنھن جي آھيان عشق اندوھي، تنھن ٻاروچي کي ٻاجهہ پوي!
آءٌ حال چونديس روئي، تَنھن ڪوھيارل کي ڪَھَل پوي!

سا نہ ڇڏيجو ڇپرين، جا لَعَلن تو سان لوئي.
پِريان سَندي پار ڏنھُن، قاصِد اچي ڪوئي.
سوئي ايندم سُپرين، جانب جيءَ جو جوئي.
پورھيو ڪنديس پرينءَ جو، ڳچيءَ پائي اوئي.
سَمَر ٿيڙم سُڃ جا، حُبَ توئي سان ھوئي.
اکيون عجيبن ڏي، بيٺيون جُهڙ جهوئي.
”سچو“ سگ اوھان جو، پور وڌا جنھن پوئي.

ڪافي 10
آءٌ اوھان تَون گهوري، اَڙي ڪيچيو، ساڻ نيجو!

راتو ڏينھان روح کي، آھي اوھان جي جهوري، اڙي ڪيچيو!
دائِم وڌيَوَ دل کي، ھِن ڏکَن جي ڏوري، اڙي ڪيچيو!
ويھان ويھَڻ نہ ٿئي، ڏاڍي سا لايَوَ لوري، اڙي ڪيچيو!
ڪرڻ مناسب ناھي تان، ساڻ ضَعِيفن زوري، اڙي ڪيچيو!

ڪافي 11
مون کي ھيئن نہ ڇَپَر ڇَڏ، ميان، اڙي ڀلو پُنھَل يار!

پرين پاڄياڻي پانھنجي، گولِي گولِن گَڏ، ميان.
تون تان صاحب سُپرين، ھِيءَ ڏُھارڻ ڏڏ، ميان.
آءٌ اوھان جي آھيان، ھُؤن ھُؤن ھڏ، ميان.
تُنھنجي صاحب سُپرين، شال نہ سِڪان سڏ، ميان.
جايون جانَب پانھنجيون، اکَڙين ۾ اَڏِ، ميان.

ڪافي 12
ڪندي، آءٌ ڪوھُ رھِي رھِي، جيڏيون ھِت ھوتَن ريءَ.

اَندر ورھ وٿاڻ ڪَيا، لؤن لؤن مَنجهہ لَھِي لَھِي.
ڇڏي شَھر ڀنڀورَ کي، وينديَس ڪيچ ڪَھِي ڪَھي.
ڪونهي مُنھنجو ڪوھيارلَ ريءَ، سرتيون ھِت سَھِي سَھِي.
قول پاڙيندو نِي پانھنجا، ٻاروچَل ٻَـھِي ٻَـھِي.
”سچو“ گڏيم ساٿ جا، پنڌن منجهہ پَھِي پَھِي.

ڪافي 13
آءٌ ڪِي تان اوڏي آئِي، جهاڳيا مون سي جَبل جالَ.

سَل ساٿي ”ڪيچ ڪاٿي ٿيو“، ڪَلَ اَلله لڳ تون ڏي ڪائِي.
اوٺي ادا ڙي ٻُڌيئي ڪا، وري ورڻ جِي ھيڏي وائي.
شھر ڀنڀور ڏي ڀيرو ڪندا ڪو، ڏاڍي اسان سان ھوتَ لائي.
اڱڻ تنھنجي، سڻ ”سچو“ ڙي، ميان، جانِي اَچي ٿو رات جائِي.

ڪافي 14
ٻانَهڻ ڙي پَرڏيـھِي، ناھي ايذائِڻُ توکي؛
ناھي واجب پَرڏيھي، ادا، اِيذائڻ توکي!

ڏيندءِ ڏوراپو يار اسانجو، وٽ توئي جي ويھي.
پير ڦيھين ٿو نِتُ نماڻيءَ جا، ڳالهہ ڪريان ٻي ڪيھي!
ھيءُ اميد، وو، ھئِي نہ تو ڏنھُن، جبل ڪيئي مون سان جيھي.
جيھي ڪندين ڪوھَ! اسان سان، ڳالهہ ڪنديس ھُت تيھي.
”سچو“ سڃاتو سنگَ توئي کي، آھي عادت تو ايھي.

ڪافي 15
حيلا ڪيم ھزارين، مانَ ٽِڪنِ مون وٽ رات.

ڪَرھ قطاري ھليا، بودا پلاڻي پِرڀات.
آءٌ سُتي ھو ھُليا، توڏن جي ڪيَئُون تات.
سُور ڏنائون سوکڙيون، ڏک ڏنائون ڏات.
پرين ساري موڪلِي، ڏانھن ”سچو“ سوغات.