سچل جو رسالو/سسئي/داستان ڇھون

سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
سسئي
298852سچل جو رسالو — سسئي1958سچل سرمست

داستان ڇھون

1
مون کان ٿئي نہ پنڌ، آري ڄام اَچيج تون؛
ھاڻي ڏي مون ھنڌ، پاڻ ئي ڌاري سُپرين.
2
آريءَ جي اَچڻ جو، روز نھاريان راھُ؛
آڻيندس اللهُ، مون سِرُ صدقي ڪيو.
3
آري اَچين شالَ، نماڻيءَ جي نِجُهري؛
ھِي مون ڏسي حالَ، ڪرين غور غريب جو.
4
گهڻا ڏينھن ٿيا، مون ڏوريندي ڏونگَرين؛
جي مون سڏ ڪيا، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
5
ٻڌي ٻاروچا ورين، ھِنَ عاجز جون آھُون؛
درد ڀَري دانھُون، ڪري ٿِي، ڪافن ۾.
6
جي مُنھُن ٻاروچي ڏسان، تا سَڀَئي ٿينَم سُکَ؛
ڏور ٿين مُون ڏکَ، پَسَڻ ساڻ پرينءَ جي.
7
ڪر ٻاروچا ٻاجهہ، ھِن مون نماڻيءَ تي؛
ويٺي وجهان واجهہ، اوھان جي اَچڻ لءِ.
8
مون ھَٿان پيئي، ڏوھُ نہ مٿن ڪو ڏيان؛
حال چوان ھيئِي، ھَلي ھوتياڻِين کي.
9
ھن ڏکيءَ کان ڏيرَ، وجهي وِٿِ وڏي ويا؛
ڏورڻ ھاڻي آئيا، سرتيون سَڀ سُميرَ؛
پُڇِي لَھان پيرَ، آيَل اوٺارن جا.
10
اٿي ويا اوٺارَ، کڻي ساٿ سويلَ جو؛
ھاڻي اَديون آئِيا، ڏورڻ مون ڏونگارَ؛
ٻيا ڀي ھوت ھزارَ، منھنجو پيچ پُنهونءَ سان.
11
منھنجو پيچ پنهونءَ سان، اَزل لاڪون آھ؛
ھاڻي ويھڻ ڇاھ، ڀينَرُ ھن ڀنڀور ۾؟
12
ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، پنهونءَ پُڄاڻاءُ؛
سوز چَکايو ساءُ، ويھَڻ مون وِھُ ٿيو.
13
ڪريان ڪوھ ڀنڀور ۾، وَرَ بنا ويھي؛
جيھي جي تيھي، آءٌ تان سندن آھيان.
14
ڪريان ڪوھ ڀنڀور ۾، پُڄاڻان پِرين؛
وارُ نہ سي ويھَن، جَنِين مَٿي مامرو.
15
ڪوهُ ڪريان ڀنڀور، ھاريُون بِنا ھوت؛
مون تان تائين موت، ووءِ ووءِ ھَڏِ نہ وِسري.
16
گولِن گَڏ گذرانُ، ڪاڪِيون، ڪنديس ڪيچ ۾؛
آريءَ ٿئي اَرمانُ، مانَ ڏسي حالُ حقِير جو.
17
چڱي پنهونءَ چِت، سدا آھي سَرتيون؛
ھوت بنا مون ھِت، ڪريان ڪوھ ڀنڀور کي؟
18
شالَ نہ وسرين تون، لوڪ سَڀوئي وسري؛
مطلب اِھو مون، جو پاڻئون پَري نہ ڪرين.
19
ورَ مَ وساريج، ھيءَ تان سنديَوَ آھِ؛
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ھيءَ سَڌرَ ساريج؛
تيتَر مَ ماريج، جيتر توکي نہ مِڙان.
20
ساري شَھر ڀنڀور جي، ڇڏي لوڪ لذت؛
تو ريءَ ڏئي ڪونہ ڪو، ماڻهو عام عِزت؛
ٿئي ساھ صِحَت، جي ٻيھَر ٻاروچا اَچين.
21
ڪيو ڪَميڻيءَ ڪَچُ، جو سُتِي سَويلي رھي؛
اُنهيءَ جي افسوس سين، ڪيو مَحبت مَچُ؛
پنھون ڄام پَرچُ، ناميا نِماڻيءَ سان.
22
ٿيون ھِن ھَٿاءُ، ڪيئي مُورائون مَنديُون؛
پنهون ڏسي پاڻ ڏي، آسَڻ منھنجي آءُ؛
سانول توريءَ ساءُ، اَچي ماڻهن ڪِين ڀنڀور جي.
23
پُنهون پُنهون ٿي ڪريان، آءٌ پڻ پنهون پاڻ؛
اَديون ٿِيس اَڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.
24
جان پروڙيم پاڻ کي، تا آءٌ پنهون آھيان؛
ڪنھين طَرف ڪاھيان، جو طَرف مِڙئي ”تُم“ ٿيا.
25
پيھي پروڙيوم، تان پنهون پاڻ ئي آھيان؛
پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، ھيءُ پَڙلاءُ پيوم؛
صحيح ڪن ڪيوم، تہ غير گمان اُٿي ويا.
26
”سچو“ ڪج صَبرُ، مٿي خيال کڙو رھين؛
ڪِينو ۽ ڪِبر، پري ڪرين پاڻ کَـئُون.
27
چَٽَ ڏني چُٽڪي، سورن سَرسُ سُميرَ ۾؛
سا سَچلي ”سچيڏنو“ چوي، ڇُوھ منجهون ڇُٽڪي؛
جا لڪَن منجهہ لُٽڪي، تنھن سان حمايت ھوت جي.

ڪافي 1
ڪيچئڙن جي ڪاڻ، جيڏيون منھنجو جيئڙو جِهڄي ٿو!

پريان سندي پار ڏنھُن، اَلله اوٺي آڻ.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، ھاڙھي ويندي ھاڻ.
روئڻ کَـئُون جهلن سي ئي، رئن اَکڙيون اُڪاڻ.
جِيءُ وِڌائُون جار ۾، ٻاروچاڻي ٻاڻ.
سِگهو ايندو سُپرين، ڀينر منھنجي ڀاڻ.
”سچو“ آءٌ تان آھيان، پريان جي پَرياڻ.

ڪافي 2
اوڏاھون جي اَچن، ڙي جيڏيون، اُنهن آءٌ ڪيئن نہ سڃاڻان!

پريان سندي پار جيون، ڪيھون ڳالهيون ڪن.
مون ھن نماڻيءَ کي، دلاسا ٿا ڏين.
ساھ منھنجو سرتيون، نيو نياپن.
ھي بُت بيراڳي ڪيو، ڪاڪيون ڪيچيئَڙن.
”سچو“ ڇو نہ سُڌيرُ ٿين، تو ھُت پاڻ پڇن.

ڪافي 3
ڀڄي پاھڻ ٿي پاسي، متان ڏاڍو ڏک پويئي!

پنُهونءَ سندي پار ڏي، اسين تان پنڌ پياسي،
ترس اھو مانَ ٿئيئي.
ڇو ٿو سمهين پير مُئيءَ جا، اڳَھين نينھن نياسي،
ڏک ويا ڏير ڏيئي.
سڻ ڙي ڏونگر حال ”سچوءَ“ جو، وندر جي اسين وياسي،
چَڱيان پاڻ ئي ھوت چوي ٿو.

ڪافي 4
دوست دلاسو ڏجي، ڏاھا ڏکوين.

اَول لائي پوءِ نہ ڇِنجي، پرت نباھي نِجي.
پُرجهي ڏسج پرين پانھنجو، ھيئن نہ ڪا ڀُل ڪجي.
ڳالهيون تنھنجيون يار ٻاروچا، راتو ڏينھان ھِن ھِجي.
ورهَ وارن سان يار ڏھاڙي، ڏک ڀائِي اَچي ٿجي.
قاصد ايڏنھن جا چَون اِئين مون، ھوت اِيندءِ اَڄ اِجهي.
ڏنگاين ڏي ڏس نہ منھنجي، سڀ اوھان کَـئُون ٿو سِجهي.
اَچڻ ڪارڻ ھوت اوھانجي، ”سچو“ فالان ويٺو وجهي.

ڪافي 5
وندر آءٌ ويندياس، وٺي اھو سوز سڄڻ جو،
وٺي اھو پور پرينءَ جو!

پيرن اُتي پِرَجي، ڳوڙھا ڳاڙيندياس.
ڪاڻ ڪوھيارلَ ڪاڪيون، جهولا جهليندياس.
آھُن ۽ دانھُن سان، ڪَرڳَل ڳاڙيندياس.
ٻاجهون ٻاروچل جي، ساڻيھُ ساريندياس.
پنهون وٺي تان پاڻ سان، اَديون آڻيندياس.
پاڻ پنھنجو پورَ مؤن، چُنجن چاڙھيندياس.
سِر پنھنجو سرتيون، گهوريون گهوريندياس.
وٺي مَھار مَيَن جِي، لوءِ ڏي لاڙيندياس.
”سچو“ ٻاجهون سوز جي، ٻيا ورق واريندياس.

ڪافي 6
مون کي ميڙين اَلله،
سِگهو آڻي اَلله،
وو ميان ٻاروچا!

اُنهن ڪارڻ ڪاڪيون، وجهن وڇاڻان؛
سانول پنھنجو سرتيون، سَوَ ۾ سُڃاڻان.

ٻيھر شھر ڀنڀور ۾، آڻين الٰـھِي؛
پيرين پئي تن کي ٿيون، پاڻ ئي صلاحي.

اوڏنھُن آڌيءَ رات جا ڪانگل اڏايان؛
جي پَري آھيان تن کَـئُون، تان ڀي سَندِيَن سڏايان.

ڪڏھن مُڪو ڪونہ ڪو پرين پيغامي؛
اَصل لاڪؤن اُن جو آھي ساھُ تہ سلامي.

ڪڏھن ايندم سُپرين، ٿي پوٿيون پٽايان،
”سَچو“ سوالن سان اُھي ويندا ورايان.

ڪافي 7
جي وٺي حُب وڃن، ڙي، انھن کي ڪيئن نہ سُڃاڻا!

ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، پِريان پنڌ پوَن.
ڏونگر سي ڏورينديون، محبت جن کي مَن.
آيل عاشقن جون، ڪوڪان پِيَڙَم ڪَن.
اَديون ھن ارواح کي، تاسِف ڏنو تَن.
”سچو“ صدقي اُن تان، جي وٺي درد وڃَن.

ڪافي 8
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو، مون کي!

ھيءَ ڪنيزڪُ مُلهہ خريدڻ، ڪيئن مَٿئون مون ٿيو.
حَرف اسان تي آھي اَصل کَـئُون، ويسر ۾ ويو.
”سچو“ ڪوٺي پانھنجو، پاڻ قريبَن ڪيو.

ڪافي 9
منھنجو سڱ نہ سِياپو، ڪاڪيون ڪيچ ڌڻين سان!

ھِتَؤن ھَلي اُتَھين، آءٌ نہ ڪنديس، ڙي، ڪاپو.
ٻانهي خان ٻروچ جِي، ٿِيسِ لاھي لاڳاپو.
شال نہ ڏکيءَ کي ڏين، ڪنھن ڏوھؤن ڏوراپو.
جيڏيون ھِنَ مُئيءَ جو، آھي جانب جياپو.
”سچو“ سڄڻ سان ڪندو، منھنجو مولىٰ ميلاپو.

ڪافي 10
يا ٻيلي ڙي، متان مون کي ھِت ڇڏين!

ھِيءَ نماڻي عشق اوھان سان،
ھِيءَ محب ٻيلي ڙي، پاڻُ غريب سان گڏين.
ڪنھن در ڏينديَس دانھڙي،
پيارا پرين ٻيلي ڙي، آڻي پَکا اوري اَڏين.
لَهہ ”سچوءَ“ جي، وو، سُڌ سڄڻ سائين،
ساجهر سويلي ڙي، يار تون ايندين ڪَڏين.

ڪافي 11
ڪنھن لَڳ ڏُونگر ڏوريان، جيڏيون ڙي؛
محب آھي منھنجي مَن، ميان.

”وَ فِىٓ اَنۡفُسِکُمۡ اَفَلاَ تُـبۡصِرُوۡنَ“، ڪاڪيون ڪَجو ھي ڪن.
اسين توسان، پَري تون ڦولين، اولانڀا ھي اچن.
پاڻ سنڀالج پانھنجو، پرين اِئين چَون.
اِھڙيءَ اوڏائيءَ ۾، ورھِي مِينھن وَسن.
”سچو“ سي ئي پَري پِيا، جُدا ڄاتو جَن.

ڪافي 12
مون کي ماريو مونجهاري، ووءِ ووءِ؛
سانگِي مون سي ئي ڪيا.

سوزُ تنھنجو سُپرين، ھِت ڪوڪان ٿو ڪاري.
اُنھيءَ ٻاجهون سرتيون، ھيءَ گوندرَ گُذاري.
ڏاڍي ذات جتن جِي، جي عاشق ويا آزاري.
وندر جي وڻن ۾، ٿي ڪيچي نھاري.
”سچو“ سپرينءَ کي، تون ويھ نہ وساري.

ڪافي 13
گولِي مانَ سڏين، اُنھن جي نِي آھيان، جيڏيون ڙي!

پکا پکن سامهون، اوري مانَ نہ اڏين.
آريجا عاجِز کي، ڇَپَر تان نہ ڇڏين.
ٻاروچان تا ٻاجهہ پئي، گولي ساڻ گڏين.
ھُونِ ھميشه مون پِرين، لحظي تان نہ لڏين.
اَصل لاڪون آھيان، ھِنئين آئون ھَڏين.
اڻ مُلهہِ ٻانهي آھيان، ”سچو“ پاڻ سَندين.

ڪافي 14
ھِتؤن اُٿي تنھنجا ھوتَ ويا، تون تان ڀي نہ ڪوشش ڪَرين!

پيرَ پُٺِن تون نہ کڻي، ٻُڌيون سي ڳالهيون ڪرين.
توکي تان نہ ترسائِيو، پاڄياڻي، پَنڌَ پَرئين.
اُٿي ڪر پنڌ پھاڙ جا، متان تون پوئتي ورين.
”سچو“ پُڇج سُپرين، ميان، متان تون تان ٺرين.

ڪافي 15
پنھنجو ڪيو، ھي تان پنھنجو ڪيو، مون کي يار پنهل ڪُوٺي!

دوست گڏيو دلجاءِ ٿي، وچؤن سارو وڇوڙو ويو.
آڌر ٿي ارواح کي، جيڏيون ڙي، منھنجو جيئڙو جيو.
رھجي اچي يار سان، ڏاھيون ڙي، اھو ڏسڙَو ڏيو.
اڱَڻ آسَروند جي اچي، ميان، لالن پاتو لِيو.
ساھ ”سچوءَ“ جو سرتيون، نيڻن سندي ناز نِيو.

ڪافي 16
ٻانَهن جي آءٌ ٻانهي آھيان،
ٻاروچي جي ذات جي!

ڪِيم جهليو مون جيڏيون، دوسَن جي ديوانِي آھيان.
آءٌ ڪنيزڪ مُلهہ خريدڻ، شاھَن جي ڪا شانِي آھيان؟
اُٺن اوٺارن تَؤن، ڪوڙين آءٌ قُربانِي آھيان.
جي مون پُڇيو جيڏيون، سورن ۾ ساماني آھيان.
پُڇو ”سچوءَ“ کَـئُون سرتيون، مُحبن جي مستانِي آھيان.

ڪافي 17
تو ريءَ ڳالهڙيون ڪنھن سان ڪنديَس، آءُ ورَ واڳ ورائي!

واٽ نہ وندر جي لھان، وڌيس مونجَهہ مُنجهائي.
سِڪَ تنھنجي سپرين، ڏونگر ٿي ڏورائي.
ھيڪاندي ھيءَ حب ۾، ويٺي ورھ وسائي.
طعنن شھر ڀنڀور جي، وڌم تَنُ تپائي.
جيھو تيھو سُپرين، ”سچو“ سَندوَ سڏائي.

ڪافي 18
ٻاروچا پَئيوَ ٻاجهہ، ڇَپَر مون کي ھيئن نہ ڇڏيجو!

مِھر نہ لاھيو مون پرين، مَٿان ھِن محتاجَ.
آھي ھن عاجِز جي، تو تي لالَن لاجَ.
ھِيءَ پُٺِيءَ پئي تنھنجي، مَنجهَؤن ساري راجَ.
ڳچيءَ پائي ڪَپڙو، اُت ڪريان ايلاجَ.
پورھيو ڪنديَس پِرت جو، ھَٿين ڪنديس ھاجَ.
گهوريان گهوٽ اوھان تان، سڀ مَڏيون ۽ ماجَ.
اوھان جي تہ اچڻ لءِ، ”سچو“ وجهي ٿو واجَهہ.

ڪافي 19
ھِيءَ نماڻِي نالِ نِجو، ادا ڙي، اوٺيو!

ھيءَ ڪميڻي ڪُوڙي، بِرھَ ڪئِي بيحال.
پُٺيءَ اِيندي آنھن جي، جيھي تيھي حال.
پرين نيندا پاڻ سان، ڀَلا پنھنجي ڀال.
اوھان ٻاجهون سپرين، جيئڻ آھي جنجال.
ٻاروچا تان ٻاجهہ پَئي، ”سچو“ سگ سنڀال.

ڪافي 20
ٻاروچا ميان، ھيئن نہ ڇڏجو، ھيءَ نِيو نِماڻِي ساڻ!

سُڌِ تَھين کي سوز انهِيءَ جي، جنھن لڳو ٻاروچاڻو ٻاڻ.
ٻانهي گولي تانھن جِي، پنهون پاڻُ سڃاڻُ.
پرين ڏسج پاڻ ڏي، آھيان آءٌ اَڄاڻ.
بخش ”سچوءَ“ کي سپرين، سندو نِينھَن نياڻ.