لاڙ جو سير/06
لاڙ جو جهنگ سنڌ جي ٻين ڀاڱن کان نرالو آهي. لاڙ ۾ مکيه وڻڪار اهي ڄاريون ۽ ٻٻر. ڄارين جا جهڳٽا ڪٿي ڪٿي اهڙا ڳوڙها ۽ گهاٽا، جهڙا قدرتي ڪوٽ، منجهن چورن جا ٿم ۽ مرن جا تاڪ. ليون ۽ لاڻا به جام ٿين، ليون ريٽن ۽ چٻن ۾ ۽ لاڻا ڪلراٺن پوٺن تي پسجن. ڪڙين ۽ ڪسين جي ڪنارن تي ڪانهَن جون قطارون ڏسبيون، منجهن پوک چا ويري جانور سيڙها، سوئر ۽ سها جام سهڙن. ٻٻرن جي لامن تي تتر پيا تنوارين. اُن پوک تي ڳيرا پيا ڳٽڪارين. کٻڙن ۾ سهن جون ڪوٻون ۽ گدڙن جون ڏرون ڏسجن. ملڪ ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ۽ ڍنڍون گهڻين ئي خوبين سان ڀريل آهن. ڪٿان ڏسو ته نار چاڙهيو زمين ريجائي رهيا آهن، ڪٿي ڏسبو ته بتيلن ۾ سير ۽ شڪار ٿي رهيو آهي. ڪٿان وري جون ڌُڪن جي ڌڪن سان آڙيون پيا اُهرائين. ڪٿان بهه پٻڻ ۽ لوڙهه پيا ڪڍن. ڪنهن ڪُنڊ تان وري رَڇُ وجهبو مڇ پيا مارين وغيره. ملڪ ۾ ٻٻرن کان سواءِ ٻيو ڪنڊائون وڻ ڪو نه ٿئي. تنهنڪري ماڻهو پيرين اُگهاڙو پنڌ ڪرڻ کان ڪو ڪو نه کائين. ”جاتيءَ جا جت، پيرين اُگهاڙا“ اُتي مشهور پهاڪو آهي. پٿر ته ڪو ڳوليو لڀي. سارو ملڪ ڪچو ۽ ڪنئرو. ريپ رائو ۽ ڊٻون منجهس گهٽ. جهنگ جي سير جو سواد ڀل ڪو شڪاري شوقين وٺي. وک وک تي سها، تتر، ڀريا، آڙيون، بدڪون ڳيرا، ٻاٽيڙ ڏٺا ٿي. لکين لاکي ڄاڃي ڌڪن جي وپ مان لنگهيا ٿي. ايترو شڪار ڏسندي، شڪاري ماڻهو وڻن وٽن تان ٻڌ ڏيندو ويندو. باقي اسان پارو ماڻهو ته جلد ڪڪ ٿي پئي. اهڙيءَ طرح اسين به ڳچ پنڌ ڪري ٿڪي پياسون. تنهنڪري لڙي وياسون هڪ نار تي. ٿڌيءَ جي خيال سان وڻ هيٺ ويهي وساڻاسين. مون کي ته پاڻ وڌيڪ چوڙو چڙهي ويو، پوءِ ته وڌيڪ هلڻ جو خيال لاهي ويهي رهياسون. سنگتيءَ کي چيم ته ماٺ ڪري ويهڻ مان ڪهڙو مزو؟ وندر ضرور کپي. تنهن يڪدم کيسي مان سوپاري ۽ سوکڙي ڪڍي سوپاري چور ڪري آڇي. آءٌ به هوس شهري ۽ پان جو پياسي، سو سوپاري مِٽَ ۾ هڻي ويهي رهيس، پر آس پوري ڪا نه ٿيم. چيم ته ڪي ٻڌاءِ، تڏهن لڳو کلڻ. چيائين ته؛ ادا، اسين ڪورا ڄٽ. اسين ڪڄاڙو ڄاڻون، اوهين علم وارا ماڻهو سڀڪي ڄاڻو سمجهو ٿا، جيڪي اوهين ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا، سو نه اسين ڏسي سگهون ۽ نه ٻڌي سگهون، تنهنڪري گهٻا نه ڪر. کڻي ٿورو گهڻو سڻاءِ. مون چيو ته ادا اسان کي علم ڪٿي آهي. بک ٽارڻ لاءِ ٻه ٽي اکر سکيا آهيون، سرڪار مان پگهارڙي مليئون پيئي، تنهن تي پيٽ پرندي پيا ڪريون. اسان جو علم جهڙو آهي، تهڙو نه آهي. اوهين گهومون ماڻهو گهڻا ئي ملڪ گهميا هوندو. ضرور ڪن چڱن جي صحبت مان ڪي رس ڀريا لٽڪا سکيا هوندو. انهن مان ڪي ته ٻڌاءِ ته مان وندر ٿئي، ۽ ڏينهن به ڪوٽو ٿئي. ويچاري گهڻو ئي گسايو، پر نه ڇڏيومانس. نيٺ چيائين ته ٻه ٽي ڏور ڄاڻا، پر هوندا ڪچا ۽ ڦڪا، ڇو ته اسين اڻ پڙهيل ماڻهو، تن کي پورو پتو ڪو نه پوئي. مت منجهن ڪا ڪچائي هجي، تنهنڪري ماٺ مٺي آهي. منهنجي وري به زور ڀرڻ تي، لاچار ٿي ڪر سالهي اٿيو ۽ چيائين ته سالڪ ڏور ڏنو آهي ته؛
عمر ڏٺي هئي اوچتي ٻڌي مير مني،
سڄي رات سڪ ۾ هوءَ مارن لاءِ رني
جنهن کي عمر موڪل ڏني، سا مارئي رسي ماڙ کي
( ڏور جو شاهد)
سمن ٻڌي سومري سان مارئي هلي ملير،
هت ماڙيچن ڏنس مهڻا تو ڇڏيو ڪيئن حمير،
ثابت رکي سير، مارئي رسي مير کي.
ڏور ته ٻڌم پر سمجهيس اکر به ڪين. دل ۾ چيم ته عمر سومري مارئيءَ کي ڪڏهن ۽ ڪٿي منيءَ ۾ ٻڌل ڏٺو هو. ڪتابن ۾ ته اهڙو حوالو آهيئي ڪو نه. وري ڏور جي شاهد ۾ چئي ٿو مارئي عمر سومري سان انجام ڪري نڪتي هئي ته آءُ وري اينديس. جڏهن مائٽن وٽ پهچي ٿي، تڏهن اهي پاڻ مهڻا ٿا ڏينس ته تون عمر سومرو ڪيئن ڇڏي آئي آهين؟ پوءِ وري چوي ٿو ته مارئي پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيئي موٽي عمر سومري وٽ وڃي پهتي!
هيءُ ته عجيب معاملو هو هڪ اڻ پڙهيل، پڙهيل کي منجهائي وڌو. چيو مانس ته ادا جيئن ڏور ڏنو اٿيئي، تيئين ويهي سمجهاءِ. چيائين ته ادا، هي جي الله لوڪ شاعر ٿي گذريا آهن، جن جي مقبرن تي ٻارهوئي ميلا لڳا پيا آهن، جن جي زيارت لاءِ هزارين انسان ڪٿان ڪٿان ڪهي اچن ٿا، تن جيڪي چيو ۽ ڪيو آهي، تنهن ۾ گهڻو ئي راز لڪل آهي. جهڙيءَ طرح هڪ مصور کي تصوير چٽڻ لاءِ ڀت جو ضرور هوندو آهي. اهڙيءَ طرح حقيقي شاعرن کي پنهنجي جذبات ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪو واقعو، حقيقت ۽ ڳجهي رمز خيال ۾ رکڻي آهي. پوءِ هو انهي واقعي حقيقت يا راز جي اوٽ ۾ بيهي دنيا وارن جي سمجهڻ لاءِ يا پنهنجي جذبات ظاهر ڪرڻ لاءِ ڳجهارت ۾ ڳالهائيندا آهن. ڳجهارت ۾ ڳالهائڻ الله وارن جي پڪي عادت ۽ سندن خاص نشاني آهي. ڳجهه کي پڌرو ڪرڻ نه فقط پاڻ عيب ٿا سمجهن پر پاڻ لاءِ نقصانڪار به ڄاڻن ٿا، انهيءَ ڪري هر هڪ منزل رسيدو بزرگ سمجهي ٿو ته ؛
مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ
پڌر پسيئي ڳالهڙي ته ڇڏي ويندي ساءُ
تنهنڪري سندن سموريون محفلون مام ۾ ٿين. هنن جو عام سان وهنوار گهٽ رهي ٿو. تنهنڪري سدائين سپرين جي سڪ سيني م سانڍيو گهمن. اها سندن بندگي آهي. سنڌ جو سرتاج شاهه عبداللطيف صاحب ڏسو. کيس ڪهڙي گتي پيئي هئي جو پاڻ سسئي بنجي ويهي پنهل لاءِ پار ڪڍي، ڏيرن کي ڏوراپا ڏي، ۽ جتن کي جٺيون ڪري. يا سهڻي بنجي ساهڙ لاءِ سيرون تري، ڪنن تان ڪاهي، ڇولين ۾ ڇُلي ۽ واگهائن سان وڙهي مطلب ته قدرت جو پار دنيا وارن تي ظاهر ڪرڻ لاءِ دنيا منجهه ئي لڪڻو پوين ٿو. تنهنڪري جيڪي ٻولين ٿا تنهن آڏو پردو رکن ٿا. پردي رکڻ مان مراد اٿن پاڻ لڪائڻ. هو لڪن ٿا فقط دنيا جي ڪن، اک ۽ زبان کان، جيئي سندن منزل آڏو رڪاوٽ وجهڻ لاءِ ڪافي ڪنڊا آهن.
اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئين شاعر پيا سٽون ڏين. سندن عاشقي، مذاقيه، رزمي، اصلاحي ۽ اخلاقي شعر موجود آهن. انهن شعرن ۾ زماني جي حال مطابق جوش ۽ جذبو به سمايل آهي، پر وقتي ۽ نه دائمي انهن جي مقابلي ۾ سچن سالڪن جا سلوڪ ٿورو ويچاريو. ڪيترو نه منجهن ميٺاس آهي، ڪيڏي نه منجهس ڪشش آهي. ڪيترا ماڻهو روزانو اهي شعر شعر مذهبي ڪتاب وانگر وڏي پاڪائيءَ سان ويهي پڙهندا آهن ۽ انهن مان لطف وٺندا آهن. اهو آهي سندن شاعريءَ جو معجزو.
هن شعر ۾ به شاعر صاحب هڪ سچو واقعو حقيقت جي پردي پٺيان ويهي بيان ڪيو آهي، جنهن کي عام طرح هرڻيءَ وارو معجزو چون ٿا، باقي هت نڪو عمر نڪا مارئي. هت قصو ئي ٻيو آهي، جنهن جو مختصر احوال هت ڏجي ٿو؛
هڪ دفعي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن ڪنهن ڪم سانگي ڪٿان لنگهي رهيا هئا ته اوچتو هڪ هرڻيءَ تي نگاهه پين، جا ڪنهن ماريءَ ڦاسائي هڪ وڻ ۾ ٻڌي ڇڏي هئي. هرڻيءَ جڏهن سردار دو جهان کي ڏٺو، تڏهن قدرت الاهيءَ سان هرڻيءَ کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ٿي ويئي. نماڻي ٿي حضور جن کي عرض ڪرڻ لڳي ته منهنجا ٻچا ڪالهونڪر بُکن ۾ پاهه پيا ٿين. آءٌ جهنگ ۾ چاري لاءِ نڪتي هيس، انهيءَ لاءِ ته پيٽ قُوت ڪري کيراڙي ٿي ٻچن کي آبو ڪرائينديس، پر هن ماريءَ جي ور چڙهي ويس. هاڻي خدا جي واسطي منهنجي فقط ايترو وقت جند آزاد ڪرايو، جو مان ٻچڙن کي کير پياري ۽ کانئن آخري طرح موڪلائي اچان. هرڻيءَ جي هيءَ زباني ٻڌي، حضور جن کي رحم آيو، ۽ ماريءَ کي ننڊ مان اٿاري، کيس هرڻيءَ کي موڪل ڏيڻ لاءِ چيائون، پر ماري مڃي ئي نه. چوي ته پنهنجي سڄي ڏينهن جو شڪار هن ريت هٿن مان ڇو وڃايان. نيٺ حضور جن هرڻيءَ جي واپس اچڻ تائين ماريءَ وٽ ضامن ٿي رهيا ۽ هرڻي کي ڇڏيو ويو. ٻچن کي جڏهن مٿئين حقيقت جي خبر پئي، تڏهن ماءُ کي چوڻ لڳا ته تنهنجو کير اسان کي حرام آهي. تون جلد وڃي سردار دوجهان کي آزاد ڪراءِ، متان تنهن جي غفلت يا ديري ڪري ماري نه ستائين. پوءِ هرڻي پوئين پيرين واپس آئي. هرڻي جي سچائي ۽ حضور جن جي رحمد دلي ڏسي، ماريءَ کي رحم آيو ۽ هرڻي کي ڇڏي ڏنائين. جا هميشه لاءِ وڃي پنهنجن ٻچن سان ملي. هيءُ معجزو ظاهري طرح سنڌ جي گهڻن شاعرن بيان ڪيو آهي، جيئن ته رمضان ڪنڀر، سانوڻ فقير ۽ ٻيا هن ڏور ۾ صرف نالن جي لڪ آهي. معنى جو تعلق به ٻنهي واقعن سان گهڻو ميل جول رکي ٿو، تنهن ڪري ڏور سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. نالا هن ريت ذئو معنى آهن:
عمر مراد آهي سردار دوجهان
(حضرت محمد ﷺ)
مني ” وڻ يا وڻ جو ٿڙ.
مارئي ” هرڻي.
ماڙ ” وطن، وٿاڻ.
” انجام.
ملير ” هرڻيءَ جو وٿاڻ.
حمير ۽ عمر ” حضور جن.
هاڻي ته معنى صاف ٿي پئي، جنهن جي شرح لکڻ جو ضرور ڪونهي، سانوڻ فقير جيڪي ظاهري طور بيت چيا آهن، سي به ٻڌڻ لائق آهن، تن مان ڪي بيت هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
الله جل جلاله الله الصمد،
دروازا دوزخ جا باريءَ ڪيا هئا بند،
نرمل پنهنجي نور مان ڳالهه ڪئي پسند،
شاهه چڙهيو هو سيل تي ڪرين پيرين پنڌ،
ڦاٿل ڏٺائين ڦاهيءَ ۾ هرڻي انهيءَ هنڌ،
ست ڀيرا سڏ ڪيائين موٽي آءُ محمد،
ڪامل ڦيري ڪنڌ، ڏٺو حال هرڻيءَ جو.
(2)
ڏسي حال هرڻيءَ جو موڪل ڏنيس مير،
سگهو موٽج پوئتي، ڏيئي ٻچن کي کير،
ضامن آهيان تنهنجو متان ٿئين دلگير،
ڪڏهن ڪبي ڪانڪا توتي تدا مير،
باري بچائيندو پر ۾، تنهنجو ساهه سُڌير،
اڳيان سجهي ٿي ”سانوڻ“ چئي ڪاري قيام ڪبير،
سچ مڙيوئي سير، هرڻيءَ حڪم مڃيو.
(3)
هرڻيءَ حڪم مڃي چيو: ڪالهه به ڪالهونڪر،
باري منهنجا بر ۾ ٿا فاقو ڪاٽين ڦر،
هادي انهيءَ هنڌ تي آءُ ڄڻي آيس ڄر،
پيا هوندا پٽ ۾ ٻچا منهنجي ٻر،
ماري ويندا معصومن کي کائي ويندا خر،
سوين ايندا ”سانوڻ“ چئي، اتي جيت ۽ جناور،
لُچي ڏيئي لتر، متان ڀڄي وڃين تون ڀئو کان.
(4)
چي نڪي ڀڄان ڀئو کان نڪي لر،
ڏيئي کير ٻچن کي، آءُ وري ڪنديس ور،
قسم اٿم تو ذات جو، تون پاڪ پيغمبر،
ننگ سڃاڻي نر، پو حضرت کولي هرڻي.
(5)
حضرت هرڻي کولي، وٺي سنهن قسم،
ويجهي ٿي وڻڪار کي ڏٺائين ٿاڻو ۽ ٿم،
ڪري پيئي ڪلن تي دانهون ڪري دم،
ڌائي وٺو ڌڱڻا اوهين دير نه ڪيو دم،
پنهنجي ڙي پسوئڙا ڪا رلي آهي رقم،
پسي گوندر غم، هن جا ٻوٻٽ ڪري ٻچا اٿيا.
(6)
ٻوٻٽ ڪري ٻچا اٿيا تون اما اويري،
دانهن ڪري درد مان ٿي ڍنگهر تي ڍيري،
ڌائي وٺو ڌڱڻا اوهين ڦر ڇڏيو ڦيري،
مٿان اچي اوچتو ڪو پير کڻي پيري،
ويٺو هوم واٽ تي سو وڪوڙي ويري،
اتان آيو احمد ڄام جنهن ڀلي ڪيس ڀيڙي،
ڪڍيو ٻار ٻچن کي ٿي چٽي جو پيري،
ٻڙڪيو ٻچيري – ٿي موڪلائي معصومن کان.
(7)
موڪلائي معصومن کان ڳچيءَ پايو ڳل،
چيائون کير حرام ٿيو تون چوپيري چل،
يا تنهنجا هر ام ٿيا تون هچاري هل ،
محمد جهڙي ميرکي تون ورندي ڏيئي نه ول،
جنهن جو شاهه رکندو شل، سا رهجي ويندي رسول سان.
هن معجزي کي بيان ڪندي ”سانوڻ فقير“ ٻارهن بيت چيا آهن. مون کي ”ڏور“ نئون علم ۽ هنر سمجهڻ ۾ آيا تنهنڪري زور ڀريو مانس ته ڪي وڌيڪ ٻڌاءِ. ٿورو سوچي وري ٻيو ڏور چيائين؛-
(ڏور)
مومل ماڙيون چار ڪاڻ اڏايون مينڌري،
سوڍو سر چيو ڪينڪي وڻيس ڪين واپار،
جڏهن ڏنس ڏسُ ڪنوار-تڏهين محلين رسيو مينڌرو.
(شاهد)
مومل جي ماڙيءَ تي آيو راڻو رنگ ڪري،
ساڳو سڃاڻوس سرتيون، اوهين ڌيان ڌري،
سا مر مومل مري، جنهن سوڍي کي سرهو ڪيو.
ڏور ڏيئي بس ڪري پاڻهي سمجهائڻ شروع ڪيائين. چيائين ته حضرت دائود عليه السلام جي وقت ۾ نصوح نالي هڪ شخص ٿي گذريو آهي. پهرين ته هو وڏو دولتمند هو، پر پوءِ پنهنجي بدڪارين ڪري ڪنگال ٿي ويو. نيٺ سندس ڌنڌو وڃي رهيو مردن جا ڪفن لاهڻ، جيڪي مرد تازا پوريا هئا، تن جا ڪفن لاهيو وڃي وڪڻندو هو. انهي وقت ۾ ڪا نيڪ ۽ پرهيز گار عورت اُتي رهندي هئي. تنهن کي اچي خوف ٿيو ته هيءُ نامراد مون سان به ساڳي ڪار ڪندو، ائين ويچار ڪندي هڪ ڏينهن نصوح کي پاڻ وٽ گهرايائين. چيائينس ته تو کي ڪفن لاهڻ جي عادت آهي، پر مان تو کي پنهنجي ڪفن جي قيمت کان ٻيڻا پئسا ڏيان ٿي، انهي لاءِ ته تون جيئن مئي پڄاڻان منهنجو ڪفن نه لاهين. نصوح رقم وٺي راهي ٿيو ۽ اهڙو انجام به ڪري ويو. مائي کي انهي هوندي به مٿس اعتبار نه آيو، تنهن ڪري وارثن کي وصيت ڪري ڇڏيائين ته جڏهن آءُ مران تڏهن منهنجي قبر ساڻ گڏ ٽي ٻيون خالي قبرون به ٺاهي ڇڏجو، جيئن اهو ڪفن ڪش منهنجي سچي قبر سڃاڻي نه سگهي. جڏهن اهو وقت آيو ۽ مائيءَ دم ڏنو، تڏهن سندس وصيت موجب کيس چئن قبرن مان هڪ ۾ نيئي پوريائون.
”هيرئي سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي“ جي مصداق، نصوح پنهنجو واعدو وساري، پنهنجي عادت پوري ڪرڻ جي ارادي سان قبرستان تي ڪهي آيو. هڪ هڪ ڪري قبرون کوٽڻ لڳو، جڏهن اصلي قبر جا اڏا الٽايائين، تڏهن هوءَ مائي، جا بزرگ ۽ خدا رسيده هئي، تنهن جيئري جاڳندي تصوير ۾ اچي کيس هڪل ڪري چيو ته حيف هجيئي!، نيٺ ڪين رهيئين!. مائي جو ڳالهائڻ ٻڌي هن کي ايترو ته ڊپ ٿيو جو پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ وڃي ڪٿي ڪريو. ڌڻيءَ جو خوف مٿس ايترو طاري ٿيو جو سچي توبهه ڪري هميشه لاءِ ڪنج خلوت ۾ رهي ڌڻي ياد ڪندو رهيو.
(ڏور جي معنى)
مومل مراد آهي اها نيڪ عورت
ماڙيون چار ” چار قبرون
ڏنس ڏس ڪنوار ” نيڪ عورت جو کيس
هدايت ڪرڻ
محلين رسيو ” منزل تي پهتو،
هدايت تي هليو.
مومل جي ماڙي ” نيڪ عورت جي قبر
سوڍي کي سرهو ڪيو ” بدڪار کي نيڪو ڪار
ڪيو.
مون کي اڄڪلهه جي ادبي ماهرن جو ٿورو آزمودو آهي ته هو ”ڏور“ جي وجود تي گهٽ اعتبار ٿا ڪن، يا ته بلڪل ڪو نه ٿا مڃين. مگر هنن کي ائين وسهڻ گهرجي ته 18 صدي عيسوي ۾ جڏهن سنڌي شعر ۽ شاعري چوٽ چڙهي وئي هئي، تڏنهن اهڙا سڌير به پئدا ٿيا هئا، جن عجيب معمائئون چيون ۽ گفتگو ۾ ڪم آنديون ٽپال جي پوري بندوبست نه هئڻ ڪري سالڪ هڪ ٻئي ڏي معما ۾ پيغام موڪليندا هئا جن جي قاصد کي به سُڌ ڪا نه پوندي هئي، پر وقت جي بي پرواهي ڪري اهي حڪومتون بي معنى رهجي ويون. ۽ جي پوءِ ِ آهستي آهستي انهي در جي تي اچي پهتيون، جو مٿن اڄ ڪو به اعتبار ڪو نه ٿو ڪري!، انهي پيچيدي هنر جو شجرو هن ريت آهي:-
(1) بيت (2) هنر (3) ڏور (4) ڳجهارت (5) آڇاڻي يا پرولي (6) ڏِٺِ. انهن ڇهن قسمن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هن ريت آهي: بيت ۽ ڏور پاڻ ۾ ويجها آهن. سندن ٻولي ۽ بيهڪ ۾ ٿورو تفاوت رهي ٿو. (2) ڳجهارت، هنر ۽ ڏٺ ساڳئي دفعي مان آهن. هنر البت ٻوليءَ ۽ بيهڪ جي لحاظ سان بيت ۽ ڏور سان مائٽي ڪري ٿو. (3) باقي آڇاڻي يا پرولي به حقيقت ڪري ڳجهارت جي ننڍڙي ڀيڻ آهي، پر پنهنجي خالي رهي ٿي. سڀ کان وڌيڪ ڏکيو سمجهڻ آهي، ڳجهارت ۽ ڏٺ جو. باقي ڏور ۽ هنر مدار رکن ٿا، وسيع معلومات تي. اهڙي ريت آڇاڻي سمجهڻ لاءِ به سمجهه کپي.
خير، پوءِ ته اچي ڏورن جي پلٽ شروع ٿي. سج به لڙي ويو، تنهن ڪري اٿي راهي ٿياسون. رات وري ساڳي اوطاق ۾ گذاري، صبح جو اٿي روانو ٿيس.