لاڙ جو سير (1971)
by الهه بچايو سمون
07. جهنگ جو سير
320284لاڙ جو سير — 07. جهنگ جو سير1971الهه بچايو سمون

وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان سيهي لهن نه سار،
ڪٽن ڪٽ لوهار، هاڻي انهيءَ ڀيڻين.

(شاهه)

ڪوڙو نه مٺو ڪلام آهي، ڪهڙو نه سهڻو شعر آهي. ميٺاس ۽ سوز سان گڏ منجهس ڪيترو نه سچ سمايل آهي. وچ ۾ صدي گذري وئي، مگر ڇپا مجال جو سچي سالڪ جي سلوڪ مان ڪو وينجهار وِڏِ ڪڍي، جيڪي فرمايو اٿس، سو ڄڻ ته مُنڊيءَ تي ٽِڪَ!
اوهان مٿي لاڙ جو اڳيون اوج پڙهي آيا. لاڙ جي اهميت کان واقف ٿيا تنهن سان گڏ لاڙين جي ٿورن جا ٿورائتا به ٿيا. اڄ وري به لاڙي سر زمين وڃي ڏسو. ”هنج هلي ويا ملڪ مان. وڃي جاءِ جهلي زاغن“. نه اهي سالڪ، نه اهي شاعر ۽ نه اهي وينجهار ئي رهيا.
ملڪ ڀڙڀينگ لڳو پيو آهي. نه منجهس اهي مزيدار محفلون، نه قرب واريون ڪچهريون ۽ نه رس ڀريون رهاڻيون رهيون آهن. ماڻهن مان مِهرَ ۽ مزو موڪلائي ويو آهي. اڳيان اکر ئي لٽجي ويا آهن. ڪين چئجي ته هيءُ ڪي انهن جا پراڻا پَڊَ آهن. جي ڪچهرين ۽ مجلسن ۾ اوچي ڳاٽ ڳالهه ڳالهه پٺيان سهڻا ۽ مڌر سلوڪ چوندا هئا، مثال ۽ پهاڪا پيش ڪندا هئا. سالڪن جون سرائتيون چوڻيون مثال طور پيش ڪندا هئا. اڄ لاڙ ۾ ڇا آهي؟. فقط انهن جا مقبرا اڏيل آهن، جتي ڪنگ پيا رڙن، جن ۾ چٻرن جا آسٿان آهن، جتي مرن جا ٿاڪ ۽ وٿاڻ آهن، ٻيو ٿو ڀلو ڪٿي ڪٿي مجاور ويٺا آهن. اهي به طمع جا غلام بڻجي، مايا جي موهه ۾ عجيب رنگ رچايو ويٺا آهن. يعني انهن سدورن ۽ نيڪو ڪارن جي روحن کي راحت ڏيڻ بدران پاڻ عذاب ڏئي رهيا آهن. هر هڪ اهو قول ۽ فعل، جنهن کان سائين لوڪن پناهه ٿي گهري، سو سندن دائمي قيام گاهه تي ٻڌو ۽ ڏٺو وڃي ٿو!! اڄ جا پويان سچ پچ ته اڳين جو اولاد آهن ۽ انهن جي نسل مان آهن پر منجهن انهن جا اهڃاڻ بلڪل گهٽ آهن. مهانڊا ملن ئي ڪو نه ٿا ته سچ پچ هيءُ ڪي انهن وينجهارن جو وياءُ آهن، جن کي ساري دنيا ٿي نمي، جن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو ويو، جن جي نظر عنايت سان، حيوان انسان ٿي ٿيا، موڙهل ماڳ ٿي رسيا ۽ اياڻا سياڻا ٿي ٿيا، جن وٽ طالبن ۽ صادقن جون قطارون ٿي آيون. اڄ انهن جو حال م ڏٺو ڀلو آهي. دسين پڌرن جو اولاد اڄ لوڙهي کان ٻاهر ٻڌجي ئي ڪو نه ٿو. پنهنجي ته ڪانه ٻاريائون پر اباڻي به اجهائي ويهي رهيا، جن کان ساري سنڌ سکي، سي پاڻ سڏجن ڪورا ڄٽ!، علم کان عاري، سست، هيڻا ۽ بزدل. پيءُ جي ننگ جو پٽ کي احساس ٿئي. سو هنين وٽ سورهين ڪينهين! مطلب ته تار کان توائي ۽ تال کان ٻاهر آهن.
عام طرح لاڙي ماڻهو سادا سودا، ٻالا ڀولا ۽ موڙهل آهن. منجهن علم، چستي ڇڙڪائي گهٽ. ٻين حالتن ۾ سرسري وچٿرا، اقتصادي حالتون به نه ساراهه جوڳيون ۽ نه ندا لائق. مطلب ته وچون وهه پيا وهن. اباڻي ورثي مان باقي وٽن فقط سادگي ۽ مهمان نوازي موجود آهي. ٻيو ٿيو ڀلو، ماڻهو زبان جا مٺا ۽ لحاظ وارا آهن. دولت جي نشي وارا به اهڙي اک پور ۽ واءُ وڏائي ڪانه رکن. قديمي زميندار ۽ جاگيردار سدائين سادي نموني هلن. سندن اوڇ پهر، کاڌ خوراڪ، ٻولي چالي، اٿ ويهه، سڀ سادي نموني، اڃا به ڪي شهري لاڳاپي وارا ماڻهو يا جن مغربي تعليم ورتي آهي ۽ مٿن اتان تعليم جو اثر ٿيو آهي، سي البت ڦريل رنگ واري جيوت گذارين، تن جي اٿ ويهه، پهر پوشاڪ ۽ گفتگو ۾ فرق آهي، باقي ٻيا سڀ ساڳي رند پيا رڙهن.
علميت ته منجهائن ويئي ڇڏائي، تنهن ڪري معلميت جو نالو ته مٿانئن بنا ڏني ورتي ڪڍي ڇڏي ويو آهي. باقي رهيا مڙيئي ماڻهو، تن جو گذر اوقات ٽن درجن ۾ وراهي سگهجي ٿو: (1) زميندار (2) هاري (3) مزور ۽ مالدار. زميندارن کي پاڻي جام پر، زمين مان ايتري اوپراس ڪانه اٿن، جيتري هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته زمينون گهڻو ڪري يڪ فصليون آهن، تنهن ڪري واڌ کوٽ جي پورائي ۾ پئجيو وڃي. زميندار پاڻ بت تي تئو ڪو نه ڏين. سندن سارو ڪاٻارو ۽ ڪمام ڪمدارن جي حوالي ڇڏيل هوندو آهي. فصل لٿي حساب ڪتاب به انهن جي بلي. زميندار فقط حقو ٽانڪي اوطاق جي سونهن ٿيو ويٺا هوندا آهن، علم منجهن خير ڪو آهي، ليکي چوکي جي سڌ ڪانه پوين، تنهن ڪري ڪمدار جيڪي هٿ سان ڏيندن، سو غنيمت سمجهي صبر ۽ شڪر ڪري ويهي رهندا. اهو ئي سبب آهي جو سڄين ديهن مان پيٽ پورائو به مس ٿو ٿئين. پنهنجي ڪجي پڪيءَ تان گهمرو ڪرڻ کانئن ڪو نه پڄي. تنهن ڪري جو پنو تنهن ڇنو. ٽارو ٽارو ٿي سڄي لٽجو وڃي. سندن گهرو ڪاٻارو هلي کنئي کنڌي تي. بٽئيءَ ڏينهان واپار وهي کڻي آيو ته هڙ موڙي هضم. جو ٻوليندو سو لهندو. ڀلا هجي ڪا لکيت جنهن مان پورو پوين!، پڇاڙي ۾ ايترو ڪو نه بچندن جو ٻج لاءِ رکن. واپاري وري هڻن ڌڪ ڪاپاري. وٺن هڪ بها ته ڏين وري ٻيڻي بها سا زميندارن کي ٻج وري به واپارين کان وٺڻو پوي. تنهن ڪري ”ادي مئي، ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا.“ هارين ۽ مزدورن کان وڌيڪ زميندار قرضي ڏسبا. جي ڪنهن کي ڪنهن فصل تان چار ڪڻيون بڇيون ته پوءِ وجهندو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ، ويندو اونڌيون مئيندو، جيسين هڙ هلڪي نه ٿي اٿس، تيسين سک نه سمهندو، غريب مار البت ملڪ ۾ گهڻي.
سهٽيرڙا هيڻن تي هلائون ڪرائين، غريبن جا جهڳا جهورائين ۽ سندن چوريون ڪرائين وغيره. پاٿاريداري جو نمونو ملڪ ۾ گهڻو تنهن ڪري چڱو مٺو سڀ پوليس جي اک. جيسين ڳنڍ نه کولين، تيسين ڪٿي ٿا پٽڪو بچائين، ڪنهن نه ڪنهن اوطاق تي ضرور پوليس جو ڊَنبُ لٿل ڏسبو. ڪڏهن ڪنهن جي کاٽ جي ڳولا ۾ ڪڏهن ڪنهن جي وهٽ جي پڇا ۾. مطلب ته مڙيو ئي ڪو نه ڪو مامرو مٿي تي هوندن. جيڪي چار ڏوڪڙ ٻچن جي قوت لاءِ پاسيرا ڪري رکيا هوندائون، سي ٿيندا انهن واڳن جي بلي ۽ پاڻ سڃائي رهجي ويندا. عام چوڻي آهي ته ”ڀاڳئي جو گهر ڀڳو ته پوليس جو گهر اڏيو“.
هارين جا وري ڪهڙا هال. ٻيڻا ٽڪا لکائي ٻج وٺن، سڄي مند کڻت تي کائين، ميڙ ڇيڙهه زميندار جي وهن، گاهه پٺو سندن ڪچيءَ پڪيءَ مان پٽجي، عملدارن جي رسائيءَ لاءِ ڪڪڙ ٻڪر، گاهه داڻو، سندن گهران وڃي. ”ڪڪڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏير جو“ پوءِ به لاٺي زميندارن جي مرضي موجب ڏيڻي پوين. بٽئي جا نرخ به زميندار پاڻ ڪڍن. فصل لٿو ته هاري لاءِ سور جا سرجيا، ڏيتي ليتي وارا وڪوڙي ويندس. اڌ ته سنئون سڌو زميندار کڻي ويندس. وري ونگ وجهندس واڻيون، سڄي سال جي کاڌ جي حساب ۾ باقي ڪا مٺ اڌ وڃي ڇڏيندس. سا به آهتي کڻي ويندو. باقي پاڻ ويچارو اها گوڏ. اها ڪوڏر، رٺوئي رهجي ويندو. ڪٿي به هاري اڇين پڇين ڪو نه پسبو، ڇا ڪري؟ بيڪار نه آهي، سست نه آهي، پر ٻين لاءِ وهي ٿو ۽ بکيا ڍئي ٿو، پاڻ لاءِ فقط سور ساٿائي ٿو ۽ سي لهي ٿو، ايتري ڏي وٺ کان پوءِ به جي ڇٽي ته چڱو، سو به نه انسان ويچاري کي گهڻيون ئي گهرجون آهن. ذات نيات سان هلڻو، آئي وئي جي آڌر ڪرڻي، تنهن سان گڏ پنهنجي ننگ نام جو ويچار رکڻو. ڪيترين کي پهچي؟ مطلب ته هاري جي حياتي سدائين سورن ۾. پنهنجي پڃايل مان ته ڪو به هٿ ڪو نه اچيس. اڃا به ٻار ٻچو ٻئي هنڌان وڃيو لاب لائي ڪيو اچي، تنهن مان ڪي ڏينهن ڪڍي.
مزور طبقي ڏي ٿي نگاهه ڪجي ته اهي اڃا به زميندارن ۽ هارين کان چڱا رت ڏيو، روڪ ڪمايو اچن، جڏهن گهڻو ڪمائين تڏهن گهڻو کائين، جڏهن ٿورو ملين ته تن کي تسو ڏيو وقت ڪڍن. نه ڪنهن کان کڻ کندي کڻن ۽ نه کين ڪو ڏيئي. سندن لاءِ اها غنيمت آهي جو هٿ، سڄو ۽ هڏ سچو اٿن. روڪ ڪمايو پنهنجي دل گهري شئي جتان وڻين اتان وٺن. نه ڪنهن جي ٻڌن ۽ نه ڪنهن کي ٻڌائين. هو نه هڪ هنڌ حساب رکن ۽ نه پاڻ کي وياج وٽي ۾ ڳارين، جت پورهيو لڳو ات لڳايو. سڀاڻي نئون ڏينهن ته نئون روز. انهن جي حالت زميندارن ۽ هارين کان پاڻ بهتر. ڪپڙي لٽي ۾ به اهي ٺهيل، ٻار ٻچا به انهن جا ساڄا سنوان، انهن مان به ڪي جن کي پنهنجي عاقبت جو اونو آهي، سي ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ ڀرا ٿيو بيهن. باقي جيڪي چٽي جا عادي ۽ ڇڙيءَ ٽنگ وارا آهن، تن جو ڪفن دفن به ٻين تي بوجو ٿيو پوي. مطلب ته ڪي گنگهر پيا گهارين ته ڪي موجون پيا ماڻين.
مالدار ماڻهو ته وري نه ڪنهن جي ٻڌي ۾ ڇڙيءَ ۾. انهن جو چانور ئي جدا رجهي. مال جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ ۾ ڪيتري تڪليف اچين ته به ان جي پرواهه ڪانه ڪن. پنهنجو سک مال جي سهنج تان گهوريو. ڪن پنهنجو سک مال جي سهنج تان گهوريو ڪيو ڇڏين. مال وٽن جوءِ آهر ٿئي، ڇاڪاڻ ته سڀڪو چوپايو مال ساڳي جوءِ ۾ جالي ڪين سگهي. رڍون، گابيون ۽ مينهون ڪک کائين، تن لاءِ ٻيلا سڃ سما آهن. ٻڪري ۽ اٺن لاءِ پن ضروري آهن. تن لاءِ وري ڪک ڪي به ڪين آهن، تنهن ڪري مالدار مال جي سانگي وتن راتوڙا رهندا، جهنگ جهر جهاڳيندا ۽ ملڪ ماپيندا اهي نه سک سنڀرن ۽ نه سور سڃاڻن. اهي ڄڻ ته ڄاوائي مال جي تات لاءِ آهن.

ماڻهن جي پوشاڪ ۽ رهائش

ماڻهن جو ڏيک ويک ملڪي حالتن تي گهڻو مدار رکي ٿو. لاڙ ملڪ ڏڪار جي ڏنجهه کان گهڻو بچيل رهي، جت آميا ان ٿين تت وري ٻي ڪنهن جي ڪاڻ. ماڻهو گهڻو ڪري هڪ حالا، اوڇ پهر ۾ مرد سادا. زالون اڃا به اوچيءَ اوڇ تي دل ڪڍن. ڪپڙي جو زيان جهڙا مرد، تهڙيون زالون، سڀني کي گوڊ والون ڏسبيون. اوبداڻي جي اوڇ کان چيلهه چتڙ سڀ گڏيا پيا هوندن. زالن کي پاچن تي زريءَ ڀرائڻ جو گهڻو شوق ٿئي. مرد به ڪي ساڻن انهي شوق ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. يعني انهن جي پاچن تي به زري لڳل ڏسبي. وڏ گهراڻا ٻروچ ته سڄا زريءَ سان ٿڦيل ڏسبا. ڪوٽ، قميص، سٿڻ، ٽوپي، ويندي جتيءَ تائين زريءَ جڙيل ڏسبين. عام مردن کي مٿي تي ڦيڙها، ڪلهن تي اجرڪ ۽ تنهن وچڙ ڦلائين پٽاڙ پيل پسبي. لاڙي ماڻهن جي سڃاڻپ جون اهي خاص نشانيون آهن. ڪي ته ويچارا صفا غريب آهن، جن جون اوڇون آکا ٿي وڃن، تڏهن به ٽيهه ٽُڪر ڳنڍي وقت نڀائين. وار گهڻو ڪو نه وٺائين، تنهن ڪري چوٽا چيلهه ڍار هوندن. ڏاڙهي مٺ قد جهلين. سکيا ماڻهو ويڪرين ٻانهن وارا چولها چوڙين ۽ غريب ڦتيون پائين. اڄڪلهه جا نوجوان جن جو شهري ماڻهن سان گهاٽو واسطو رهيو آهي، يا جي مغربي تعليم حاصل ڪيل آهن، تن جي پهر پوشاڪ ۾ گهڻو ڦيرو پيل آهي. مطلب ته مرد رهائش جي رخ سارو ”جهڙو ويس تهڙو ديس“ جي مصداق پوشاڪون پيا ڦيرائين. مگر زالن ۾ پوشاڪ جي مٽ سٽ ڪانه پسبي آهي. پنهنجي قوميت جي ننگ ڪري اها ئي پر اختيار ڪيو اچن، جا سندن ۾ هئي. مردن جو به اهو ئي خيال رهندو آهي ته گهر ۾ ٻار ٻچو ويس نه بدلائين. بلوچ قومن جي زالن کي کڙي تائين چولها پيل ڏسبا، جي هوند سارو ڪن کي سوٽي ته ڪن کي ريشمي، جن کي گهگها ڪري چون. ميربحر عورتن کي اڇا يا رنگين پر نفيس ڪپڙي جا چولها پيل ڏسبا، جي هوند سارو ڪن کي سوٽي ته ڪن کي ريشمي جن کي گهگها ڪري چون. ميربحر عورتن کي اڇا يا رنگين، پر نفيس ڪپڙي جا چولها پيل هوندا آهن، باقي ٻيون قومون، جي سماٽ ۾ اچي وڃن ٿيون، تن جو ويس اهي ڪنجري، سکيا ماڻهو ريشمي ڪنجريون پائين، جن کي گج چون. ڪنجريون چولهن کان وڌيڪ خرچ کايو وڃن.
پردي جو رواج ملڪ ۾ گهٽ. سيدن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيون قومون پردي جو خيال ڪو نه ڪن. ڪن چڱن خاندانن جون عورتون فقط وڏي چادر ويڙهي ٻاهر نڪرن، برقعي جو رواج تمام گهٽ ڏٺو ٿي. ڪٿي ڪٿي ائين به ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته جن ماڻهن برقعي جو استعمال ٿي ڪيو، تن تان چٿرون ڪيون ويون ٿي. سبب اهو ئي ڄاڻايو ويو ٿي ته برقعو فقط پيرن ۽ سيدن لاءِ مخصوص ٿيل آهي، تنهن کي ٻيا ماڻهو استعمال ڪري نٿا سگهن.
لاڙي ماڻهن جي رهائش ڪوهستاني قومن کان گهڻو سڌريل آهي. ماڻهو شهر يا ڳوٺ ٺاهيو تنهن ۾ رهن. ملڪ سائو، آبادي گهڻي، تنهن ڪري آدم به منجهن گهڻو رهي. واپاري ڏي وٺ ڪري ڳوٺن ڳوٺن سان ۽ شهرن شهرن سان، وڏن رستن ذريعي ڳنڍيا پيا آهن. ڳوٺن ۾ اسڪول، ٽپال آفيس، ڍڪ ۽ اسپتالون وغيره آهن. وڏن ڳوٺن ۾ پوليس چوڪيون ۽ سرڪاري آفيسون به آهن، انهي ڪري ڳوٺن جي حالت سڌريل نموني تي آهي. صفائي سٺائي جو خاطر خواهه بندوبست ٿيندڙ آهي. ڪن شهرن ۾ ميونسپالٽيون ۽ سينيٽري بورڊون آهن، جي شهر جي سنڀال تي خاص ڌيان ڏين. سرڪار به پنهنجي طرفان ڳوٺن سڌارڻ تي گهڻو ڌيان ڏيندي آهي. باقي مارو ماڻهو، جي گذر جي سانگ سان ٺيٺ ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، تن جي رهائش ڪا اهڙي سهڻي ڪانهي، ڪکانوان گهر، تن کي ڍنگهرن جا مڙس قد لوڙها لڳل هوندا. ساڳيئي ڪٽنب جا گهر، سڀيئي هڪ لوڙهي اندر هوندا، جن جي لنگهه لاءِ هڪڙي ئي ڳلي هوندي. شهرن کان وڌيڪ آدم ٻهراڙي ۾ رهي ٿو پر سڀ پنهنجي سانگ سارو رهن. ڳوٺ ٻڌي رهڻ جو انهن ۾ خيال گهٽ آهي. هاري ناري پوک جي سهنج تي ڪڙين ۽ واهن جي ويجهو اجها اڏيون ويهن. مالدار مال جي سانگ سان وڻراهه ويجهو وڃيو ويهن.

لاڙ جي صحت

لاڙ جا ماڻهو کاڌي جا کايار، هڏ ٺوڪر، ٿلها متارا ۽ قداور آهن پر سنڌ جي ٻين ڀاڱن وارن ماڻهن کان البت گهٽ، انهي ٿولهه ۽ متارائي هوندي به هو سست، نٻل ۽ هيڻا واقعي آهن. سندن چهرو ڦڪو، منهن لٿل، بند منجهيل ۽ لڱ رڌل آهن. ڪم تي چاهه گهٽ ۽ ننڊ تي پيار وڌ اٿن. سمجهجي ٿو ته گهٽ ڪم ڪرڻ ڪري بت تي چوڙهو چڙهي ويو اٿن. سستي منجهن گهر ڪري وئي آهي. زمين لاهي، تنهن تي پاڻي اچي موڪ، تنهن ڪري ڪوڏر جي ڪمائي سنڀرن ئي ڪو نه.
هوا ملڪ جي گهميل، تنهن ڪري ڪوسي ٿڌي نه سڃاڻن ۽ نه سهن. مڇرن جي ملڪ ۾ سخت مار، سڄو سرءُ تپاولي ۾ گهارين. سوپاري جي ڇاپي جي هير ايتري اٿن جو ان سنئون واپاري کي سوپارين جو کنڌو ڀرين. هر ڪنهن جي کيسي ۾ سوئڙي ۽ سوپاريون سدائين هونديون. سوپاري رت جو وڃائڻ آهي. سوپاري کائڪ نه ڊوڙي سگهي ۽ نه ڪم ڪري سگهي. ٿورو تئو آيس ته سهڪي پئي پوندس. انهن سببن ڪري لاڙي ماڻهو ڏٻري ڍور مثل هيڻا ۽ سست آهن.
ملڪ ۾ ميلن ملاکڙن جو شوق به ڏاڍو آهي. تنهن ڪري ملهه جا ڪوڏيا جوان، جي پنهنجو بت ڌڻائين ٿا، سي ڏاڍا جوان ۽ پهلوان آهن، باقي عام طرح منجهن چاڙهو ڪونهي. ڪنهن ڏکئي ڪم ۾ لڳا ته ڪوڙي ڏاند وانگي پڙ ڪڍي بيهي رهندا. نڪمي ماڻهوءَ جي نشاني آهي ڇڇ ڇڻيل ۽ ڀڀ ڀريل. اهي علامتون لاڙين ۾ البت سرس آهن، تنهن ڪري سندن صحت سٺي ڪانه چئبي.