محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/10

320228محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 10. قريشي ڪٽيل1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

ٽي ورهيه برابر ته ڳجهه ڳوهه ۾ ئي لوڪن کي سمجهائي.حضرت محمد ﷺ کين دين اسلام جو پي قائل ڪيو.نيٺ هڪ ڏهاڙي پنهنجن مڙني مائٽن ،عزيزن خويشن ۽ ڪڙم قبيلي وارن کي پنهنجي جاءِ تي ڪوٺائي ساڻن دين اسلام جي ڳالهه جو رياءُ ۽ کين ان جون خوبيون بيان ڪري ٻڌايائين تنهن تان مڙني وٺي ناسون ٽيڙيون ۽ چپ ڊولا ڪيا ڏاڍي مڙسن کي مٺيانلڳي ويئي ابو طالب کي چيائون ته “هي ڀائيٽو اوهان جو ٻاهتريو ته نه آهي؟ڪل ته نه ٿڙڪي اٿس؟متان ڪنهن ڀوت منجهس واسو ڪيو آهي؟” ابو طالب سمجهاين ته “وحد نه وڃو اهڙا سخن هن کي نه پٽيو”تنهن تي ڏند ڪڍي بيهي اتس کلڻ لڳا ۽ عتاب ڏنائونس ته”ڀائيٽي کي کاري ٻهر ئي اوهان ڪيو آهي”
هيتري چاچهنس تي هاسي ٿي ۽ هيترا پاڻ ڳالهائڻ کاڌائون ته به دل سندس لوڏو نه کاڌو اٽلو همت ئي آيس ۽ يقين ٿيس ته تندهي سان ڪم کي لڳو رهيو ته اوس سوڀارو ئي ٿيو پوءِ هر روز وچ بازار ۾ بيهي وڏي واڪي پيو وعظ ڪندو هو بت پرستيءَ جي برخلاف اهڙيون تقريرون ڪيائين جو قريشن جو اچي سک ڦٽو ابو طالب کي چيائون ته “اسان کي اوهان جو لحاظ ٿو ماري نه ته هن بي دين جاهل پاڳل کي اب جواب پورو ڪري ڇڏيون.پر هن کي پشت آهي ڪنهن جي ؟ متان اوهان جي ڪپڙي تي ٿو ڪڏي؟جي اوهان ساڻس ڳانڍڙ آهيو ته اچو ته لڙي صفائي ڪريون”
ابو طالب ان وقت انهن کي ته اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ٻڌائي هٽائي ڪڍيو پر پوءِ ڀائيٽي کي به سمجهايائين ته “پٽ هرو ڀرو انهن جو رنج مٿي تي نه کڻ پاڻ ڄاڻن سندن ڪرم ڄاڻي سندن کٿا سندن مٿا سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي چڙهندي تنهنجو ڇو اچي مٿو تتو آهي؟” محمد صاحب ﷺ سمجهيو ته هي ڪنڊ ڪڍائڻ جا پار آهن پر نهايت ٺهر سان جواب ڏنائينس ته “چاچا ڌرتي اٿلي پوي ڪيزمين آسمان هڪ ٿي وڃن آءٌ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ گهٽ نه پوندس.الله تعاليٰ مونکي هي ڪم سپرد ڪيو آهي سو جيسيتائين نڪون ساهه پيو کڻندس تيسيتائين ان جي ادائيءَ ۾ ئي لڳو رهندس.”ان وقت ڪو حضرت محمد ﷺ کي ڏسي ها دل ڀرجي آئي هيس ۽ نيڻن مان نير نيسارا ڪيو پي وهيس.ابو طالب ڏٺو ته هي حق تي آهي سو چيائينس “ٻچا ٺهيو فڪر ناهي تون بيشڪ جئن دل چاهيئي تيئن پيو ڪر”
محمد صاحب ﷺ کي هٿون هٿي ملي سو زور شور سان وعظ ڪندو رهيو ۽ بت پرستيءَ جي برخلاف ڳالهائيندو رهيو پر قريشي ڪي تود هوا ٻلهزيرن تي اثر ئي نه ٿيو اٽلو ئي ڪٽي ساڻس کڻي وير وڌائون ۽ ماري مات ڪري ڇڏينس ها پر ابو طالب ۽ ٻين سندن عزيزن جو خيال ٿي ٿين جڪ گهڻيئي پي ماريائون.