محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/11

320229محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 11. لوڀ جي لالچ ۽ حضرت ﷺ جو جواب1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

نيٺ قريشن صلاح ڪئي ته ٻيلي هن محمد ﷺ کي هڪ لوڀ جي لالچ ڏيئي باز آڻجي تاب دڙڪي مان هي نه سمڌو سو سچ پچ هڪ معتبر هٿان چوائي مڪائونس ته”ڏسو اوهان هئڙا آڪهائتا ماڻهو ،هئڙا بڻائتا ،اوهان جو اصل ناليرو نڌان ،هروڀرو ڇو کڻي اسان کي ستايو اٿو ۽ پنهنجو ويري بنايو اٿو؟ ڇو اچي اسانجن پاڪ بتن ۽ معبودن جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳا آهيو؟هروڀرو ڇو اسانجن بزرگن ۽ وڏڙن جي نسبت ۾ ڪچو ڦڪو پيا ڳالهايو؟متان مرضي اٿو ته ڌن ۽ دولت ڪٺي ڪريان ۽ وڏو ڀاڳيو ليکجان؟متان مرضي اٿو ته ناميارو ٿيان ۽ وڏن وڏن معتبرن ۾ ليکجان؟ڌن دولت کپيو ته چئوته اسين سڀ چندو ڪري ايترو خزانو ڏيونوَ جو ڍئي ڇڏيونوَ.اصل اڏجي پئو ڀتيون ئي سونيون ٿي پونوَ.نانءُ ناموس کپيو ته چئو ته پنهنجو سردار يا پيشوا کڻي ٿاڦيونو اصل ٻڌا ٻانها ٿيا اوهان جي چاڪريءَ ۾ بيٺا رهون ۽ جئن حڪم ڪريو تيئن پيا تعميل ڪريون مرضي هجيو ته سلطان سڏجان ته اسان کي ان کان به آر ناهي بيشڪ اسان جا سلطان سرجات بڻجي پئو پر خدانخواسته جي ڪنهن جو اچي توهان ۾ واسو ڪيو آهي ۽ ڪيئن به راضي نٿو ٿئي ته اسان کي اجازت ڏيو جو اسين ڪنهن جنائيءَ کي گهرائي وٺون ۽ اهو اچي ان جو تدارڪ ڪري پوءِ ان جو سمورو خرچ اسان تي اسان ڀري ڏينداسون.”
محمد صاحب ﷺ تنهن تي جواب ۾ فقط قرآن جون هيٺيون آيتون پڙهي ٻڌاينس
“(هي حڪم خدا) ٻاجهاري مهربان (جي حضور) کان جاري ٿئي ٿو.(هي قرآن) ڪتاب آهي جنهن جون آيتون عربيءَ ٻوليءَ ۾ سمجهه وارن لوڪن لاءِ نرواريءَ سان بيان ڪيون ويون آهن.(مڃيندڙن کي خدا جي راضپي جي) خوشخبري ٻڌائي ٿو ۽ (نه مڃيندڙن کي خداجي غضب کان)ڊيڄاري ٿو.ان تي (به) انهن مان گهڻن منهن موڙيو ۽ اهي(ان کي) ٻڌن ئي نه ٿا ۽(اي پيغمبر هي ماڻهو هي به)چون ٿا ته جنهن (ڳالهه)ڏانهن اسانکي سڏيو ٿا تنهن کان اسانجي دل ته پردن ۾ آهي (جو تنهنجي ڳالهه دل کي نه ٿي لڳي)۽ اسان جي ڪنن ۾ (هڪ طرح جي) ٻوڙٽ آهي (جو جيڪي چوين ٿو سو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي)۽ اسان ۽ تنهنجي وچ ۾ (هڪ طرح جو) پردو (پيل) آهي (جو تون اسان تي ڪنهن طرح جو اثر وجهي نه سگهندين) تنهن ڪري تون (پنهنجي دستور تي) ڪم ڪندو رهه اسين (پنهنجي دستور تي) ڪم ڪندا رهندا آهيون(اي پيغمبر تون انهن ماڻهن کي)چئو ته آءٌ (به) اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهيان(مگر) مون تي پيغام الاهي اچي ٿو ته توهان جو معبود(اهوئي) هڪ معبود آهي تنهنڪري سڌو ان ڏانهن(منهن ڪري) هلو.”
هي ٻڌي قاصد ماٺ ۾ پئجي ويو زبان ئي نه اڪليس ڇا يا نه پئجي ويئي هجيس موٽي پنهنجن رفيقن سان اچي ڳالهه ڪيائين ته”ڀائي حال جو هي آهي ڇلي ٿو رکي”