محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/13

نيٺ ٻيو ته وس نه هليس سو پنهنجن امتين کي صلاح ڏنائين ته “الله توهارتنهن کان اوهان لڏي وڃي ابيسينا ۾ ٿاڻي پتي ٿي رهو.اوهان پنهنجن پلون ۾ سچ پاتو آهي اوير سوير ڀلارو اوس اوهان کي ان جا ڀلا ڀاڙا ڏيندو دل نه لوڙهيو.”
بس پوءِ ته منجهن اچي پيئي لڏ پلاڻ ڳچ جيترن امالڪ ڇڪيون آڪهون ساڻ وٺي وطن جا وڻ ڇڏي،وڃي پرديس وسايو.ٻين به رکي رکي پي ان جي پيروي ڪئي.هي هجرت 615 ع کان وٺي شروع ٿي.
قريشن کي جو پيو سماءُ ته مسلمانن هتان لڏي وڃي ملڪ حبش وسايو آهي ؛سي پٺيانئن ڪاهي وڃي اتي پهتن ۽ اتي جي شاهه نجاشيءَ جي خدمت ۾ عرض گذاريائون ته “قبلا مڙيئي اسان جا غلام آهن اسان وٽان ڀڄي آياآهن اسان کي حڪم ملي ته پڪڙي واپس وطن وٺي وڃون.”
شاه مڙني کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي کين خبر ڏني ته اوهان تي هيءُ تهمت آهي ان جو جواب ڪريو.
تنهن تي عليء﷦ جي سڳي ڀاءُ جعفر ﷦ سڀني جي پارانوراڻي ڏنيس”اي عاليجاه جهان پناهه! حقيقت هيئن آهي اسان اڄاڻپ ۽ اياڻپ جي اوڙاهه ۾ اڙيا پيا هواسين۽ وحده لاشريڪ له کي وساري بت پرستيءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌا پيا هواسون.اسان مردار کائيندا هواسون ۽ سارو ڏينهن پيا وات سات ڪندا هواسون مطلب ته اسان انسان ته ڪين هواسون ڪي حيوان هواسون پر سٻاجهي ستار فضل فرمائي حضرت محمد ﷺ کي رسول بڻائي اسان وٽ موڪليو ان اسان کي امر الاهي ٻڌايو ته هڪتي ئي ايمان آڻيو ۽ ڪنهن کي به سندسن ثاني شريڪ نه ٺهرايو سدائين سچ الايو ۽ ڪنهن جي به امانت ۾ خيانت نه ڪريو.پنهنجن سان ته پيريون نه ڪريو پر پراون پرديسين جا به حق نه ماريو.زال ذات کي مان ڏيو ۽ يتيمن جو مال نه ڦٻايو.پاڪ ۽ پرهيزگار رهو.۽ خدا جي عبادت ۾ ئي عمر صرف ڪريو.اٿئي ويٺي ان جو مٺو نانءُ پيا ڳهو ۽ ان جي نالي تي خيرياتون پيا ڪڍو.اي بادشاهه ان تي اسان ايمان آندو آهي ۽ ان امر الاهي تي عمل ڪيو آهي پر هنن ڳوٺاين اسان کي انڪري ايذائي ڏنو آهي جنهن ڪرياباڻا ڇنا به ڇڏي پنهنجا گهر ٻار ساڻ وٺي اسان اچي هتي پناهه ورتي آهي اسان کي اميد آهي ته اوهان اسان تي ڪهل آڻيندو ۽ هنن جي ظلم ستم کان اسان کي بچائيندو،”
جعفر ﷦ جي تقرير جو اهو نتيجو ٿيو جو نجاشيءَ جي هنئين ۾ اها ڳالهه گهڙي ويئي ۽ دل ٿيس ته انهيءَ رسول عرب جي تعليم مان وڌيڪ واقف ٿيان جعفر ﷦ کي چيائين ته “جو ڪلام اوهان جي نبيءَ تي نازل ٿيو آهي انمان ڪجهه ته مونک به پڙهي ٻڌاءِ.”
جعفر ﷦ هڪدم سوره مريم مان ڳچ جيتريون اوائل واريون آيتون حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ بنسبت پڙهي ٻڌايس.
شاهه کي خوشيءَ وچون لڙڪ وهڻ لڳا چپ پي ڏڪيس چيائين “هي ان نور جو چمتڪار آهي جنهن جو جلوه حضرت عيسيٰ تي ٿيو هو “قريشن کي صفا جواب ڏنائين ته”هنن جون ٻانهون اوهان کي نه ملنديون اوهان موٽي پنهنجي ملڪ وڃو.” ۽ مومنن عرب وارن کي اجازت ڏنائين ته”اوهان بي ڊپا اسانجي اوصاف هيٺ ويٺا رهو.”
اهڙيءَ ڪنهن مناسب مهل نجاشيءَ اهو سپڪ ۽ سنجيدو سريلو ۽ سوز ڀريو ڪلام ٻڌو جو تن من وڃي ان ۾ کتس.اصل اتس مست ٿي پيو.اول ته جعفر ﷦ کي به ٻين سنئين رخصت ڏني هئا.ين ته “بس هاڻ هليو وڃ” پر هن ڏني پٺ ۽ اچي بي آرامي لڳيس تنهن تي وري هن کي گفهرائي.ويهي ساڻس بحٿ مباحٿه ڪيائين.هن کان سندس دين جا عقيدا پڇي پنهنجن سان ڀيٽي ڏنائين.آخر جعفر ﷦ کي ايترو بهچيائين”لاچار آهيان سرڪاري سبب اهڙا ٿي پيا آهن نه ته آءٌ خود عربستان ۾ هلي شاهه عرب جي خدمت ۾چاڪر ٿي بيهان.”
اگرتا جور سبرا افراخــتي
کمربند اوچا ڪري ساختي
هتي ابيسينا ۾ هي يار مسلمان ته سر لڪايو ويٺا هوا پر هتي سندن مرشد محمد ﷺ صاحب ڇڙو ئي ڇڙو قريشن کي جو وعظ پي ڪيو.سو هنن ڏاڍو کڻي دق ڪيس.حضرت کائڻ وهندو هو ته کائڻ ۾ وٺي ڪن ڇن اڇلائيندا هئس مگر هو عاشق الله جو ڪي جهڄيو ڪي وجهليو ڪي ٻاڏايائين ڪي ٻاڪا ريائين.

جا جوڙيئي سا واه واه مٺي ڪري مون ڀوڳڻِي
منهنجي ننگ مٺا ڌڻي اصلون توتي آه
ٻي واٽ نه ڪا اٿم واه توئين پهو پيچرو
بس سڀ مٺي ڪري پئي ڀوڳيائين
سور جن کي سريو سري تن صحت
مٺي مصيبت آهي عاشقن کي
محمد صاحب ﷺ “مڙڻ موٽڻ مهڻو” ڪري ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو نتيجو اهو ٿيو جو سگهوئي چاچهنس حمزه ۽ نامور عمر اتس ايمان آندو.