محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/12

320230محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 12. قريشين جا قهر1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

قريشين ڏٺو ته هتڙي هيٺاهين ورتيسون ته به سوڀارا نه ٿياسون ۽ هي نه ريڌو هاڻ مسلمان ذات کي بنه ڇڏڻو آهي پوءِ ته اچي پاڻي کنيائون ۽ ڏاڍا ويچارن کي ڏجها ڏنائون.محمد صاحب ﷺ جو سڳو چاچو ابو لهب ،سو خود ڀائٽي جو جاني دشمن ٿي پيو.چاچينس ته اهڙو ڪم ڪندي هئي جو جن رستن تان ڏير وٽس لنگهندو پائيندو هو تن تي ڪنڊا پکيڙائي ڇڏيندي هئي.جي “ڀل مئي کي پيرن ۾ لڳن”ٻيو قريشي وري ڇا ڪندا هوا جو محمد صاحب ﷺ ڪٿي بيهي وعظ ڪندو هو ۽ قرآن شريف پڙهندو هو ته وٺي هل مچائيندا هئا.انهيءَ لاءِ ته ڪو ٻڌيس نه جنهن ٽڪريءَ تي بيهندو هو سا تپائي ڏيندا هئس.پوءِ لاچار جي ويچارو ڪڪ ٿي هليو ويندو هو، ته پٺيان وٺي جنبوٽن جو وسڪارو ڪندا هئس ۽ سارو ڦٽي وجهندا هئس هڪ لڱا ڪٿي اڪيلو ور چڙهي وين سو ڪيائونس ڇا ٿي جو ڳچيءَ ۾ پٽڪو وجهي وٺي ڦاهو ٿي ڏنائونس.پر مٿان ابوبڪر رضه اچي سهڙيو جنهن مڙسي ڪري ساڻن چٽا ڀيٽي کائي ڌڪ بجا جهلي ڪنائن مڙس جي ٻانهن ڇڏائي ورتي اها کن ابوبڪر رضه نه اچي نڪري ها ته مڙس جو حال الائي ڪهڙو ڪن ها.
حضرت محمد ﷺ سان جيڪي جٺيون ڦٽيون پي ٿيون سي ته هن صبر ڪري پي سٺيون پر ارمان جيڪو ٿي ٿيس سو پنهنجن امتين جو.
ويچارن سان جٺيون به جٺين جهڙيون ٿينديون هيون.دشمن سندن کين ڳچيءَ کان وٺي گهلي ويندا هئن جهنگن ۾ پوءِ اتي اگهاڙو ڪري پٽ تي ڪيرائي مٿان ڇاتين تي ڀاري پٿر رکي چوندا هئن”ڇڏيو ٿا محمدي دين نه؟ اس نٽهڻ ٽاندا پيا وسندا هوا ٻيو مٿانئن هيڏيون ساريون ڀاري ڇپون ،ويچارن جي زبان ٻاهر نڪري ايندي هئي ته به ڪيترا ته مرڻ کي مري پوندا هوا دين ڪين ڇڏيندا هئا ٿورڙا ڪي بيزار ٿي کڻي آنهن ڪندا هوا.
ساڳي جٺ هڪ لڱا حضرت عمار سان ڪيائون ۽ چيائونس ته “ڏي هاڻ محمد ﷺ کي گاريون”پر هن صفا نابري واري پوءِ لڳا پرئي مڙس پڻس کي ماري ماري ان ويچاري کي به اڌ مئو ڪري ڇڏيائون.
عمار جي جيجل امان بي بي سميه اتي کڙي هئي پنهنجي خاوند ۽ سڪيلڌي پٽڙي کي پيڙبو ڏسي.بي اختيار واتون رڙ نڪري ويس ڇڏيائون ان کي به نه ويچاريءَ کي ٽنگو ڪري اهڙي ساڻس بي حيائيءَ جي هلت ڪيائون جو بس لکڻ ئي شرم ٿو اچي.
مطلب ته هڪڙو ڪرڙو قانون جاري ٿي رهيو ته جيڪو ئي مسلمان منهن چڙهي تنهن سان اها عقوبت ڪئي وڃي.محمد صاحب ﷺ جو ڀانيو ٿا انڪري جگر الاجي ڪيئن نه پئي ٿيو هوندو!