ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/ترجمو

صوفيءَ جو خوديءَ بابت ڪهڙو نظريو هئڻ گهرجي، ان لاءِ ”روحل“ فقير هيئن ٿو فرمائي:

ڄاڻ خودي تان خود ڪون پهچين، نال خودي خود پائين،
بنا ڪيف لطيف نه لـڀدا، سڻ تان سچ آکائين،
”روحل“ رانجهن دل وچ وسدا، ڍونڍ نه سڃيان جائين.

جيئن ته صوفين جي پـَـرِ ”صلح ڪـُـل“ ٿئي ٿي ۽ هو دنيا کي محبت ۽ پيار جو پيغام ڏيندڙ آهن. روحل فقير جي ڪلام ۾ به اسان کي ان حقيقت جو اظهار ملي ٿو:

ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀين ابتا ڀيرَ،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
اَنڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير!
پر ”روحل“ راهه پرين جي، جان گهڙي ڏٺوسي گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير:
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبة الله ۾!

هڪ فارسي شعر هن قبيل ۾ روميءَ چيو آهي:

ڪفر است در طريقت ماڪينه داشتن،
آئين ما است سينه چون آئينه داشتن.

سچ، روحل فقير هن اڪسير جو ڀنڊار آهي:

سڀ صورت صاحب دي ڄاڻن، دوئي دل نه لائن،
”روحل“ رنگ هڪي دي رتي، سي سڀ ڪنهن سيس نماون.

روحل فقير جي ڪلام ۾ صوفيءَ جي لاءِ هڪ مفصل پروگرام موجود آهي. سندس ڪلام ۾ ڪوبه مبالغو يا اهڙي ڳالهه موجود ڪانه آهي، جنهن کي صوفي شطحيات سڏين ٿا. شطحيات منجهان مقصد آهي، اُهي ڳالهيون، جي شرع سان تضاد ۾ اچن. جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو نڪتو بيان به ڪيو اٿس، ته نهايت احتياط سان. فرمائي ٿو ته:

ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيهي،
نڪي ملڪ نڪي خلق، نڪي اسيئي،
اسين به ڳوليون جن کي، سي پڻ اسيئي،
ٻي وائي ويئي، ”روحل“ هو نگ پرين جي هڪڙي.

هڪ سنجيده صوفي آهي، جو پنهنجي مواعظ حسنه سان، دلين کي ڌتاريندو رهي ٿو.

روحل فقير جو ڪلام، جيئن مٿي ٻڌايو اٿم، ڪو زياده نه آهي. پر هنديءَ ۾ سندس ڪـِـوتا چڱي انداز ۾ آهي. سندس هندي تصنيفات جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم، انهن کان سواءِ ڀڄن به اٿس، جن جو رنگ هيٺينءَ ريت آهي:

(1)

اپنا روپ پڇان، سمجهه من درسن پيهي.

1- جئسي شنگهه اَجاسنگ ڏولي، آپ نه چيني، ڀرمي ڀولي،
جانت هوءِ اَجان.
2- کستوري وسي مرگهه ڪي مانهين، بـَـنُ ٺـَـنُ ڍونڍي سونگهي تانهين،
هوءِ رهيا حيران.
3- جن تمڪو نشچي ڪر جانيا، رمتا رام سڪل گهٽ مانيا،
سو ساڌو پروان.
4- تين لوڪ مين تمرا واسا، ڪاهي ڦرت هوءِ اُداسا!
جان سڪي ڪو جان!
5- جت ميري پريت صاحب سنگ لاگي ”روحل“ ڀيت ڀرم ڪي ڀاگي،

آتم مين غلطان.

(پنهنجيءَ صورت کي سڃاڻ اي دل، سمجهه جو اهوئي سچو ديدار آهي.
جهڙيءَ ريت شينهن ٻڪريءَ جي صحبت ۾ ڦاسي، پاڻ چري نٿو، پر عجيب وهم ۾ مبتلا آهي. ڄاڻندي به اَڄاڻ بڻجي ويو آهي:

مشڪ هرڻ جي اندر موجود آهي، مگر هو ان خوشبو کي رڻ پٽن ۾ ڳوليندو ٿو رهي. اهڙي ريت حيران ۽ پريشان آهي.
(پر) جن توکي يقين سان ڄاتو ۽ سڃاتو ته اهو سڀ جاءِ تي وسندڙ رام پنهنجي اندر آهي. اهوئي صادق صوفي آهي.

ٽن لوڪن [1] جي اندر تون وسندو رهين ٿو، پوءِ ڇا جي لاءِ اداس ٿو گذارين! ڪو ڄاڻڻ وارو هن حقيقت کي ڄاڻي سگهي. جڏهن منهنجي محبت ان مرشد سان لڳي، وهم ۽ سنسي جي ڀت مون کان ڀڄي پئي. (تڏهن) مان روحاني دنيا ۾ گم ٿي ويس.)
هن شبد يا ڀڄن جي اندر، فقير صاحب، پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪئي آهي، جنهن نظريي بابت مٿي بحث ڪيو ويو آهي ته اهوئي صوفيءَ جي زندگيءَ جو وڏو مقصد آهي. ڪوي ڪبير فرمائي ٿو:

ڪاهي ڪو ڀرمت بانوري اوهه تو تيري پاس هي،
وه وياپڪ تيري مانهين، پهولون مين جئسي باس هي،
باهر ڪو دوڙي هاٿ نه آوي، مرگهه ترشنا کهيل،
الک امورت، امر ابناسي، تو مانهين پرڪاش هي.

(اي بيوقوف تون ڇالاءِ وهم ۾ وڪوڙيل آهين، اهو ته تو وٽ آهي! اهو هر شيءِ تي بسيط، تنهنجي اندر اهڙيءَ ريت آهي، جيئن گلن جي اندر خوشبوءِ ٿئي ٿي. تون ٻاهر ڊڪندو رهين ٿو، پر هو توکي هٿ نه ايندو، هيءُ ته مرگهه ترشنا جو کيل (رڃ ۾ هرڻ جو ڊوڙڻ) آهي، اهو الک، جنهن کي ڪابه صورت نه آهي، هميشه جيئڻ وارو، ۽ فنا نه ٿيڻ وارو، تنهنجي اندرئي جلوه گر آهي.)

شيخ فريد الدين عطار فرمائي ٿو:

چشم بڪشا ڪه جلوهء ديدار تجلي است از در و ديوار،
ڪل شـِـيءِ مـُـحيـُـط مي دانم چونڪه مي بينمش نقش و نگار،
ثم‌ وجہ الله ايدت بنظر وَهـُـوَ مـَـعـُـڪـُـمُ نمايدت ديدار،
اين تماشا چه بنگري گوئي لـِـيـُـس في الد ار غيره بشمار.

(اک کول، جو دوست جو جلوو هر در ۽ ديوار مان نظر اچي رهيو آهي. هو هر ڪنهن شيءِ جي مٿان محيط (وياپڪ) ڄاڻ. سڀ ان جوئي نقش و نگار ڏسون ٿا. سڀ ڪنهن طرف توکي الله نظر ايندو، اهو توسان گڏ آهي، ۽ ائين توکي ديدار (درسن، ڏيکاريندو رهي ٿو. اهو تماشو ڇا جي لاءِ ٿو ڏسين؟ چؤ ته تنهنجي اندر انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي!)
بهرحال، هن ساڳيءَ حقيقت کي ٻئي شبد يا ڀڄن ۾ هيئن ٿو فرمائي:

(2)
ڪاهي ڦرو بنواس؟

1- شــــبـــد ڪـــي ڪـــر سـِـمرنا،
ڀـَـو ســـــاگـــر پار تــــرن ڪـــو،

وچن ڪا ڪر پاس،
جپ ساسون ساس

2-ڪي ڦرن مڪي ڪي مانهين،
شـِـنگهه بــــوکـــا جــي ڦـــرڳ،

ڪن ڪون گنگا ڪي پياس،
ڦر مول نه کاوڳ گهاس

3- تيرا صاحب تجهه هي مانهين،

تم تجو اور آس،
ســــر دئــــي صــاحــب مــــلـــي،
اچرج، اچنبا هاس

4- گـُـر ته ”روحل“ هم ڪون مليا،
دن رين مجهڪو بيهي هــــي،

ڪاٿي جم ڪي ڦاس،
تيري چرنون ڪي پياس.

(ڇاجي لاءِ ويرانين ۾ ڦرندو رهين ٿو؟ رات ڏينهن خدا جو ذڪر ڪر ۽ اهو ٻول جو ڪري آيو آهين، ان جو خيال ڪر، هن دنيا جي وڏي سمنڊ کي پار ڪرڻ لاءِ، هر دم سان ذڪر الاهي ڳنڍيو رهي. ڪي مڪي شريف ۾ ڦرندا رهن ٿا، ته ڪن کي گنگا جي تيرٿ جي سـِـڪَ آهي، شينهن توڙي بکيو ڇو نه هجي، پر هو ڪڏهن به گاهه نه کائيندو. تنهنجو مالڪ تنهنجي اندر آهي ۽ تون ٻي اميد ڇڏي ڏي، سر ڏي ته توکي مالڪ ملي، هن تي عجب ۽ حيرت ڇو ٿو ڪرين. ”روحل“ اسان کي مرشد مليو آهي ۽ اسان موت جي بند کان آزاد ٿي چڪا آهيون، رات ڏينهن مون کي تنهنجي قدمن ۾ رهڻ جي آس آهي.)

مرشد جي آمد جو ذڪر، ڪيڏيءَ نه خوشيءَ سان ٿو ڪري، جنهن جي هر هڪ لفظ مان صداقت ۽ عقيدت جو اظهار ٿو ٿئي:

(3)

آڄ موري سنت پڌاريا، سنت پڌاريا، هري جن پيارا!

ٻل ٻل جائون ٻلهارا!

1- آج ميري انگنان مين ڀئي واڌائي، ورتــيــا منگل چارا،
2- ڀاؤ ڀڳـــت ڪـــي ڪـــرون رسوئي، آنند ڪــــرون اَهارا،
3- سيل سنتوک ڪــــي سيج بڇائون، پائون مــــوک دوارا،
4- ڪـــهـــتا ”روحـــل“ سنت هــــي آيا، پائون درسن ديدارا.

(اڄ مون وٽ مرشد آيو آهي، مرشد آيو آهي، جو خدا جو پيارو آهي، جنهن تان مان هر هر صدقي ٿيان! اڄ منهنجي اڱڻ ۾ خوشي آئي ۽ خوشي منائجي رهي آهي. سندس طعام سندس وعظ ۽ نصيحت بڻايان ۽ خوشي سندس چادر ٺاهيان. صبر ۽ شڪر جي سيج وڇايان ۽ ان جي رستي ڇوٽڪارو حاصل ڪريان. ”روحل“ چوي ٿو ته مرشد آيو آهي، شال سندس درسن ۽ ديدار حاصل ڪريان.)
ڀڳت ڪبير جي عظمت جو فقير صاحب هيئن ٿو اعتراف ڪري:

(4)

مون مين سڪل شڪل سون نيارا
مين داس ڪبير ڪهايا.

1- هماري ديس نهين ماتر ڀومي نهين آڪاشا،
نهيـــن هـــــي ڌنڌڪارا،

2- هماري ديس نهين هي چندر نهين هي سورج،
نهين هــي نؤ لک تارا.

3- هماري ديس نهين هي برهما نهين وشنو،
نهين شو شڪتي سارا.

4- ڪهت ”روحل“ هم روحل بهي ناهين،
ڪبير روپ هــمــارا.

(مان سڀڪجهه آهيان، جنهن کي ڪابه شڪل نه آهي، مان ڪبير جو پاڻ کي ٻانهو چوايان ٿو. منهنجي ديس ۾ نه زمين آهي نه آسمان، نه وري اونداهي آهي، منهنجي ديس ۾ نه چنڊ آهي نه سج، نه وري اڻ ڳڻيا تارا ئي آهن، منهنجي ديس ۾ نه برهما آهي نه وشنو، نه وري طاقت وارو شو آهي. ”روحل“ چوي ٿو مان به نه آهيان، اسان جي صورت ڪبير جي صورت آهي.)

روحل فقير جي هڪ مريد، ٿانورداس شڪارپوريءَ، پنهنجي بياض ۾ لکيو آهي، ته هڪ ڀيري، سندس فرزند شاهو فقير، کيس سوال ڪيو ته

گوري پوري ڪو ڪم جانيان ڪـُـٻـُـڌ پـُـري پڇان
”شاهو“ اب عرض ڪري ديئو سرب گيان
گيان بنا گم ڪم پڙي، جب ستگر ڪهه سمجهاءِ
”شاهو“ پر ديا ڪرو، ديئو ترت دِکاءِ.

(مرشد جي شهر (موقف) کي گهٽ ٿو ڄاڻان، ان جي سڃاڻپ ڪٿان ڪريان! ”شاهو“ عرض ڪري ٿو ته کيس سڄو ئي علم عطا ڪريو. انهيءَ علم (سمجهه) بنا خبر ڪانه ٿي پوي، جيڪو مرشد ئي ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو. شاهو تي رحم ڪريو ۽ اهو موقف اُن کي جلدي ڏيکاريو.)

روحل فقير سندس جواب مختصر مگر جامع ٿو ڏئي:

ستگر پـُـري پـُـرس هي سدا بيپرواهه
”روحل“ اُو راجا ڀـَـئي، راجن ڪي پتشاهه
اننگ اڪثر نه ملي نين نين ڀرپور
”روحل“ وچن ٻولي، ڪو چڳي هنسا سور
نر ڪامي، نر ڪروڌي، نر لوڀي، نر موهه
”روحل“ آشنا، ترشنا وانڪي نهين دغاباز نهين دروهه.

(مرشد جي شهر (موقف) وارو مرد، سدا بي پرواهه آهي. ”روحل“ اهو راجا آهي، راجائن جو به راجا آهي. ڪامديو جي اکر سان هن جو واسطو نه آهي، سندس اکيون سچيءَ محبت سان ڀرپور آهن، ”روحل“ ڳالهه جو اهو موتي ٿو ڏئي، جنهن کي ڪو هنس ئي چڳي سگهي ٿو. اتي نه ڪاوڙ آهي نه شهوت، نه لوڀ نه موهه، نه وري ڪا آس جي رڃ آهي ۽ نه دغا نه ڊوهه آهي.)

روحل جي ”ستگر پوري“ به اُها آهي، جا مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي ”لقاپور“ آهي. قلب جي صفائي، اخلاق جي عظمت ۽ محبت جي فراواني، صوفين جا بين الاقوامي اصول آهن.

فقير صاحب جي هڪ شبد ڏيڻ کان پوءِ، مان سندس هندي شاعريءَ جو ذڪر ختم ڪندس[2]، جنهن جي هر نڪتي مان سندس روحاني ڪمال جو اظهار ٿئي ٿو:

اگم پنٿ ڪي مهما باري ڪبهي نه اُتري پريم خماري

1- گيان نهين ڌيان جوڳ نهين ساڌن
سمجهن ڪي مت چيتن هاري
ساکي نه شبد، اونگ نهين سوهنگ
بيد ڪتيب سڪل سون نياري
2- هندو نه ترڪ، جوڳي نه سنياسي
رهت آڏول نهين بيک ڌاري
سورا سوئي، جوئي سنمـُـک جهولي
ڀيت گنوا ڪي گيرو ڌاري
3- انمول پرش مليو گهٽ مانهين
جانڪي پريت لاگي اُت پياري
انتر جامي انتر کوليا
من ڪي ممتا سهج سون ماري
4- دنيا ايهه ڪڇ ناهين، ناهي ڪڇ پايا
ستگور صاحب تون ٻلهاري
”روحل“ رين ڳئي دن آيو
ارس پرس سنگ مليو مراري[3]
(جتي عقل گم ٿيو وڃي ٿو، ان طريقي جي عظمت جي ڪهاڻي گهڻي مٿي آهي، ڪڏهن به محبت جو خمار لهي نٿو سگهي.

الاهي علم نه ڌيان سان ملي ٿو نه جوڳي ٿيڻ سان ملي ٿو، هن نصيحت کي ڪي سمجهه وارا سمجهن ٿا. ان جو شاهد، نه آواز آهي نه ننڊ نه جاڳ، ويد ۽ ڪتاب کان روحاني دنيا نياري آهي. نه هندو نه مسلمان، نه جوڳي نه سنياسيءَ تي مدار آهي، محڪم رهت لباس ۽ صورت تي نه آهي. بهادر اهو آهي، جو انهن سڀني جي سامهون ميدان ماري، سڀ ڀيد وڃائي، گيڙو جي لباس ۾ ڍڪجي وڃي. مون کي پنهنجي اندر اهو مليو، جنهن جي قيمت ڪُڇي نٿي سگهجي. ان جي محبت سڀ کان بيحد پياري بڻجي ويئي آهي. منهنجي اندر رهڻ واري منهنجي اندر کي کوليو، دل جي دوئي، پنهنجي ذوق سان ماري ڇڏيائين. دنيا ڪابه شيءِ نه آهي، نه وري ان مان ڪجهه هٿ آيو، مان مرشد تان صدقي وڃان! ”روحل“ رات ويئي، ڏينهن آيو، ان وصال واري مرد جي ذريعي، دوئي کي مارڻ واري جي سنگت حاصل ٿي.

روحل جي هندي ڪلام ۾ جو رس ۽ ڪمال آهي، ان کي ڏسي تعجب ٿو ٿئي ته سنڌ جي اندر ڪهڙا نه صاحب ذوق ۽ صاحب دل عالم ٿي گذريا آهن.

روحل سائينءَ جو سرائڪي ڪلام به بيحد سنجيده ۽ متين آهي. روحل جي ڪلام ۾ جو سوز و گداز، رس ۽ ڪمال آهي، ان کي ڏسي تعجب ٿو ٿئي ته سنڌ جي اندر ڪهڙا ڪهڙا نه صاحبِ ذوق ۽ صاحب دل رهنما ٿي گذريا آهن، ۽ اڄ:

”ويا اُو وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.“

مون مٿي روحل صوفيءَ جي اولاد جو ذڪر ڪيو آهي، سندس هڪ ارادتمند ڀائي جيوڻ لعل، شڪارپوريءَ، سندس گاديسرن جو ذڪر نهايت شرڌا سان ڪيو آهي، جنهن ۾ ان خاندان جي سڀني شاعرن جو ذڪر اچي ٿو:

روحل رام اوتار، ڪنڊڙي آهي پريم منڊلي،
1- شاهو سائين ڀيد بتايو، غلام علي گلعذار.
دُرس درياء خان دولهه آهي نظر علي نروار
2- روحل ٻيو رمزن وارو محمد حسن موچار.
غلام علي ٻيو ٻهڳڻ ٻالڪ صورتوند سردار.
3- سائين فيض علي فيضن وارو جو آهي صاحبِ دستار.
خاص خليفو سائين سڀاڳو، جنهن کي ڏات ڏني ڏاتار.
4- جهڙي ڪاشي تهڙي ڪنڊڙي، وٿ نه ڀانيان وار.
”جيوڻ“ آکي آهيان بندو، ستگر تو آڌار.


  1. هندو عقيدي موجب ٽي لوڪ شمار ڪيا ويندا آهن: 1- سرگ لوڪ (بهشت) پاتال لوڪ (دوزخ)، ماترڀون (زمين). ڪي پنڊت هنن جي تقسيم هيٺينءَ ريت ڪن ٿا: ڀور لوڪ (زمين)، سرگ لوڪ (بهشت) ڀوور لوڪ (خلا) صوفين جو عقيدو وري هيٺينءَ ريت آهي: ماتر لوڪ، پرٿوي لوڪ پرلوڪ.
  2. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪوشش سان ڪنڊڙيءَ وارن جي هندي ڪلام کي جدا شايع ڪيو ويندو.
  3. هندن جي اوتار سري ڪرشن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن مـُـر نالي هڪ ديوتا کي ماريو هو. جو سندس محبت جو رقيب هو، ان ڪري مٿس مراري لقب پيو.