ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/مراد فقير

ڪلام جي عظمت کان، مراد فقير جو شمار، سنڌ جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مراد فقير، روحل فقير جي قريبي صحبتين مان آهي. هن قريبي رشتي جي خبر اسان کي هن مان پوي ٿي، ته مراد فقير، روحل فقير سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ ٿي رهيو. کيس خلافت جو منصب حاصل هجي، ته ڪهڙو شڪ آهي.
مراد فقير جي والد جو اسم گرامي، منهنجي محترم دوست پروفيسر عطا محمد حاميءَ، شامو فقير ورتو آهي، جو غلط آهي. جيئن اسان مٿي ڏيکاريو آهي، روحل فقير جي والد جو نالو شاهو فقير هو. ڪنڊڙيءَ جي ڪيترن فقيرن کان معلوم ڪيو اٿم، جن ٻڌايو آهي ته فقير مراد جي والد جو نالو محمد حيات هو، جو روحل فقير جي سؤٽن مان هو. فقير صاحب به زنگيجو بلوچ هو. مراد فقير ۽ روحل فقير جي عمرين ۾ قريباً ڏهن سالن کن جو تفاوت هو. جيڪڏهن زباني روايت تي اعتبار ڪجي، ته مراد فقير سن 1742ع يا 1743ع ۾ تولد ٿيو هو.
ننڍي هوندي فقير صاحب جي تعليم چڱيءَ ريت ٿي. هو هندي، فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو پوريءَ ريت ڄاڻو هو. سندس جوانيءَ جو عرصو ڪيئن گذريو ۽ ڪهڙي شغل ۾ گذريو، انهن بابت ڪابه معلومات نٿي ملي. فقط هيتري خبر ملي ٿي، ته فقير صاحب، ننڍي ئي هوندي روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي پهتو. اُن وقت جڏهن هو پدمات جي پٽ تي وڃي گوشي نشين ٿيو هو، تڏهن مراد فقير به ساڻس گڏ هو. جيئن فرمائي ٿو:

ور پسي پدمات جي، ٻن هڻي هالار،
جي هوون هيڪاندا يار، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

ان کان پوءِ هو فقير صاحب سان، سندس سير ۽ سفر ۾ شريڪ رهيو. مون کي هن روايت جي مڃڻ ۾ به تامل آهي، ته هو روحل فقير جو پير ڀائي هو. جيتريقدر زباني روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي، انهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو روحل فقير جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ کانئس هڪ دم به ڌار نه ٿيو آهي. جيڪڏهن سندس ارادتمندي ڪنهن ٻئي صاحب سان هجي ها ته هو ڪڏهن به روحل فقير جي صحبت کي پنهنجي لاءِ اڪسير نه سمجهي ها. هن کي روحاني مقام، جو حاصل ٿيو، سو سڄو ئي روحل فقير جي فيض جو اثر هو. هيڏيءَ کليل وضاحت کان پوءِ، هن ۾ شڪ ۽ گمان آڻڻ جو ڪو سبب ئي پيدا نٿو ٿئي.
ڪلهوڙن جي زوال پذير، پر آشوب زماني ۾، روحل فقير وانگر مراد فقير به ٽالپرن جو طرفدار هو. ان زماني ۾ جڏهن عبدالنبي، افغانستان جي نامور حاڪم تيمور شاهه کان مدد طلب ڪئي هئي، ۽ مدد خان سنڌ ۾ اچي هاڃا پئي هنيا، تڏهن ان کان مراد فقير متاثر ٿي چيو هو:

ماري ”مدد“ ڪو دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان.

يهودي ۽ يزيد جا لفظ، فقير صاحب، انتهائي نفرت سان مدد خان لاءِ لکيا آهن. انهيءَّ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هن خونريز انسان جا مظالم به حد کان وڌيل هئا. ميان عبدالنبيءَ جي اخراج کان پوءِ، جڏهن ٽالپرن حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون، تڏهن مراد فقير کين هيئن دعا ڪئي ته:

ٽاريون ٽالپرن جون پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائين سايون، جن جي مدد ”محمد مراد“ چئي.

ڪلهوڙن جي پر آشوب دور گذرڻ کان پوءِ، جڏهن ملڪ ۾ سڪون اچي ويو، تڏهن پنهنجي رهنما سان گڏجي هو ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان ڪوٽلي ۾ اچي رهيو. جتي هن روحل فقير کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن مان خدا بخش ۽ فقير دريا خان تولد پيدا ٿيا.
ان وقت ڌاري ڪوٽلي جي لڳ هڪ سيد شڪر شاهه نالي رهندو هو. هنن خدا وارن فقيرن ڏانهن عام ماڻهن جي رجوع کي ڏسي، هو فقيرن جي رنجائڻ جي پويان اچي پيو. پر فقيرن طرفان صبر ۽ شڪر کان سواءِ ٻيو ڪوبه جواب نه هو. کيس ٻيو ته ڪوبه وجهه نه ملي سگهيو، آخر هن فقير صاحبن جي زمين تي قبضو ڪرڻ گهريو. روحل فقير ته هن معاملي ۾ خاموش رهيو، پر مراد فقير کي هيءَ ڳالهه نه وڻي. هن چاهيو ته شڪر شاهه کي ان جو بدلو ڏئي. روحل فقير کي ان جي کڻڪ پئجي ويئي، جنهن مراد فقير کي پاڻ وٽ گهرائي، جوابي قدم کڻڻ کان روڪيو ۽ کيس هدايت ڪيائين ته ”فاني شينءِ جي لاءِ وڙهڻ ڇا جو؟ مرد اهو آهي، جنهن پنهنجي نفس سان وڙهي، ان کي زير ڪيو.“ فقير صاحب جي هدايت تي مراد فقير پوري پوري تعميل ڪئي، پر ان واقعي جو ايڏو گهرو اثر مٿس پيو، جو هن واقعي کان ٿورا ڏينهن پوءِ بيمار ٿي پيو ۽ ان بيماريءَ ۾ وصال ڪري ويو. هي واقعو سن 1796ع ڌاري ٿيو. کيس ڪوٽلي ۾ دفن ڪيو ويو. فقير صاحب جي وفات کان پوءِ، روحل فقير به ڪوٽلي کي ڇڏي، وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ رهيو.
فقير صاحب پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هن نه فقط سنڌيءَ ۾ شعر چيو آهي، پر فارسي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ به سندس ڪلام موجود آهي. فارسيءَ ۾ سندس هڪ ننڍڙو ديوان آهي. هنديءَ ۾ سندس تصنيف جو نالو ”پريم گيان“ آهي.
سنڌي شعر ۾ هو پنهنجي پيشرو شاعرن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سيد عنايت اللہ شاهه رضويءَ جي نقش قدم جو تابع نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل نظر اچي ٿو. سندس سنڌي ڪلام جو ذخيرو ڪو ايڏو وڏو نه آهي، پر روحل فقير جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر زياده نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي. سندس عشقيه شاعريآٿاهه درد سان ڀريل آهي. پتنگن جي پر جو ذڪر ڪندي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سر يمن ڪلياڻ ۾، فرمايو آهي:
پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجهن آگ ۾، جيءُ پنهنجو جي،
جيري جني جي، لڳا نيزا نـِـيهن جا.
مراد فقير فرمائي ٿو:

سا مـَـنَ سـِـک ”مراد“ چئي، جا پـَـرِ پتنگن،
اَچن اَجل سامهان، سـِـر جو سانگ نه ڪن،
جن کي موت مشاهدو. سي رَتي ڪين رهن،
ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پـِـرَ جي.

صوفين شمع ۽ پتنگ جي، حالت کي حيرت جو مقام سڏيو آهي، جتي حق جي طالب کي پنهنجي هستيءَ جي ڪابه ٻوجهه نٿي پوي. فريدالدين عطار پرواني ۽ شمع جو بيان هيئن ٿو ڪري:

يڪ شبي پروانگان جمع آمدند
در مضيفي طـــلـــبِ شـــمــع آمدند
جملگي گفتند مـــــي بـــايد يڪي
ڪـو خبر آرد ز مطلوب انـــدڪي
شد يڪي پروانه تــا قصري ز دور
در فضايء قصر يافت از شمع نور
باز گشت و دفتر خــــود باز ڪرد
وصف اُو بر قدر فهم آغاز ڪــرد
ناقدي ڪو داشت در مجمع مهي
گفت اُو را نيست از شــــمع آگهي

(هڪ رات پروانا اچي گڏ ٿيا، ۽ مجلس ۾ شمع جا ڳولائا ٿيا. سڀني چيو ته اسان مان هڪ کي وڃي، مطلوب جي خبر آڻڻ کپي. انهن مان هڪڙي، محلات ۾ پري کان شمع جي روشنيءَ کي ڏٺو. هو موٽي ويو ۽ پنهنجي سمجهه موجب ان حقيقت کي بيان ڪيائين. انهن ۾ هڪ نڪتچين به هو، جو سندن سردار به هو. هن چيو ته هن کي شمع جي ڪهڙي خبر!)

شد يڪي ديگر گذشت از نور در
خـــــويـــش را بــــر شمع زد از دور در
دست درڪش ڪرد با آتش بهم
خويش را گم ڪـرد با اُو خوش بهم
چون گرفت آتش ز سرتا پايء اُو
ســــرخ شــــد آتــــشـــــي اعـــضائي اُو
ناقد ايشان چو ديد اُو را ز دور
شمع با خود ڪـــرده همرنگش ز نور
گفت اين پروانه درڪار است بس
ڪـــس نه دانـــد اُو خبردار ســـت بس

(اُنهن مان هڪ ٻيو اُن روشنيءَ جي در کان گذريو ۽ در کان اندر ويندي ئي پاڻ کي شمع تي ڦٽو ڪيائين. هو باهه ۾ وڪوڙجي ويو ۽ پاڻ کي وڏيءَ خوشيءَ سان ان ۾ گم ڪري ڇڏيائين. جڏهن باهه ان کي ورتو، تڏهن سندس عضوا باهه ۾ پچي ڳاڙها ٿي ويا. نڪتچين ان کي پري کان ڏسي چيو ته ”شمع پنهنجي نـُـور سان هن کي همرنگ ڪري ڇڏيو،“ چيائين ته اهڙي پتنگي جي گهرج آهي، جنهن جي لاءِ هي معلوم ٿي نه سگهي ته هو با خبر آهي.)

آنڪه شد هم بيخبر هم بي اثر
تانگردي بيخبر از جسم و جان

از ميانِ جمله دا رد اُو خبر
ڪي خبر يــا ز جانــان يڪ زمان

(اُهو، جو بيخبر ۽ بي اثر بڻيو، ۽ سڀني ۾ اهو ئي خبردار آهي. جيستائين پنهنجي جسم ۽ جان کان بيخبر نه ٿيو آهين، تيستائين توکي دوست جي خبر ئي ملڻ محال آهي.)

ڀٽائي هن حقيقت جو اظهار هيئن ٿو فرمائي:

پتنگن پهه ڪيو، مـِـڙِئا مٿي مـَـچَ،
پـَـسي لـَـهس نه لـِـچئا، سڙيا مٿي سـَـچَ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

مراد فقير، ان نظاري جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،
مٿي مچ ”مراد“ چئي، ڪئي پتنگن پچار،
ته جيئري جانب نه مڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،
دوساڻي درٻار، ٿا مـُـئا ڪن مشاهدو.

مراد فقير جو بيت، فريدالدين عطار جي ڊگهي نظم جو گويا اختصار آهي، جنهن ۾ هن حقيقت جي راز کي پـُـر تاثير لفظن ۾ آڻي جمع ڪيو آهي. هن حقيقت کي ٻيءَ تشبيهه سان هيئن ٿو پيش ڪري:

محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،
جو آڏو عجيبن کي، آهي هي حجاب،
مـَـرُ ته ٿين، ”مراد“ چئي، محبوبن جو باب،
جيئن سو گـُـل گلاب، ٿي پيش چـِـڪايو پاتشاهه.

هن مان مطلب آهي ته جهڙيءَ ريت گلاب جي گلن کي چڪائڻ کان پوءِ عطر کي قرب سلطاني حاصل ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت هڪ ارادتمند کي پنهنجي سر کان به گذرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ئي حقيقي وصال سان مالا مال ٿئي ٿو. حق ۽ صداقت جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون نه قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. جيڪڏهن اسان صوفي حضرات جي تصنيف شيخ فريدالدين عطار جي تصنيف ”تذڪرة الاوليا“ ۽ مولانا جاميءَ جي تصنيف ”نفحات الانس“ کي پڙهي ڏسنداسون، ته اسان کي خبر پوندي ته صوفين جي زندگيءَ جو شغل ۽ ماحصل ڇا هو؟ اهڙيءَ ريت مراد فقير جي ڪلام ۾ اسان کي راست رويءَ جو اهو سڄو پروگرام حاصل ٿئي ٿو، جو صوفين جي لاءِ طرهء امتياز آهي. وحدت الوجود جو سادو مثال هيئن ٿو ڏئي:

تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ ماڪ،
ڦوڙائو فراق، توتي ڪونهي مـُـور ”مراد“ چئي.

فارسي شاعرن، محمود شبستري، مغربي يا بيدل دهلويءَ وانگر، پرشڪوه لفظن جو انبار نظر نٿو اچي، مگر سادي تشبيهه آهي، جنهن کي ٿوريءَ سمجهه وارو ماڻهو به پوريءَ ريت سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن فصاحت مضمون جي باريڪيءَ کي آسانيءَ سان بيان ڪرڻ آهي، ته مراد فقير جي ڪلام جي فصاحت جو اسان کي قائل ٿيڻو پوي ٿو. همه اوست جي خيال کي به ان ئي سادگيءَ سان ادا ڪري ٿو:

تن پرين، من پرين، چت پرين، دل يار،
اندر ٻاهر سپرين، وٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهاري، تاڏي سڄڻ پسان سامهان.

گويا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رنگ نظر اچي رهيو آهي:

ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو، جوڏس چٽاڻو،
منجهي ڪاڪ ڪڪوري، مـَـنجهي لـُـڊاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهه ڪو.

اهڙيءَ ريت، اسان کي مراد فقير جي ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جي ضرب المثل سادگي نظر اچي ٿي. ان سادگيءَ جي نقش جي وضاحت هيٺئين بيت مان ظاهر ظهور نظر اچي ٿي:

چاڪي چتُ ”مراد“ ڪري، گهاڻو من گهماءِ،
ساري سـُـرت نـِـرت جا، ڏينهڪ ڏاند وَهاءِ،
تـُـهه تاري ڪڍ من مون، سـِـرنهه صاف پيڙاءِ،
تـِـهان پوءِ تون لاءِ، لڱين تيل لقاءَ جو.

عبادت اِلاهيءَ جي لاءِ، من جي گهاڻي کي رات ڏينهن گهمائڻو آهي. جهڙيءَ ريت چاڪيءَ جي گهاڻي لاءِ ٻن ڏاندن جي ضرورت آهي، اهڙيءَ ريت، هڪ مريد کي رياضت ۽ مجاهدي لاءِ سـُـرت ۽ نرت جي ضرورت آهي، جن سان دوئي ۽ شرڪ دور ٿي وڃي ٿو، ۽ دوئيءَ ۽ شرڪ جي وڃڻ سان خالص محبت الاهي ئي وڃي بچي ٿي. هڪ سادي ملڪي تشبيهه ڪيڏي نه معنيٰ خيز بڻجي پيئي آهي. سندس آرزوءَ ڀري دعا به ايڏي ئي سادي آهي:

هادي هدايت جو، ڪو پيالو مون پيار،
مستي جا محبت جي، سا مون ڏات ڏيار،
وِسرُ ڪيم، ”مراد“ چئي، مَ ڪي مون وسار،
سا ڪا نظر نهار، جنهن سان تنهنجي رنگ رچي رهان.

سندس ڪلام جي اوصاف جو جيڪڏهن تفصيل سان بيان ڪبو، ته اهو سندس هر بيت جي تشريح ٿي پوندو. ان ڪري، هن تفصيل کي ڇڏي، مان سندس ”سي حرفيءَ“ جو ٿورو بيان ڪندس، جا پنهنجي حسنِ بيان ۽ زبان جي شستگيءَ سببان سنڌي زبان جو هڪ شاهڪار آهي. سي حرفيءَ جي ابتدا حمد سان ڪري ٿو. حمد به سادگيءَ ڀريل، جنهن ۾ حقيقت جو اظهار آهي:

الف- الله العـَـالمين، سارهيان سبحان،
جنهن قادر”ڪـُـن فـَـيـَـڪـُـون“ سان، جوڙين سڀ جهان،
خلافت خلق جي، ڪيائين آدم تي احسان،
تنهن روح وڌو رحمان، من روحـِـي ”مراد“ چئي.

هن بيت ۾ انسان جي عظمت جو اقرار آهي، ”ڪـُـن“ سان دنيا جي آفرينش ٿيڻ کان پوءِ، ابن آدم کي زمين تي خلافت جو اعزاز عطا ٿيو. ان جي اندر جو روح رکيو ويو، سو ”روح ڪل“ جو هڪ جزو هو. ان ڪري انسان اشرف المخلوقات جو دعويدار بڻجي پيو. هن شرف جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ، فقير مراد ”انسان ڪامل“ جو نقش اسان جي سامهون هيئن ٿو پيش ڪري:

ت- توبهه ڪر تـَـنَ کون، ڏينس ترڪ تمام،
پردو ڪڍ پرين کون، ننگ ناموس ۽ نام،
”مـَـن عـَـرَف نـَـفسـَـہُ“ ، ٻيو ڪڇج ڪونه ڪلام،
جو آهي هي اسلام، محمدي ”مراد“ چئي.

تن آرائيءَ کان دور ٿي، اهو حجاب دور ڪرڻو آهي، جو ننگ ناموس ۽ نام جي پيچ ۽ خم ۾ اٽڪيل آهي. پاڻ کي اهڙيءَ ريت سڃاڻڻ کان پوءِ، خلقڻهار جي سڃاڻپ پيدا ٿي پوي ٿي. هيءَ حقيقت اسلام آهي ۽ هيءَ ئي حقيقت محمدي جو مقام آهي، جنهن بابت صوفين جو پختو عقيدو آهي، ته هن عالم جي ايجاد جو سبب حضور جي ذات مبارڪ آهي. ڇاڪاڻ ته ان خلافت جو شرف، جو آدم کي عطا ٿيو هو، ان جي تڪميل حضور جي ذات بابرڪات ۾ ئي ٿي آهي. حضرت خواجه محمد زمان سلطان الاوليا فرمائي ٿو:

عجب جهڙي آ، حقيقت حبيب جي
نڪي چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا
شفق جي ساڃاءَ، جامع ليل نهار کي.

جهڙيءَ ريت، شفق ڏينهن جو نور ۽ رات جي ظلمات جي وچ ۾ آهي، اهڙيءَ ريت حضور ﷺ ڪفر ۽ اسلام جي وچ ۾ ثالث جو مرتبو رکي ٿو. جيڪڏهن جهان جي تخليق جو باعث انسان جي شرف جو اظهار آهي، ته توحيد جو اقرار انسانيت جو معراج آهي ۽ انڪار تخت الثريٰ. ان حالت ۾، مراد فقير جيڪڏهن ”حقيقت محمدي“ کي سلامت رهڻ جو سفينو سمجهي ٿو ته ان ۾ حق بجانب آهي. هن محبت جي ڪيف جي جنهن چس چکي آهي، ان جي بابت فقير صاحب جو ارشاد آهي:

خ- خمر مون عشق جي، جنين چکي چـَـسُ،
ويا سڀيئي وسري، روح تنين جي رَسُ،
مٺايا ”مراد“ چئي، محمودي مجلس،
عام لنگهيائون لـَـس، وڃي مـَـحو ٿيا محبوب ۾.

حقيقت صاف آهي، جنهن جي تشريح جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهڙي ريت هيءَ سڄي سي حرفي محبت الاهيءَ جو هڪ غيرفاني موقعو آهي، جنهن جي توحيد جو نقش هميشه اجاگر رهندو.
مون پنهنجيءَ تصنيف ”تذڪري“ ۾، حمل فقير جي ڪلام مان انهن بيتن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سسئيءَ ۽ سندس ساهيڙين جي گفتگو ڏني اٿم. مراد فقير، پنهنجي ڪلام ۾ ”سوال - جواب سسئيءَ،“ جو جدا عنوان رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڻندڙ حقيقت موجود آهي.

حمل فرمائي ٿو:

آتڻ ڇڏي اَڄُ، ائٽ اولاڻي نڪرو
موڪلائي مون ڪنان، روئي ڪريو رَڄُ
هـَـي هـَـي هوت وٺي ويا، ڪانڌ مئيءَ جو ڪـَـڄُ
هاڻي هت ”حمل“ چئي، ڌار ٽڪڻ ٿيو لـڄُ
تنهن منهن ڇائيَ ڇـَـڄُ، جا وَرَ ريءَ ويس ڪري گهمي.

ساهيڙيون جواب ڏينس ٿيون:

تڏهن ساهيڙين سڏڪي چيس، ڳوڙها ڳل ڳاڙي
هـَـي هـَـي وَڃُ مَ هيڪلي، سسئي تون ساڙي
هاڻي ٽـِـڪُ، ”حمل“ چوي، پـَـهـَـرُ ڪو پاڙي
ته سڀيئي سڀاڙي، توسان هلون هوت ڏي.

سسئي جواب ٿي ڏي:

چئي صبح تائين سرتيون، ڪهڙي جوش جهلي
سسئيءَ کي ساٿ ويو، سورن ساڻ سلي
جا هلڻي آهه هلي، مون سان هينئر ئي هوت ڏي.

”حمل“ هن سوال ۽ جواب جي سلسلي ۾ سسئيءَ جي بيقراريءَ جو نقش جنهن ريت ويهي ڪڍيو آهي، ان مان سندس درد ۽ دل آسائي واضح طور نظر ٿي اچي. مگر مراد فقير جي سوال ۽ جواب جو رنگ ئي ٻيو آهي. ناصح ۽ سسئيءَ جو سوال ۽ جواب آهي. فرمائي ٿو:

تڙ تڙ تـَـڪ مَ تور، ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين
نڪي هاڙهي هوت ويو، نڪي حب، هنگور
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، ڀوري منجهه ڀنڀور
ناحق ڏيهه مَ ڏور، اَٿي دل ۾ ديرو دوست جو.

سسئي جواب ٿي ڏئي:

عاشقن اِئين، ڪين سري ريءَ سڄڻين
موٽڻ جا ”مراد“ تون، ڪيئن ٿو ڏس ڏئين
پيالو پريت جو، جي هٿئون هوت پئين
تان جان ڪو ڏينهن جيئن، تان ڪوڪون
ڪرين قاف ۾.

فقير ”مراد“ جو مذاق ئي پنهنجو آهي. سندس سخن جو رخ هڪ پيغام جي حيثيت رکي ٿو. هن سوال ۽ جواب ۾ به هن حقيقت تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا سندس ڪامياب فڪر جو نشان آهي.

سندس سرائڪي ڪلام به، سنڌي ڪلام وانگر رَسَ ڀريو ۽ فيض جو ڀنڊار آهي، اهوئي قلبي واردات جو جوش ۽ جذبو آهي. محبت جي سودي جي قيمت، سندس نظر ۾، عاشق جي جان جي قرباني آهي، جنهن جو اظهار هن جابجا ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

سر ڏيوڻ تان ڪهڙا سانگا، صوفي سوڀ نه ٿيوي،
وچ ميدان محبت دي، نت ”مـُـوتـُـوا“ موت مريوي،
سر سرواهه سجن تون صدقي، تن من گهول گهتيوي،
يار ”مراد“ ماڻيسي سو، جو جنديان مر ڪر جيوي.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:

جي تو طلب ملڻ دي سڄڻان، تان سرڪون نال نه چائين،
اول علقئون ڪرين جدائي، پير پيڇي تون پائين،
ڇوڙي خيال خام خودي دي، مين ڪون مار منائين،
جو جينديان سندي جاءِ نهين، بن مويان ”مراد“ اِٿائين.

صوفين جي نفيءَ ۽ اثباب جي گت کان علحده، هن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، ته محبت بجاءِ خود هڪ عجيب حقيقت آهي. پتنگ شمع تي جلڻ لاءِ جيڪر ڪڏهن به تيار نه ٿئي، مگر ان جي اندر شمع جي آگ کان زياده روشنيءَ جي لاءِ جلڻ موجود آهي، جنهن جي مقابلي ۾ آگ ۾ ٽپي پوڻ وڌيڪ آسان بڻجي پوي ٿو. هيءُ هڪ اهڙو جذبو آهي، جنهن جي قدر ۽ قيمت جي خبر ان کي آهي، جو پنهنجي زندگيءَ کان ان جذبي کي زياده اهميت ڏئي ٿو. شاهه ڀٽائيءَ ۽ نوجوان جت جو واقعو ان جذبي جو هڪ مثال آهي. عرب جي حسن ۽ عشق جي داستانن ۾ اهڙا واقعا اسان کي ڪيترائي ملي سگهن ٿا. ”اصمعي“ ، جو خليفي هارون رشيد جي درباري عالمن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هڪ اهڙيءَ اکين ڏٺيءَ ڪهاڻيءَ جو ذڪر ٿو ڪري. هو لکي ٿو ته:

”هڪ ڏينهن مان سير لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس، هڪ پٿر تي لکيل ڏٺم:

آ يا مـَـعشرالعشاق بالله خبّروا
اذا حل عشق بالفتيٰ ڪيف يصنعِ

(اي عشاقن جا گروهه، خدا جي واسطي مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن تي عاشق ٿي پوي، ته ڪهڙي تدبير ڪري؟)

”اصمعي“ چوي ٿو ته مون ان جي جواب ۾ لکيو:

يـُـداري هواه ثم يڪتم سره
وَيخشع في ڪـُـل اُلامور و يخضع

(پنهنجي خواهش ۾ نرمي آڻجي، پوءِ ڳجهه کي لڪائجي، سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ نياز ۽ ادب کي ڪم آڻجي.)

”اصمعي“ چوي ٿو ته جڏهن مان ٻئي ڏينهن ويس، تڏهن ڏٺم ته ان شعر جي هيٺان ٻيو شعر لکيل هو:

فکيف يـُـداري وَالهوي قاتل اُلـَـفتيٰ
وفي ڪـُـل يوم قلبہ يتقطع

(ڪهڙيءَ ريت هو پاڻ کي ڇپائي، ڇو ته عشق جوانن کي قتل ڪرڻ وارو آهي، هر روز ان جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهي آهي.)

”اصمعي“ چوي ٿو ته مون ان جي جواب ۾ لکيو:

اِذا لم يجد صبراً لکتمان سره
فليس لہ شيءِ سوي الموت ينفع

(پوءِ جيڪڏهن هن ڳجهه کي ڇپائيندي صابر ٿي نه سگهي، ته موت کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ فائدي واري ٿي نٿي سگهي.)

”اصمعي“ لکي ٿو ته ٻئي ڏينهن مون وڃي ڏٺو، ته هڪ جوان مئو پيو هو! مون کي ڏسي بيحد افسوس ٿيو. منهنجي جواب ۾ هيٺان ٻه شعر اتي لکيل نظر آيا:

”ٻـُـڌم ۽ مون ان جي تابعداري ڪئي، ۽ مري ويس.... منهنجا سلام اُن شخص کي ڏجو، جنهن مون کي وصال کان محروم رکيو آهي! نعمتن وارن کي نعمتون مبارڪ ٿين، ۽ ويچاري محبت واري کي زهر جو ڍُڪ (صبر)!“

هي ته مجازي محبت جي حالت آهي، پر حقيقي محبت جي جوش ۽ خروش جو ڪو اندازوئي نٿو لڳائي سگهجي:

خدا رحمت ڪـُـند اين عاشقانِ پاڪ طنيت را.

محبت الاهي جي جوش کي ”مراد“ مجازي محبت سان ڀيٽيندي، سڌڙين کي هيئن ٿو خطابُ ڪري:

لاف مريندي لـڄ نهين آوندي، عاشق نانءُ سڏيندا،
همت هندو دي زن جتلي، تون ڪاهر نهين ڪريندا،
اُو مـَـرَ پوندي مردي اُتي، تون دل دلبر نهين ڏيندا،
پر يار”مراد“ مريسي سوئي، جو جيندي مر ڪر جيندا.

فارسي شاعريءَ جو شهباز، اَمير خسرو پڻ اسان کي ساڳيو مثال ڏئي ٿو:

خسروا، در عشقبازي ڪم ز هندو زن مباش
اُو برايء مرده سوزد، زنده جانہِ خويش را.

(خسرو، محبت جي راند ۾ هندو زال کان گهٽ نه پئه: هوءَ ته مردي جي لاءِ پاڻ کي جيئري جلائي ٿي!)

سـَـتـِـي لـَـڪڙيءَ جو رواج اگرچه انسانيت سوز ۽ مذموم طريقو آهي، مگر هندو عورت جي مستعديءَ کي وساري نٿو سگهجي. هوءَ ته هڪ لاش جي مٿان پاڻ کي آگ ۾ اُڇلائيندي ٿي رهي، جنهن جو مقصد اَدنا آهي. مگر عشق الاهي، جو هڪ بامقصد فريضو آهي، ان کان پنهنجي اکين کي ٻوٽڻ ڪڏهن به محبت جي راهه ۾ معاف ٿي نٿو سگهي. ان لاءِ ته اعليٰ عزم جي ضرورت آهي. ”مراد“ ان جي تلقين هيئن ٿو فرمائي:

اَول فرض نماز جنازه، عاشق ادا ڪريندي،
ڏيندي ترڪ تعلق سڀ ڪون، مر تڪبير مريندي،
چشمي عشق حقيقي دي وچ، سر ڏي وضو سريندي،
سي مشتاق ”مراد“ پيڇي وت، ڪيهي قرض ڀريندي.

”مراد“ اسان جي سامهون الاهي محبت جي تصوير ”منصور“ ۽ ”سرمد“ جي رنگ ۾ پيش ڪري رهيو آهي، جو هڪ ايڏو عظيم نقش آهي، جنهن جي متابعت ۽ تقليد ته پري رهي، رڳو ڏسندي به بدن تي لرزو طاري ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ”مراد“ انهيءَ منزل جو آشنا هو، ته يقيناً هو پنهنجي دور جي ڪاملن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو. هو محبت الاهي جو سادو پروگرام هيئن ٿو پيش ڪري:

جي ڪرين رياضت رب دي، تان تون صورت سمجهه صفاتي
اول مال زڪوات ڏيوين، سر ڪر هٿ ”لا“ دي ڪاتي
روزا رکين غير ڪنون، تان عين ٿيون اَثباتي
جو حج حضور شريف اَٿاهين، دل وچ پائين جهاتي
پڙهين نماز ”مراد“ مدامي، رهين ذڪر وچ ذاتي،
تان ملڪ الموت ڪنون جند ڇـُـٽي، حاصل ٿيوي حياتي.

اسلام جي چئن رڪنن کي طريقت اندر ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان ”مراد“ سمايو آهي. نماز، روزي، زڪوات ۽ حج کان سواءِ، هو جهاد اڪبر کان به واقف آهي، جو آهي ”ذڪر ذاتي.“ جيڪڏهن اهي شيون محبت الاهي جي طالب کي حاصل ٿي وڃن ته هو واقعي ابدي حيات جو وارث آهي. اهڙيءَ ريت سندس سرائڪي ڪلام سڄوئي سوز ۽ ساز آهي. محبت جي پيچيده راهن کان دور، هو صراط المستقيم جي صاف سطح تي پنهنجي ڪلام سان وٺي وڃي رهيو آهي. هو قرآن حڪيم جي ارشاد عالي، ”لـِـم تقـُـولـُـون مالا تـَـفعـَـلـُـونَ“ (اهو ڇو ٿا چئو، جيڪو نٿا ڪريو) کي پوريءَ ريت ڄاڻي ٿو. دنيا جيڪڏهن ابن العربيءَ ۽ امام غزاليءَ جي تصوف جي باريڪين جي مداح آهي، ته ”روحل“ ۽ ”مراد“ به انهيءَ ئي راهه تي گامزن آهن. ليڪن مٿين بزرگن کي سمجهڻ وارا حاصل ٿي نه سگهيا، پر هنن جي ڪلام جي مٿان بيقدريءَ جو ايترو ته لـَـٽُ چڙهي چڪو آهي، جنهن جي لاهڻ لاءِ هڪ مضبوط صـَـيقل جي ضرورت آهي. ڪاش، اهو صيقل ميسر ٿي سگهي!

مراد فقير جو هندي شاعريءَ ۾ وڏو درجو آهي. هن ان زبان ۾ ٿورا شبد ۽ ”پريم گيان“ نالي گرنٿ لکيو آهي، جنهن ۾ عشق الاهي جي ذڪر کي نهايت عمدي پيرايي ۾ ڏنو آهي. ”پريم گيان“ متعلق دلپت صوفيءَ[1] جي راءِ آهي ته:

”پريم گيان، ساکيات هيرن جي کاڻ آهي. منجهس هن پريم جي مهما اهڙي ته ڪئي آهي، جنهن جي ساراهه ٿي نٿي سگهي. هو بهو سکمنيءَ صاحب[2] جي سـِـڪ پيئي لهي.“

هيءَ هڪ ان درويش صوفيءَ جي راءِ آهي، جو سنڌي زبان جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. هن حقيقت کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته ”پريم گيان“ تصوف جو هڪ بهترين رسالو آهي، جنهن ۾ پريم جي جوت کي شروع ۾ ستگر جي نگاهه سان جاڳايو ويو آهي. فرمائي ٿو:

گرو ڪرپا تي اُپجي گيان،
تانتي پائيئي پد نرٻان.
گـُـرو ڪرپا تي ڪال نه کاءِ،
جنم، مرن ڪا سنسا جاءِ.

(گروءَ جي مهربانيءَ سان سمجهه حاصل ٿئي ٿي، ان کان پوءِ ئي نجات جو درجو حاصل ٿئي ٿو. جيڪڏهن گرو جي ڪرپا حاصل ٿئي ته موت ڇاجو؟ ڄمڻ ۽ مرڻ جو خيال ئي هليو وڃي.)

ڄڻ ڪبير[3] جو ارشاد ٿي رهيو آهي.

برهه جلنتي ديک ڪر، سائين ڪرپا ڪر آئي،
پريم بوند سي ڇڙڪ ڪر، جلتي لـِـئي بجهائي.

(محبت جي آگ کي جلندو ڏسي، ستگر مهرباني ڪري آيو: محبت جي قطرن کي ڇڙڪي، ٻرندڙ آگ کي وسائي ڇڏيائين.)

مراد، محبت جي وصف هيئن ٿو ڏئي:

پريم بنا جڳ ميت نه ڪوئي، پريم بنا من ڀاو نه هوئي.
پريم بنا آگياني انڌا، پريم بنا سڀ جوٺا ڌنڌا.
پريم پرڪاش ”مراد“ جو هوءِ، سـُـک اُپجي دک رهي نه ڪوءِ.

(محبت بنا جڳ ۾ ڪوبه عزيز ٿي نٿو سگهي ۽ محبت کان سواءِ دل جي ورونهن ٿي نٿي سگهي. محبت بنا جاهل انڌو آهي، محبت کان سوا ٻيو ڪار ۽ ڪم ڪوڙ آهي. محبت جو جلوو جيڪڏهن ”مراد“ تي پوي، ته سک ملي ۽ دک جو نالو ئي نه رهي.)

پريم جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ مراد جي نظر ۾ طالب جي هيءَ حالت بڻجي پوي ٿي:

سانت چـِـتُ، پريم آنند سروپ، سڀ گهٽ ديکي اپنا روپ.

(دل کي سڪون ۽ محبت خوشيءَ جي صورت بڻجي پوي ٿي ۽ پوءِ هر جاءِ تي کيس پنهنجي ئي صورت نظر اچي ٿي.)

هيءَ آهي ”پريم گيان“ جي اختصار ڀريل وياکياڻ. هنديءَ ۾ سندس چيل شبد به ميٺاج ۽ رس جو مثال پاڻ آهن. انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

سنتوپي ڪي آڪـَـٿِ ڪهاڻي،
ڪنهن هــڪ ڄاڻڻ هاري ڄاڻي.

1- نير بنا هڪ نجهر جهرت بن مک پيوڻا پاڻي،
پيوت آپئيا، پريم سک پايا بن رسنا رس ماڻي.
2- ڪر بن ڪرڻي آسن بن ڌرڻي بن پڳ پد نرٻاڻي،
بن سروڻ ڌُن سمجهيئي سنيئي اگم آگوچر واڻي.
3- امورت مين هڪ مورت پر گهٽي بن نيوڻا درساڻي،
سيس بنا نت تانڪو نويئي شيوا سا پرماڻي.
4- ڪهئيا سننيا ڪو ئي پار نه پايا اچرج هي حيراني،
ڪهت ”مراد“ مٽي جب ممتا جوت ۾ جوت سماڻي.

( اي درويشو، دوست جي ڪهاڻي ڪFٿي نٿي سگهجي. اهوئي ان کي ڄاڻي سگهي ٿو، جو ان جو واقف آهي.)

پاڻي بنا هڪ نهر آهي، جا وهي رهي آهي، ۽ وات کان سواءِ پاڻي پيئڻو آهي جنهن ان کي پيتو، ان کي محبت جو سک حاصل ٿي ويو، بن زبان جي هن اُنَ ميٺاڄ کي ورتو.

جتي هٿن کان سواءِ ڪم ڪرڻو آهي، نه نشست آهي، نه زمين، بنا پيرن جي نجات جو درجو حاصل ڪرڻو آهي، بنا ڪن جي اُن خوشيءَ جي آواز کي ٻڌڻو آهي، جا ناممڪن ۽ اڻڏٺل حقيقت آهي.

جنهن جي ڪابه صورت نه آهي، ان مان هڪ صورت ظاهر ٿي، جنهن جو ڪوبه مڪمل روپ نظر نٿو اچي. پنهنجو سر وڃائي ڪو اتي جهڪي، اهائي خدمت اتي درڪار آهي.

جنهن ٻڌايو ۽ ٻڌو، ان کي ان جو ڪوبه سـُـراغ ملي نه سگهيو، ڪيڏي نه هيءَ عجب جهڙي حقيقت آهي ”مراد“ ، جڏهن دوئيءَ جو هيءُ انديشو گذري ٿو وڃي، تڏهن روشني، روشنيءَ ۾ سمائجي ٿي وڃي.)

مراد فقير هن نظم يا گيت ۾ تصوف جي هڪ نُڪتي کي دقيق فلسفيانه رنگ ۾ پيش ڪيو آهي دوست جي وصال جي ڪهاڻيءَ کي اهڙي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿس، جنهن کي ”ايمان باالغيب“ جو مشاهدو چئي سگهجي ٿو. پاڻيءَ بنا نهر، وات کان سواءِ پاڻي پيئڻ ۽ زبان کان سواءِ ميٺاج حاصل ڪرڻ، هي سڀ ناممڪنات ۾ داخل آهن. اهڙيءَ ناممڪن شيءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيڏي نه ڏکيائيءَ جو سامهـُـن ڪرڻو پوندو. اهوئي سبب هو، جو انهيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ شوق وارن سر جي قرباني ڏني.

(2)

آپ مون درسن پايا ري ساڌو، آپ مون درسن پايا!
هـــيـــرو آمـــــــول هـــــــــــــي، تـــاســـون لـــهـــر لڳايا.



1- چنچل چـِـت نهچل ڀيو ميرو، لعل اَمر ڀئي ڪايا.
2- ڀئي ڪرپا تب ٻنڌن ٽوٽي، ستگور الک لکايا.
3- آشا ترشنا مٽ ڳئي من ڪي، ملي منگل مايا.
4- ڪهت ”مراد“ مٽي جب ممتا، سهجي سهج سمايا.

(اي درويش، مان ”پاڻ“ مان ئي دوست کي ڏٺو آهي.

هيءُ اهو قيمتي هيرو آهي، جنهن سان ”مان“ محبت لڳائي آهي. منهنجو بي آرام روح وڃي سڪون جي اندر پيو آهي، ۽ هي خوش خوش جسم غيرفاني بڻجي ويو آهي.

جڏهن ان جي مهرباني ٿي، تڏهن هي بندشون (دنيا واريون) ٽٽي پيون. سچي مرشد اَلک ڏيکاري ڇڏيو.

اُميد جي پياس دل کان مٽجي ويئي، ۽ خوشيءَ جي دولت حاصل ٿي ويئي. ”مراد“ چوي ٿو ته جڏهن هيءُ دوئيءَ جو خيال مـَـٽيو، تڏهن خوشيءَ ۾ خوشي سمائيندي رهي.)

هن کان اڳ واري گيت يا شبد ۾ فراق جي تصوير کي چٽيو اٿس ۽ هن گيت ۾ وري وصال جي خوشيءَ کي بيان ڪيو اٿس. مشهور صوفي شاعر، مغربي عليه الرحمة سچ فرمايو آهي:

گويند ڪ ڪنہ ذات اُو نتوان يافت،
ما يافته ايم، ڪنهش مائيم.

(چون ٿا ته ذات جو ڳجهه معلوم ٿي نٿو سگهي، اسان ان کي لڌو آهي، ۽ اسين ئي ان جو راز آهيون.)

صوفي حضرات وڏيءَ جستجو کان پوءِ ان منزل تي پهچن ٿا، جو انهن جو وصال آهي، ۽ اهائي ڪائنات جي خالق جي ڪامل صفت آهي. حقيقت ۾ هيءُ وحدت الوجود جو آخري درجو آهي، پر ”مراد“ جي قول موجب، اهوئي هن منزل تي پهچي ٿو، جيڪو دوئيءَ جي فڪر کي مٽائي ٿو. جيڪڏهن هو ائين نه ڪري سگهيو آهي، ته پوءِ محمود شبستري، ”گلشن راز“ جي مصنف، جي راءِ آهي:

ترا گر نيست احوال و مواحيدمشو ڪافر بناداني ز تقليد

(توکي جيڪڏهن اها حالت ۽ هيڪڙائي ميسر ٿي نه سگهي، ته ڪنهن جي اجائي تقليد ڪرڻ سان پاڻ کي بيوقوف بڻجي ڪافر نه بڻاءِ.)

سچ، محبت جي راهه ڪا آسان شيءِ نه آهي. ڪنهن جي مجال آهي، جو بنا ڪنهن حقيقت جي، سراپا جلال سان وصال جي دعوا رکي سگهي!

(3)

ايسا ستگور گيان بتايا،
ممتا ڀاڳي، ڊوب ترايا.

1- ڪام، ڪروڌ، اهنڪار مٽايا
”مين“ ڪا جب مول گنوايا
2- ڀوساگر پار اُتاريا
نرڀو هويا ڀـُـوءَ نهين وياپي
3- ستگر شبد گگن ڌُن لاگي
حد بي حد نا رهي ڪائي
4- رنگ نه روپ نه صورت مورت
ڪهت ”مــــراد“ سـُـنـو ڀائـــي ســـاڌو



سيل سنتوک گهر آيا،
رام نام رنگ لايا.
گور پـُـوري پڪڙ چڙهايا،
انحد ناد بجايا.
سوين ڌئار درسايا،
اُوَ گـَـت الک لکايا.
بن نينا ورسايا،
گهـٽ مين هـــي او گهٽ پايا.

(سچي مرشد مون کي اهڙي سمجهه عطا ڪئي، جو دوئي ڀڳي ۽ ٻڏندڙ کي تاري ڇڏيائين.

شهوت، ڪاوڙ ۽ وڏائي مٽجي ويئي، صبر ۽ قرار گهر ۾ آيم. جڏهن هڻڻ جي هستي ڀڄي پئي، تڏهن ذڪر الاهيءَ پنهنجو رنگ لاتو آهي.

سچي مرشد وڏي سمنڊ کان پار ڪري، هٿ وٺي، محبت جي شهر ۾ پهچائي ڇڏيو. ڪوبه خوف نه رهيو، نه وري ڪو خوف پيدا ٿيندو، هـُـن وحدت جي ناد کي وڄايو آهي.

سچي مرشد جو اُچار آسماني آواز بڻجي ويو آهي، ۽ ڏهين دروازي (ترڪوٽي) ۾ ان جو نظارو آهي. حد ۽ لاحد مٽجي ويئي ۽ هر حال ۾ الک ئي الک ٿو نظر اچي.

نه رنگ آهي نه بوءِ، نه صورت آهي، نه مورت، اکين کان سواءِ هن اُها نعمت بخشي. ”مراد“ چوي ٿو ته اي درويشو، ٻـُـڌو، مون پنهنجي اندر ۾ ئي ان حقيقت کي پاتو آهي.)

مٿئين نظم ۾، مراد فقير مرشد جي ضرورت تي پنهنجي خصوصي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي. عارف رومي فرمائي ٿو:

قال را بگذار مردِ حال شو
صد ڪتاب و صد ورق در نارڪـن



پيش مردي ڪاملــي پامال شو،
خفته دل را يک دمي بيدارڪن.

(ڳالهين ڪرڻ کي ڇڏ ۽ عمل جو مرد بڻجي وڃ. ڪنهن ڪامل مرد جي وڃي خدمت ڪر. سؤ ڪتاب ۽ سؤ ورق جلائي ڇڏ، ننڊ ۾ پيل دل کي هڪڙيءَ گهڙيءَ لاءِ سجاڳ ڪر.)

طريقت جي مرحلي ۾ شيخ طريقت جو رتبو، قطب تاري وانگر آهي، جو رات جو اونداهيءَ ۾ ڀٽڪيل مسافر کي راهه جي طرف رهنمائي ڪري ٿو. هيءَ حقيقت خود پنهنجو اعتراف پاڻ ٿي ڪري. جيڪڏهن شريعت جي علوم جي تربيت لاءِ هڪ ڪامل استاد جي ضرورت آهي، ته طريقت جي راهه لاءِ به هڪ اهڙي ڪامل جي ضرورت آهي، جو ان راهه جو پوريءَ ريت واقف هجي. معرفت ۽ حقيقت جي منزلن تي پاڻ تي اعتبار ڪرڻ، مقصد کي گم ڪرڻو آهي.

حافظ فرمائي ٿو:

قطع اين مرحله بي همرهيء خضر مڪن،
ظلمات است و بترس از خطر گمراهي.

ڪنهن خضر جي همراهيءَ کان سواءِ هن منزل تان نه گذر، ڇو ته ظلمات (بيخبري) جو پنڌ آهي ۽ واٽ کان ڪـُـواٽ وڃڻ جي خوف کان ڊڄندو رهه.)

شيخ طريقت، سلف صالحين جي نگاهه ۾ ”اوليٰ الامر آهي، ۽
”اوليٰ الامر“ ڪڏهن به بي راهه رويءَ جي طرف وٺي نه ويندو.

(4)

موري پيا ڪو سنيهو چا ڪـَـهيو،
ڪيون نهين آوت، ڪاهي ڪو بيٺ رهيو.

1- مين تو تمري چيري
بالم بديس جاڪي ڦيري
2- وينتي ڪرت تو هي
ٻل ٻل جائون تو پي
3- هس هس گرهه لگائون
جـــب مـــلـــي دک ڀنـجن


ڪاري نه ڪرتا ميري،
سڌ ڪيون نه لهيو.
موهن ملادو موهي،
آڪي مـُـک دکيو.
من ڪي مراد پائون،
ســـنـــــدر ڪــــنـــئـــيــــو.

بهرحال، مٿي مراد فقير جي هندي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي، تنهن مان خبر پوي ٿي ته هو هندي زبان جو قادرالڪلام شاعر هو. هو فارسي زبان جو به وڏو ڄاڻو هو، ۽ مرحوم حاجي امام بخش ”خادم“ جي بياض ۾ سندس فارسي شعر جو انتخاب موجود آهي، جنهن جو ڪجهه حصو مون ”تذڪري“ ۾ ڏنو آهي. هت ان مان وڌيڪ چيزون ڏيان ٿو، ته جيئن ان انتخاب جي بدولت اسين سندس فارسي ڪلام جي نوعيت کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگهون.

غزل

ساقيا ده شراب ناب مرا
گرچه ام الخباث مي خوانند
بطبيب عشق درد خود گفتم
در ره عشق به سبــک ســاري

که بر آرد همه حجاب مرا
نيست ازين صواب مرا
مي خور گفت در جواب مرا
بــــار ســـر کـــرده اضطراب مرا

گر رود سر ”مراد“ رفتن ده
نيست پروا چنين حساب مرا.

ترجمو:

1- ساقي، مون کي شراب ڏي، جيئن اهو سڀني پردن کي کڻي وٺي.
2- جيتوڻيڪ اُن کي ”خرابين جي ماءُ“ چيو وڃي ٿو، پر اُن سان منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي.
3- عشق جي طبيب کي مون پنهنجو درد ٻڌايو، هن جواب ڏنو ته خوب شراب پيءُ.
4- عشق جي واٽ ۾، باوجود تيزيءَ جي، اسان جي مٿان اُن بارَ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
5- ”مراد“ ، جيڪڏهن سر وڃي ٿو ته وڃڻ ڏينس، مون کي ڪنهن به ريت اُن جي پرواهه نه آهي.

غزل

دلم درياست ءُ پايان ندارد هيچ ساحلها،
منم غواص گوهر جان ز صد دُردانه افضلها.
نه اين دريائي از آب است، نه آن دُرها صف دارد،
ولي دل مخزن آن گنجــڳ بدست آرنــد اکملها.
ندارد همسري خورشيد تابان باتجلي اُو،
کــه در هـــر مہ بــدر آيــد نـمي بينند اَحوَ لـُـها.
اگر باور نمي داري ”وَفي اَنفـُـس“ بيا بنگر،
که آن ســــالار ديـــــن فرمود در قرآن محفلها.
توئي خودبين اي نادان ز بعدش ماندهء محروم،
وگــر نه در همه حــــال آن، بتو ياورو شاملها.
چگويم وصف مظهر اُو برون از حد اوصاف ست،
چه شد گر تو نمي بيني ”مراد“ آن ديد در دلها.

ترجمو:

1- منهنجي دل اُن اونهي درياءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪي به ڪنارا نه آهن. مان روح جي موتيءَ جو ٽوٻو آهيان، جو سـَـوَن قيمتي موتين کان به مهانگو آهي.
2- هيءُ درياءُ پاڻيءَ وارو نه آهي، نه وري انهن موتين کي سـِـپـُـون آهن، بلڪ دل اُن خزاني جي کاڻ آهي، جنهن کي ڪي ڪامل ئي هٿ آڻي سگهن ٿا.
3- انهن جي تجليءَ سان، چمڪندڙ سج به مقابلو نٿو ڪري سگهي. هر مهيني چنڊ ته اچي ٿو، پر ان کي ٽيڏا ڏسي نٿا سگهن.
4- جيڪڏهن توکي مون تي اعتبار نٿو اچي، ته پنهنجي اندر ۾ ان کي نهار (وَفـِـي اَنفـُـسڪـُـم اَفـَـلاَ تـُـبـُـصرون)، جو دين جي سردار قرآن شريف جي مجلسن ۾ ائين ٻڌايو آهي.
5- تون خود پسند آهين، ان ڪري کانئس پري رهجي ويو آهين، نه ته هو هر حال ۾ توسان مددگار ۽ شامل آهي.
6- مان سندس اظهار جي ڪهڙي ساراهه ڪريان. سندس وصفن جي حد ۽ شمار نه آهي. ”مراد“ ، جيڪڏهن تون ان کي دل جي اندر نٿو ڏسين ته ڇا ٿي پيو.

غزل

بدل اگر عاشق شوي، مردانه شو، مردانه شو،
شب روز در جو لانگهي، مــردانه شو، مردانه شو.

از جاه جم همت طلب، مفتون مشو آب عنب،
تاچند باشـــي تشنه لـــب، مـردانه شو، مردانه شو.

دنيا عروسي پـُـر غدر، زين زن بود خوف و خطر،
اي ده طلاقـــش زود تـــر، مـــردانه شو، مردانه شو.

پيراهنِ تن را بدر، دروي نشان يوسف نگر،
جان، ديده دل کن بهره ور، مردانه شو، مردانه شو.

طوفان عشق انگيختن، کشتي بدر يا مي زدن،
بانـــوح همزانـــو شـــدن، مردانه شــــو، مردانه شو.

از عالمي بيگانه شو، بايار خود همخانه شو،
از خود ”مراد“ افسانه شو، مردانه شو، مردانه شو.

ترجمو:

1- اي دل، جيڪڏهن تون عاشق ٿيڻ گهرين ته همت ڌار. رات ڏينهن ڊڪ ڊوڙ ۾ آهين، ڪجهه همت ڌار.
2- جمشيد جي پيالي کان همت وٺ، انگور جي پاڻيءَ (شراب) جو شوقين نه ٿي. ڪيستائين پياسو رهندين، ڪـُـجهه همت ڌار.
3- دنيا فريب ڀريل ڪنوار آهي، انهيءَ عورت مان خطروئي آهي. جيترو جلد ٿي سگهي، کيس طلاق ڏي، ڪجهه همت ڌار.
4- جسم جي ڪپڙي کي ڦاڙي ڇڏ، اُن ۾ يوسف (دوست) جي نشان کي ڏس. روح، اک ۽ دل کي اُن سان ڀرپور ڪر، ڪجهه همت ڌار.
5- عشق جي طوفان کي اُٿارڻ جو مقصد آهي، ٻيڙيءَ کي درياءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ. حضرت نوح سان گڏ ٿي، ڪـُـجهه همت ڌار.
6- جهان کان بيگانو ٿي، دوست سان گڏ رهه. ”مراد“ ! پنهنجو پاڻ افسانو ٿي، ڪجهه همت ڌار.

غزل

به نيروئي قدرت چه صنعت گري
قلم قدرتت نقش بسته بر آب
ز پشت اُوري نطفئه در شکم
که پيش از تولد شدن آن پسر
چو پرورده شد بچه با عزو و ناز
يلطفِ تو چون در بـــلاغت رسيد

که کس را نباشد بتو همسري
تو بـي مثل صورت جهان آفري
تو آن نطفه را در شکم پروري
زخونـڳ به پستان تو شير آوري
نهي در دلش نور دانشوري
بــــروي زميــنـــش دهــــي سروري

چو از خود دهد رزق رازق ”مراد“
تو از بهر روزي چرا غم خوري.

ترجمو:

1- قدرت جي طاقت جي ڪيڏي نه ڪاريگري آهي، جو ڪنهن کي به طاقت نه آهي، جو تنهنجو مقابلو ڪري سگهي.
2- تنهنجي قدرت جي قلم پاڻيءَ تي نقش کي چٽيو آهي. تنهنجي صورت بيمثال آهي، ۽ جهان کي پيدا ڪندڙ آهي.
3- پـُـٺ کان نطفي کي پيٽ ۾ آڻين ٿو، ۽ اُن نطفي کي وري پيٽ ۾ پالين ٿو.
4- اُن ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾، ٿڻن ۾ رت مان کير پيدا ڪرين ٿو.
5- جڏهن ٻار تمام عزت ۽ ناز سان پلجي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن اُن جي دل ۾ عقل جي نور کي روشن ڪرين ٿو.
6- جڏهن هو تنهنجيءَ مهربانيءَ سان بلاغت کي پهچي ٿو، تڏهن زمين جي مٿان اُن کي سرداري بخشين ٿو.
7- ”مراد“ ، جڏهن ته رازق پاڻ ئي رزق پهچائي ٿو، تڏهن تون پنهنجي روزيءَ لاءِ ڇو پيو غم کائين!

غزل

قدر خود را چرا نمي داني،
ذات قدسي، کمال انساني.

خود پرستي مکن که خود بيني،
کار کفر است در مسلماني.

اهر من نفس را مقيد کن،
که توئي آصفِ سليماني.

عيب خود را اگر شناس شوري،
خود بخود دم زني ”زمن راني.“

در يقينت چو شد خودا ثابت،
”لـِـمنِ المـُـلڪ“ خود همي خواني.

از خضر آب زندگي مـَـطلب،
که تو سر چشمه آب حيواني.

کـُـنج عزلت گزين که خواهي يافت،
در گدائي ”مراد“ سلطاني.

ترجمو:

1- پنهنجو قدر ڇو نٿو ڄاڻين؟ تون پاڪ ذات آهين ۽ انسانيت جو ڪمال آهين.
2- پاڻ تي غرور نه ڪر، جو اها وڏائي اسلام جي اندر ڪفر شمار ٿئي ٿي.
3- نفس جي ديو کي قيد ڪر، جو تون حضرت سليمان (نبي) جو آصف (وزير) آهين.
4- پنهنجي گهٽتائيءَ کان جيڪڏهن واقف ٿئين، ته خودبخود ”مان ڏٺو“ جو نعرو هڻين.
5- تنهنجي يقين ۾ جڏهن خدا ثابت ٿي ويو، تڏهن ”ڪير آهي بادشاهه“ خودبخود پڙهين.
6- حضرت خضر کان پاڻي نه گهـُـر، جو تون پاڻ آبحيات جو چشمو آهين.
7- ”مراد“ ، گوشي نشينيءَ کي اختيار ڪر، ته فقيريءَ ۾ توکي بادشاهي ملي ويندي.



رباعيات

(1)

آب و آتش، باد و خاک از که زاد
در طبع آن اختلاف چون اُفتاد

جوهر اندر جسم آمد از چه سود
باز گشتن اُو چه بد حاصل ”مراد“ .

(باهه، پاڻي، مٽي، ڪنهن مان پيدا ٿيا آهن؟ انهن جي طبيعت ۾ ڇو اختلاف آهي؟ جسم جي اندر جيڪڏهن جوهر (روح) آيو ته ڪهڙو فائدو، وري ان جي موٽي وڃڻ جو ڪهڙو مطلب؟)

(2)

از کعبهء عشقبازان رخسار يار بہ
محراب پاکبازان آبرو نگار بہ

احرام عارفان همه بستند گرد دل
گشتن ”مراد“ گر دل از حج هزار بہ.

(عشق وارن لاءِ ڪعبي کان دوست جو ڳـَـل وڌيڪ آهي. پاڪبازن جي محراب کان، حسين انسان جو ڀروُن وڌيڪ آهي. عارفن دل جي چوڌاري احرام ٻڌو آهي، ۽ ”مراد“ ! دل جو طواف هزار حجن کان بهتر آهي.)

(3)

دلا! پيرهن تن چاک چاک بايد کرد
بر سرِ ايام خاک خاک بايد کرد

آندم آمد که همي خواستم از روز وصل
”مراد“ ديدهء جانان پاک پاک بايد کرد.

(اي دل، بدن جي قميص کي ڦاڙڻ گهرجي. هن زماني جي مٿان ڌوڙ وجهڻ گهرجي. مان هميشه دوست جو وصال گهرندو رهندو آهيان، مون کي دوست جي وصال لاءِ اکيون پاڪ ڪرڻ کپن.)

(4)

عشق در دل چو چشمهء آبِ حيات
ميخورد خضر وقت در ظلمات
عشق عيسيٰ دم است روح الامين
بل ”مراد“ عشق قاضي الحاجات

(دل جي اندر عشق ائين آهي، جيئن آب حيات جو چشمو، جنهن مان خضر ظلمات ۾ ڪجهه پيتو هو. عشق عيسيٰ جو اثر رکندڙ ۽ جبرئيل آهي، بلڪ ”مراد“ ! هي قاضي الحاجات آهي.)

(5)

کجا شد سکندر، سليمان و جم
و آئينه، انگشتري، جام جم
ازان جمله حشمت نشانـــڳ نماند
”مراد“ گلڳ چين، مخور خار غم

(سڪندر، سليمان ۽ جمشيد ڪٿي آهن؟ انهن جي آرسي، مـُـنڊي ۽ پيالو ڪٿي آهن؟ سندن دٻدٻي جو ڪوبه نشان نه رهيو. ”مراد“ ! گل چونڊ، ڪنڊن جو غم ڇو ٿو کائين.)

مٿيون انتخاب آهي، جو سندس فارسي ڪلام مان ڏنو اٿم. سندس ڪلام جي هن حصي ۾ به اُهوئي بيخوديءَ جو جوش ۽ خروش ۽ اُهوئي حقانيت جو ساز ۽ سوز آهي. انسان جي پيدائش، فطرت جي صنعت جو وڏو ڪمال آهي. گوشت ۽ هڏن جو بيجوڙ مجموعو، پلجي، عقل ۽ حڪمت جي نور سان مالامال ٿئي ٿو، ۽ زمين تي سروري حاصل ڪري ٿو. هڪ باڪمال صنعتگر جو هن کان وڌيڪ واضح مثال ٻيو ٿي نٿو سگهي، ”مراد“ سچ ٻڌائي ٿو:

چو پرورده شد بچه باعز و ناز
نهي در دلش نور دانشوري
بلطفِ تو چون در بلاغت رسيد
بروئي زمينش دهي سروري

”مراد“ هت به اُن ”سروري“ جو ذڪر ٿو ڪري، جنهن لاءِ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

قدر خود را چرا نمي دئي، ذات قدسي کمال انساني.

ڪمال انسان ئي سندس عظيم هئڻ جو دليل آهي، جنهن کان متاثر ٿي. سندس رتبو اڪثر مبصر هيئن ٿا ٻڌائين:

در يقينت چو شد خدا ثابت، ”لمن الملک“ خود همي خواني.

فقير ”مراد“ جي فارسي شاعريءَ جو تخيل سندس همعصر بزرگ سرمست سچل سان گهڻي قدر قريب آهي. سرمست هن جي باري ۾ فرمائي ٿو:

دلا! بيني جمال يار جاني،
بيامد يا رما در صد مظاهر،
گهي در عشق گفتا ”رب اَرني“ ،

نمودار ست رخ در هر مکاني.
ز دريا موجها شد بيکراني،
گهي خــــود بـــاز گفتا ”لن تراني“ .

( اي دل! دوست جي جمال کي نهار، جو سندس چهرو هر جاءِ تي موجود آهي.

اسان جو دوست سون نظارن ۾ موجود آهي، درياءَ مان ڄڻ ته اَٿاهه موجون اُٿي رهيون آهن.

ڪڏهن ته عشق ۾ چوي ٿو ته ”رب پاڻ ڏيکار“ ، ڪڏهن ته چوي ته ”مان توکي ڪيئن ڏسي سگهان ٿو.“

”ديوان مراد“ ۽ ”ديوان آشڪار“ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ جا صوفيانا لهر اُٿي، ان جي رهنمائي ۾ ڪيڏي نه يڪسانيت موجود هئي. هيءُ منهنجي موضوع کان گهڻو پري آهي، جو مان ان تي پنهنجي تحقيق هنن ورقن ۾ پيش ڪريان، پر هن حقيقت کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته هڪ شمع مان، ٻي شمع روشن ٿيندي رهي آهي، جنهن جي روشنيءَ سنڌ ۾ هميشہ اخلاق ۽ ڪردار جي بلنديءَ کي نمايان پئي ڪيو آهي. ”حافظ“ سچ فرمايو آهي:

ز انقلاب زمانه عجب مدار، که چرخ،
ازين فسانه هزاران هزار دارد ياد.

(زماني جي انقلاب کان عجب نه کاءُ، جو هيءُ آسمان اهڙن افسانن مان هزارين افسانا پاڻ وٽ ياد ٿو رکي.)

ليڪن اڄ اهي حق جون صدائون، ۽ تربيتون ۽ محفلون ڪٿي؟
”تـِـلکَ الاَيام نـُـداولها بـَـينَ الناسِ“ --- اِهو وقت آهي، جو ماڻهن ۾ ڦيرائيندا رهون ٿا. زماني جي هيءَ نايڪسانيت، هردم حيات حاڪم جي لا زوال حڪومت جو غيرفاني دليل آهي.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

ڪلام جي ترتيب لاءِ هيٺيان نسخا ڪم آندا ويا آهن

الف دستخط:

1- مخدومي حاجي امام بخش ”خادم“ (خ)
2- ماستر ٿانور داس سرڳواسي (ٿ)
3- بيراڳي فقير (ب)
4- غلام علي ”مسرور“ (غ)

(سندس نامڪمل بياض تان نقل ڪيل)

(ب) ڇپيل:

1- مسٽر بولچند راجپال (سنڌو رسالو)
2- هريسنگ، بڪ سيلر، سکر.


  1. صوفي دلپترام، حيدرآباد جو مشهور سنت ٿي گذريو آهي. هو به ميرن جي آخري دور ۾ ٿي رهيو.
  2. گرو نانڪ جي هڪ گرنٿ جو نالو ”سکمني“ آهي.
  3. ڪبير، افغانن - لوڌين جي حڪومت جي دور ۾ بنارس ۾ ٿي رهيو، هندي زبان جو وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو.